سنڌ ۽ ان جي عوام لاءِ آزار بڻيل اسانجا اڳواڻَ
- جتي ڪاميابيءَ جا موقعا هوندا آهن اتي ناڪاميءَ جا سببَ پڻ ٿين ٿا. مڪمل ڪو به ناهي، پر بهتر انسان اهوئي آهي جيڪو انهن ناڪامين جي ڪارڻن تي قابو پائي وٺي. انهن ناڪامين جي سبب تي اهو ئي قابو پائي سگهندو جيڪو سياست جي علم کي نه رڳو سائنس سمجھندو، پر ان کي ڪامرس ۽ آرٽ به ليکيندو......
- ...... بدقسمتيءَ سان سائين جي ايم سيد تاريخ جون سچائيون لکندي به عوامَ کان منهن موڙيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀُٽو عوامي حمايت هوندي به تاريخ ۽ قومن جي وجود کي پٺي ڏيئي بيٺا.
- اخبارون ڪنهن حد تائين عوام جي شعور لاءِ اکيون هجن ٿيون، پر وري سرڪاري اشتهارن جي آسري ۽ سرڪاري پاليسين جي مجبورين تحت هنن کي هلڻو پوي ٿو. جيسيتائين عوام جي اڳيان صحيح قيادت جو تصور، اعتماد ۽ ڀروسو نه ايندو تيسيتائين پجيرو قيادت عوام جي روحن ۽ وکريل ڪارڪنن جي سچائيءَ کي بلڊوز ڪندي رهندي. ڪارا چشما، ڪاٽن جو اڇو وڳو، انگلش بوٽ، وسڪي جي بوتل، پرمٽ، پلاٽ ۽ ٺيڪي جي چڪر ۾ قوم فروشي جو ڌنڌو چالاڪي ۽ مڪاري سان ٿيندو رهندو.
قوم فروشو! جاگيردارو! حڪمرانو، وڏيرو! بي ايمان سياستدانو، رشوت خور ڪامورو! غريبن ۽ مسڪينن کي پنهنجي اقتدار جي ڏاڪڻ نه بڻايو. اهـڙو وقت ايندو جو اها ڏاڪڻ توهان جي محل جي ڪرڻ جو سبب ٿيندي.
- ڀٽائي کي رڳو درويش واري حيثيت جو سرٽيفڪيٽ نه ڏيو، پر هو هڪ عالم، فلاسافر، مفڪر، ڏاهو ۽ تاريخ جي هڪ تمام وڏي عظيم حيثيت رکندڙ عظيم شخصيت هو.
- اڄ پنهنجي شهريت ڪهڙي به هجي پر پنهنجي قوميت سنڌيت آهي. پاڻ رهندا ڪهڙي به ملڪ ۾ هُجون، پر پنهنجو ملڪ، وطن، يا ساڻيهه سنڌ آهي.
- ڀٽائي وٽ پلاٽ ۽ پرمٽ ڪونه هُئا. هن وٽ پت هئي. هن وٽ گاڏي نه پر گوڏا هُئا، پنڌ هو، پيرن پنڌ. هن مٿن جا، سرن جا سودا پئي ڪيا. هو وڪامڻ لاءِ ڪنهن درٻار تي بيٺل نه هو. تاريخ جو رکوالو هو، سنڌ جو رکوالو هو. محبت جو سپاهي هو، ڪڏهن ڪڏهن آئون پنهنجو پاڻ کي ۽ ڪي ٻيا ماڻهو پڇندا آهن ته هاڻ تون آمريڪا ۾ رهين ٿو، جديد ٽيڪنالاجي واري دنيا ۾ پوءِ به سنڌ لاءِ جدوجهد ۽ ڀٽائيءَ جا بيت ڇو ٿو جھونگارين؟
تڏهن منهنجي دل ۾ اهوئي اچي ٿو ته:
محبت وڌو آ مامري........
- سنڌ رڳو هڪ تجربيگاهه ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي. جيڪڏهن تجربيگاهه ۾ رهي ته به ٺيڪ آهي پر سڀاڻي ميوزيم جو حصو ٿي ته رڳو تاريخ جو هڪ حصو هوندي. آخر ان نا اميدي، مايوسي ۽ بي حسي جو سبب ڇا آهي ۽ ان سوال جو جواب ڪهڙو آهي. رستو وڃائي ويٺا آهيون ۽ منزل جي به خبر نه آهي، هرڪو پاڻ کي صحيح سمجھي ويٺو آهي.
جنگ رڳو معاشي هجي ته چئون ڪاتي گدري تي آهي، پر جنگ وجود جي آهي. تنهنڪري ڪاتي ڪنڌ تي آهي. ان ۾ ڏاهپ، بهادري، شهادت، ايشيا جو دماغ ۽ قومي رهنما ڇا ڏيئي سگهيا آهن؟ بس اهوئي ته انهن قوم جي ڪنڌ تي ڪاتي رکرائي ڇڏي آهي، تنهن ڪري جياپي جي جنگ ڊگهي نظر اچي ٿي. صورتحال منهنجي اڳيان سوال جي نشاني ٿي بيٺي آهي.........
- سنڌ هاري ڪميٽي ۽ عوامي تحريڪ کان پوءِ ترقي پسند پارٽي آهي، جنهن کي سنڌ جي ڪيڊر ۽ عوام ۾ پذيرائي ملي. قادر مگسي جي قيادت پسند پارٽي جي جدوجهد کي گهڻو ئي مانُ مليو، پر غلط حڪمت عملين ڪري عوام ۾ پنهنجي وڌندڙ اثر کي برقرار رکي نه سگهيا. انهن ٽنهي تحريڪن سنڌ ۾ قومي شعور کي تنظيمي، عوامي جدوجهد جي شڪل ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
- ڪن کي ڇڏي، گهڻي قدر سياسي مڱڻهارن ئي سنڌي عوام ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد جي سوديبازي، سنڌي عوام ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان بي ايماني ۽ تين وال ڪيو آهي. جنهن ڪري جدوجهد ڪي ڪارگر نتيجا ناهي ڏيئي سگهي. پر دنيا جي ٻين حصن ۾ ائين ناهي. اتي جي ليڊرشپ اخلاق، بهادري، اعليٰ گڻن، سچائين ۽ حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪيو آهي.
سياسي مڱڻهارن کي گهرجي ته شرنائين ۽ دهلن کي بند ڪن ۽ روايتي سياست جيڪا روزگار، واپار ۽ عادت تي بيٺي آهي، ان کي ان مان ڪڍي فرض ۽ ذميواريون نڀائين.....
- ...... سياسي مڱڻهارن کي گهرجي ته هو پهرين پنهنجا پير سڌا ڪن تڏهن ئي ماڻهو، ڪارڪن، عوام ۽ دنيا انهن تي اعتبار، ڀروسو، يقين ۽ ويساهه ڪندي.
- يونيورسٽي جي زماني ۾ هڪ همراهه هوٽل تي ماني کائي دنگ ڪرڻ بعد وڃڻ لڳو. هوٽل واري چيس ته سائين بل ڪير ڏيندو؟
- چيائين: لکي ڇڏ.
- هوٽل واري چيس: سائين پويون بل به آهي.
- اڳواڻ وراڻيس: اهو ڊاهي ڇڏ.
- اهو همراهه ڪجهه عرصو اڳ ۾ ڪنهن چڱي ڀلي عالمي تنظيم جو اڳواڻ هو. اهڙا اڳواڻ يونيورسٽي ۾ به آزار هئا ۽ پوءِ به سنڌ ۽ ان جي عوام لاءِ آزار بڻيل آهن. دنيا ۾ هاڻ سنڌ جي عالمي سياست ۾ گند ڪرڻ لاءِ اڳيان اڳيان آهن.