ان تي بش بي چين ٿي مشرف کي فون نه ڪندو
حميرا سنڌ ۾ ڪجهه مهينا اڳ جيئي سنڌ متحدهه محاذ (JSMM) جي هڪ نوجوان سنڌي نئشنسلٽ سميع الله ڪلهوڙي سان پوليس ٿاڻي تي ٿيل ٽارچر بابت ٻڌايو، جنهن جي وگهي هو ستين مارچ 2005ع تي شهيد ٿي ويو. نومبر 2004ع ۾ پوليس سميع ڪلهوڙي کي دهشتگرديءَ جي ڏوهه ۾ جھليو هو، جنهن لاءِ هو پاڻ ۽ سندس فيملي deny ڪندا رهيا ۽ پوءِ هو پنجهتر ڏينهن لاءِ Incommunicado رهيو، جنهن ۾ هن جي اکين تي پٽي چڙهيل رهي ۽ سخت ٽارچر ڪيو ويو. جنهن جو احوال سندس موت کان اڳ ڪنهن طرح هُن پاڪستان جي هڪ جرنلسٽ اقبال ملاح سان ڪيو. بعد ۾ پوليس ان ڳالهه تان ڦري وئي ته ڪو هنن سميع ڪلهوڙي کي arrest ڪيو هو ۽ پاڻ وٽ ٿاڻي تي رکيو هو، جيتوڻيڪ ان ڳالهه جا ڪيترائي اکين ڏٺا شاهد آهن، جن سميع کي پوليس جي Custody ۾ ڏٺو.
حميرا هن جو سڄو احوال تفصيل سان ٻڌايو ته هن کي ڪيئن اونڌو لڙڪائي ماريو ويو ٿي، سندس ٽنگون ڇڪي نازڪ عضون تي ڌڪ هنيا ويا ٿي ۽ هن مرڻ کان اڳ جرنلسٽ کي ٻڌايو ته هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنهن تکي ڪاتيءَ سان کيس ڳترا ڳترا ڪيو پيو وڃي، “هنن مون کي هر وقت اهو threat ٿي ڏنو ته تنهنجي ننڍي ڌيءَ کي آڻي، تنهنجي اڳيان rape ڪنداسين ۽ تنهنجي پٽ کي تنهنجي اکين اڳيان قتل ڪنداسين.” سميع اهو به ٻڌايو ته سياري جي ٿڌين راتين ۾ جڏهن پوليس پاڻ گرم ڪپڙن ۾ هوندي هئي، هن کي الف اگهاڙو ڪري ٿڌي پٽ تي گهليندا ۽ ٿڏا هڻندا هئا. “هنن مون کي انڌو لڙڪائي مٿان پيٽرول ٿي ڀريو ۽ منهنجا ڏندَ ڀڃي ڇڏيا. منهنجو هاڻ جڏهن ايڪس ري ڪرايو ويو آهي، ان ۾ منهنجون پاسراٽيون (Ribs) به ڀڳل آهن، منهنجي نظر به ختم ٿيندي وڃي.” هن مرڻ کان اڳ واري ملاقات ۾ موقعو ملڻ تي جرنلسٽ کي ٻڌايو هو “منهنجون بُڪيون (kidneys)ختم ٿي چڪيون آهن، جو پيشاب سان گڏ رت اچي ٿو.”
پنهنجي زخمن جو تاب نه جھلي سميع ڪلهوڙو وفات ڪري ويو. پر پنهنجي آڊيو رڪارڊيڊ (شايد وڊيو رڪارڊ آهي) احوال ۾ هو ڪجهه پوليس آفيسرن جا نالا به ٻڌائي ويو آهي، جيڪي انسانن کي ٽارچر ڪرڻ ۾ بدنام آهن، پر افسوس جو اسانجي حڪومت انهن پوليس آفيسرن جي خلاف ڪو به قدم نه کنيو آهي ۽ اهي اڄ به مست هاٿين وانگر هلندا رهن ٿا.
حميرا اهو به ٻڌايو ته هڪ ٻيو همراهه ولي محمد راهمون جيڪو گولڊ ميڊلسٽ انجنيئر آهي، سميع ڪلهوڙي جي مقابلي ۾ ڪجهه بهتر ڀاڳ وارو چئي سگهجي ٿو، جو هو حڪومت جي ڏاڍايُن سهڻ جي باوجود هن جو ڪنهن ريت بچاءُ ٿي ويو ۽ هن کي مئجسٽريٽ سان پاڻ ڳالهائڻ جو موقعو ملي ويو، جنهن وٽ هو سڄو بلاڪيٽ سان ڍڪجي پهتو هو، ڄڻ پوليس ڪنهن خطرناڪ ڌاڙيلَ کي آندو هُجي. آزاد دنيا جا باشندو راهمونءَ جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ راهمون جو اهو ڏوهه هو ته هن ان علائقي مان سياست ۾ اچي عوام جي خدمت ڪرڻ ٿي چاهي، جنهن مان صوبي جو وڏو وزير آهي.....”
آئون ڪڏهن حميرا جي تقرير ٻڌي رهيو هوس ته ڪڏهن رستي جي هن پار آمريڪا جي صدر صاحب جو سرڪاري گهر ـــ وائيٽ هائوس جي عمارت ۽ ان اڳيان جھومر ڪندڙ بلب بتيون، هوا ۾ لڏندڙ ڊگها وڻَ ۽ رنگين گلن جا ٻوٽا ڏسي رهيو هوس. رات جا ٻارنهن ٿي رهيا هئا، بش صاحب ولائتي ڀنگ جو چڪو پي سمهي رهيو هوندو يا سمهڻ وارو هوندو. رستي جي هن پار دنيا جي ڏتڙيل عوام پئي رڙيون ڪري، جرنلسٽ ۽ انساني حقن جون تنظيمون پيون اخبارون ڪاريون ڪن ۽ دستاويز ٺاهين. منور يا حميرا جي تقرير تي هن وقت ڪو بش بي چين ٿي مشرف کي فون نه ڪندو. سڀاڻي جڏهن اوساما، صدام يا ٻئي ڪنهن کي بي ادب ۽ چيو نه مڃڻ جي لاءِ دٻ پٽبي ته پوءِ هي اخبارون ۽ دستاويز ڏيکاري چئبو بابا توهان جي پنهنجن ماڻهن جون شڪايتون آيون آهن ... باقي جيسيتائين آمريڪا جي حڪومت جو ڪم هلي پيو تيسيتائين ضياء صاحب جهڙو به وڏو بزرگ، مذهبي ۽ جمهوريت جو پرستار دنيا ۾ نه ٿيندو .... مون کي ته ڪجهه ائين ئي لڳي ٿو.... حميرا، منورجهڙا مختلف ملڪن جا چريا اجايون دانهون پيا ڪن. پر سوال آهي ته جيڪڏهن ايترا به چيڪ ۽ بئلنس نه هجن ته پوءِ اسان جي ايشيا ۽ آمريڪي ملڪن جون ظالم قوتون اڃا به وڌيڪ ظالم ٿي پون. هينئر گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن سان ڪو ظلم ٿئي ٿو ته دنيا کي خبر ته پوي ٿي، هتي جي اخبارن ۾ ته اچي ٿو. رڪارڊ تي ته ڳالهه رهي ٿي ۽ واشنگٽن اهو شهر آهي، جتي نه فقط آمريڪا جي انتظاميه، جيوڊيشري ۽ چونڊيل نمائندا آهن، پر سڄي دنيا جا سفارتخانا ۽ ڪيترين اهم تنظيمن ۽ ادارن جون آفيسون آهن. جن تائين ڄاڻ پهچيو وڃي. ظلم جو بروقت مقابلو کڻي نٿو ٿئي، پر ان کي نديو ته وڃي ٿو.........