الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

وائيٽ هائوس اڳيان احتجاج

ڪجهه دير واڪ بعد منور لغاري ۽ حميرا رحمان اسان کان موڪلايو، جو هنن کي انساني حقن جي rally ۾ شامل ٿيڻ لاءِ Laofayette پارڪ ۾ گڏ ٿي، پوءِ آمريڪا جي صدر جي سرڪاري گهر “دي وائيٽ هائوس” اڳيان سڄي رات تقريرون ڪرڻيون هيون ۽ نعرا هڻڻا هئا. نجم ۽ مونکي خالد هاشماڻي پنهنجي ڪار ۾ هتي جي مشهور چوراهي Dupont سرڪل وٽ نيو هئمپشائر روڊ تي هڪ ڪيفي ۾ ڪافي پيئڻ ۽ ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي آيو. ان ڪيفي جي سامهون آمريڪي يهودين جو تواريخي ميوزيم به هو. رات جو ڏهين بجي اسانکي فليٽ تي ڇڏي، پنهنجي گهر وڃڻ وقت خالد چيو ته هلو ته وائيٽ هائوس جو چڪر هڻي اچون، ته پاڻ وارا همراهه ڇا پيا ڪن.
وائيٽ هائوس اڳيان پهتاسين ته دنيا جي مختلف ماڻهن جو ميلو متل هو، جن ۾ گهڻائي انهن جي هئي، جيڪي هتي آمريڪا ۾ سياسي پناهه هيٺ رهن ٿا. هو پنهنجي حڪومتن جي ڏاڍاين ۽ ظلمن کان ڀڄي هتي آيا آهن ۽ پنهنجي وطن ۽ ماڻهن جي مصيبتن ۽ تڪليفن جا داد فرياد هتي جي عوام ۽ حڪومت کي ٻڌائين ٿا ته جن حاڪمن کي توهان سٺو سمجھو ٿا ۽ جن کي توهانجي آشيرواد مليل آهي، انهن جا اصل ۾ هي به ڪارناما آهن. ڪيترائي ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن جا هسپانوي نسل جا ماڻهو هئا، لڳي ٿو ته اتي جي ملڪن جون حڪومتون ڪجهه وڌيڪ ئي زور آور آهن. عراق، يمن، سوڊان ويندي فلپين ۽ برما جا به هئا ۽ ڪيترائي چيني نسل جا به نظر اچي رهيا هئا، جن ۾ ٿي سگهي ٿو ڪجهه منگوليا، تبت ۽ نيپال جا به ماڻهو هجن. ڪيترائي مڪاني ۽ بين الاقوامي پريس ۽ ريڊيو ٽي وي جا نمائندا هئا، جيڪي پنهنجي پنهنجي حسابَ سان هن جلسي جي ڪاروائي Cover ڪري رهيا هئا. هڪ پليٽ فارم تي واري واري تي مختلف ملڪن جا سڄاڻ ۽ دانشور تقرير ڪري رهيا هئا. جن جي اڳهين لسـٽ تيار ٿيل هئي، ته ڪير ڪنهن وقت تقرير ڪندو. پاڪستان جي خاني ۾ حميرا رحمان جو نالو هو، جنهن کي ساڍي يارهين بجي تقرير ڪرڻي هئي. خالد هاشماڻيءَ چيو ته آيا آهيون ته اڳو پوءِ ان جي به تقرير ٻڌندا هلون. سندس واري اچڻ ۾ ڪي 35 منٽ مس هئا. جنهن هنڌ تي بيهي تقرير ڪئي وئي ٿي، اتي هڪ ڏکڻ آمريڪا جي عورت پاڻ کي پڃري ۾ قيد ڪري رکيو هو. سندس اکين تي پٽي ٻڌل هئي ۽ سندس هٿن پيرن ۾ زنجيرون هيون. هوءَ پاڻَ سان ٿيل ان ظلم تي احتجاج ڪري رهي هئي، جيڪو هن سان بنا ڪنهن سبب جي هن جي ملڪ جي حڪومتي ڪارندن ڪيو هو ۽ ڪنهن نموني سان جان بچائي هتان اچي نڪتي هئي. نجم ميمڻ ان عورت جو مون کي نالو به ٻڌايو ته هيءَ اها اهم شخصيت آهي، جنهن جو احوال ڪيترن اخبارن ۽ رسالن ۾ ايندو رهي ٿو. مون سندس تصوير به ڪڍي. نالو هن وقت ذهن تان لهي ويو آهي، ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ياد اچي وڃي ته تصوير سان گڏ ضرور ڏبو.
ماڻهن جي پيهه پيهان (Crowd) ۾ منور لغاريءَ تي به نظر پئجي وئي، جيڪو واشنگٽن پوسٽ ۽ نيويارڪ ٽائيمس جي نمائندن ۽ ٻين هتي جي مڪاني سياستدانن ۽ جرنلسٽن سان گڏ ائين فري اسٽائيل ۾ چڪر هڻي رهيو هو، ڄڻ ڳوٺ جا ماڻهو هجنس. بقول نجم ميمڻ جي ان کان به وڌيڪ ... جو هو ڪيترن سالن کان انهن جي ئي وچ ۾ رهي ٿو، انهن سان ئي گڏ هتي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ “انساني حقن” تي ٿيندڙ ڪانفرنسون Attend ڪري ٿو، پنهنجي ۽ پنهنجن ماڻهن جا ڏُکَ، درد کين ٻڌائي ٿو ۽ سندن ٻڌي ٿو.