الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

ڊائنا آرٽز سان ملاقات

هتي آيل ضمير جي قيدين، انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ پنهنجي ملڪ جي ظالم ادارن خلاف آواز اٿاريندڙن مان جيڪي ڪجهه ماڻهن جي نالا خالد هاشماڻيءَ ٻڌايا، انهن ۾ هڪ نيو ميڪسيڪو (آمريڪا جي رياست) جي رهواسڻ ڊائنا آرٽز (Dianna Ortiz) جو نالو مون لاءِ بيحد اهم هو. مون ٻه ٽي هفتا اڳ نيويارڪ ۾ ڊائنا آرٽز جو ڪتاب “The Blindfold Eyes” پڙهيو هو. ڊائنا نيو ميڪسيڪو رياست جي رهاڪو Nun ڇوڪري هُئي. جنهن سان گئاٽمالا (وچ آمريڪا جي ملڪ) ۾ جيڪي صعوبتيون ٿيون ۽ اتي جي ظالم حڪومتي ڪارندن جي ٽاچر سيل مان زندهه موٽي، ان جو احوال هن ڪتاب ۾ آهي. ڊائنا آرٽز گئاٽمالا جي اصلي باشندن مايا (Maya) جي ٻارن کي سندن ڳوٺن ۾ وڃي لکڻ پڙهڻ ۽ مذهب ڏي لاڙو ڏيارڻ ٿي چاهيو، جيڪا ڳالهه اتي جي مڪاني سردارن، حڪومت ۽ پوليس سان مليل وڏيرن کي پسند نه آئي. هو ڊائنا کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا، پر پوءِ جڏهن هوءَ ٻارن کي پڙهائڻ کان نه مڙي ته کيس اغوا ڪري ماريو، ڪٽيو ۽ زوري زنا (Gang Rape) ڪيو ويو. جن ٽارچر ڪمرن ۾ هن کي رکيو ويو، اتي ٻيون به ڪيتريون ئي سندن مڪاني عورتون ۽ ٻار هئا، جن کي بيدردي سان ٽارچر ڪري ماريو ويو ٿي. ڊائنا کي دنيا جي نظرن ۾ ڏوهاري ڏيکاريڻ لاءِ هن کي ڪهاڙي ڏني وئي ته هوءَ ان سان هڪ ٻي قيدياڻي عورت کي ماري. هن جي انڪار ڪرڻ تي سندس هٿ جھلي ٻي عورت تي وار ڪيا ويا، جنهن مان نڪرندڙ رت جا ڦوهارا ڊائنا کي اڄ به ياد آهن. هن کي هڪ کَڏ ۾ جنهن ۾ رتو ڇاڻ مئل ۽ اڌ گابريون مئل عورتون هيون، ان ۾ ڦٽو ڪري مٿان ڪوئا ڇڏيا ويا هئا ۽ کانئس هر سوال پڇڻ مهل سگريٽن سان ڏنڀَ ڏِنا ويا ٿي، جيڪي هن جي صرف سيني ۽ پٺ تي هڪ سؤ کان مٿي ڳڻيا ويا هئا. هن کي اهوئي چيو ويو ٿي ته هوءَ اهو چوي ته آءٌ فلاڻي انقلابي عورت آهيان ۽ هنن جي چوڻ مطابق هوءَ ڪجهه غلط الزام پنهنجي مٿي تي کڻي، جن لاءِ ڊائنا جي انڪار ڪرڻ تي هن سان وري گئنگ ريپ ڪيو ويو ٿي.
بقول ڊائنا جي جيڪڏهن هوءَ آمريڪن سٽيزن نه هجي ها ۽ سندس مائٽ ۽ واقفڪار سندس کڄي وڃڻ تي آمريڪا جي پريس ۽ ڪانگريس تائين گوڙ نه ڪن ها ته هن کي ڪڏهوڪو ماري ڇڏين ها. بهرحال هوءَ واپس آمريڪا ته پهچي ويئي، پر هن جو داد فرياد نه پئي ٿي سگهيو. افسوس ۽ تعجب جي ڳالهه اها ته آمريڪا هونءَ ته تمام طاقتور ملڪ آهي، هن لاءِ گئاٽمالا جهڙو ملڪ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو، پر ڊائنا جي ڪيس ۾ جيڪا سندن ئي ملڪ جي آمريڪن سٽيزن آهي، ان جو داد فرياد نه ٿيڻ جو سبب به ڊائنا پاڻ ٻڌائي ٿي ته، “انهن ڏينهن ۾ آمريڪا گئاٽمالا جي مليٽري وارن سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي دوست ٿيو پئي هليو. هن گئاٽمالا جي هر ڳالهه مڃڻ ٿي چاهي جو هن گئاٽمالا جي گوريلن (مجاهدن) کي شڪست ڏيڻ جي ڳجهي پاليسي ٺاهي هئي.”
ڊائنا جي ڪيس جي ڪري گئاٽمالا حڪومت جي مليٽري جي پت وائکي ٿي ۽ ڊائنا پنهنجي ظلم جي ڪهاڻيءَ ۾ اهو به ظاهر ڪري چڪي هئي ته گئاٽمالا جي فوجين سان گڏ آمريڪا جا به باشندا شامل هئا، خاص ڪري Alejandro نالي همراهه، جنهن کان گئاٽمالا ۾ موجود آمريڪن سفارتخانو به واقف هو. سو هن ڳالهه جي واءِ واءِ ٿيڻ تي آمريڪا جي حڪومت به بدنام ٿي.
“It was a bad publicity for the U.S Government, Whose overt foreign policy objectives in Guatemala were promoting democracy, stability and respect for human rights. My case could “Damage US interests.”
ڊائنا جيتوڻيڪ ٻين عورتن وانگر گهڻو وقت ٽاچر سيل ۾ نه رهي، پر هن کي ايڏي بي عزتي محسوس ٿي، هن کي ايڏا Shocks ۽ صدما رسيا جو هوءَ دماغي توزان ۽ يادگيري جي قوت Damage ڪري ويٺي. هن کي بقول سندس، اڄ ڏينهن تائين ان کڏ ۾ اڇلايل لاشن decomposition ۽ ڄميل رت جي ڌپ اچي ٿي. هن کي اڃان تائين پنهنجيون ۽ ٻين عورتن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. هن کي اڃا تائين ٻي قيدياڻي جي جسم مان رت جو نڪرندڙ ڦوهارو نظر اچي ٿو، جڏهن هن جو هٿ جھلي ڪهاڙي هنئي وئي هئي.