آمريڪي حڪومت جو ڍانچو
دنيا جي هر جمهوري ملڪ ۾ قانون سازيءَ جا ادارا آهن، جن جا ميمبر عوام چونڊي ٿي. ظاهر آهي ڪو قانون ٺاهڻ لاءِ يا ٺهيل قانون ۾ وقت ۽ حالتن مطابق ڦير ڦار آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ جا ماڻهو گڏ ٿي ته فيصلو نه ڪندا، پر انهن طرفان چونڊيل نمائندا ئي اسيمبليءَ ۾ ويهي بحث مباحثو ڪري پوءِ جيڪا ڳالهه گهڻن کي بهتر لڳي، ان تي يڪراءِ فيصلو ڪري سگهن ٿا ۽ پوءِ جيڪو قانون ٺاهيو وڃي ٿو، ان بابت ملڪ جي ٻئي اهم اداري عدليه کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو، جيئن اها ڏوهاريءَ کي ملڪ جي ان قانون موجب سزا ٻڌائي ۽ ان سزا کي execute ڪرائڻ لاءِ ملڪ جو ٽيون اهم ادارو انتظاميه آهي، جنهن ۾ پوليس کاتو وغيره اچي وڃي ٿو.
هتي اسان قانون سازي اداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جيئن اسانجي ملڪ ۾ نئشنل اسيمبلي ۽ سينيٽ آهي. يعني اسان وٽ قانون کي پاس ڪرڻ لاءِ ٻه ادارا آهن. ڪو به قانون نئشنل اسيمبليءَ جي ميمبرن جي آئين مطابق مئجارٽي قبول ڪرڻ بعد سينيٽ ۾ موڪليو وڃي ٿو، جنهن جا ميمبر جيڪي سينيٽر به سڏجن ٿا، اهي ان بل يا قانونَ جي جاچ پڙتالَ ڪري پوءِ ان قانون کي فائنل ڪن ٿا، يعني اسانجي ملڪ ۾ جڏهن ٻه ڌريون راضي ٿين ٿيون، پوءِ قانون پاس ٿئي ٿو، اهڙي سسٽم کي Bicameral Legislature سڏجي ٿو. باءِ (Bi) لئٽن لفظ آهي، جنهن جي معينٰ آهي ٻه ۽ ڪئمرل معنيٰ چيمبر يا گهر اهي ملڪ جيڪي ننڍا آهن، ساڳي قوم، مذهب، زبان ۽ رسم رواج سان تعلق اٿن ... يعني Homogeneous قوم آهي ته انهن ملڪن ۾ هڪ ئي قانون ساز ادارو ٿئي ۽ سينيٽ جهڙو مٿيون ادارو نه ٿئي ۽ اهو Unicameral سڏجي.
پاڪستان جي هيٺين چئمبر يعني نئشنل اسيمبليءَ ۾ 342 ميمبر آهن، جيڪي ملڪ جي مختلف صوبن ۽ قبائلي علائقن مان آدم شماري مطابق چونڊيا وڃن ٿا. جيئن پنجاب صوبي جي آدمشماري گهڻي آهي ته نئشنل اسيمبليءَ ۾ اتي جي ميمبر جو تعداد سڀ کان گهڻو آهي. پر مٿين هائوس يعني سينيٽ ۾ ميمبرن يعني سينيٽرن جي چونڊ صوبي جي آدمشماري بدران هر صوبي مان هڪ جيترا ميمبر کنيا وڃن ٿا. اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جي سينيٽ ۾ هڪ سؤ ميمبر يعني هر صوبي مان 25 ميمبر کنيا وڃن ٿا. صدر ملڪ جو وڏو Head of State ۽ فوج جو ڪمانڊر ان چيف ٿئي ۽ وزير گهڻو ڪري نئشنل اسيمبلي ۾ ملڪ جي وڏي سياسي پارٽيءَ جو ليڊر ٿئي.
آمريڪا (USA) جو قانون ساز ادارو (پارليامينٽ) يعني “دي ڪانگريس آف دي يونائيٽيڊ اسٽيٽس” باءِ ڪئميرل آهي. جنهن ۾ هڪ “The House of Representatives” آهي، جيئن پاڻ وٽ نئشنل اسيمبلي آهي يا انڊيا ۾ “لوڪ سڀا”، ملائيشيا ۾ “ديوان رعيت” ۽ انگلينڊ ۾ “هائوس آف ڪامنس” آهي ۽ ٻيو Senate آهي، جيئن پاڻ وٽ به ساڳي نالي سينيٽ سان آهي، انڊيا ۾ ان مٿاهين قانوني اداري جو نالو “راجيا سڀا” آهي. ملائيشيا ۾ “ديوان نگارا” ۽ برطانيه ۾ ان جو نالو House of Lords آهي.
اسان وٽ پاڪستان ۾ توڙي ملائيشيا ۾ سائوٿ آفريڪا، ڪئناڊا يا سٽزرلينڊر ۾ صوبن، رياستن يا Cantons جو پارليامينٽري نظام Unicameral آهي، پر آمريڪا (USA) جي رياستن جو ليجسليچر (سواءِ نيبراسڪا رياست جي) باءِ ڪيمرل آهي. انڊيا جي به ڪجهه رياستن جو Bicameral ليجسليچر (پارليامينٽ) آهي، جن کي وڌان سڀا (Legislative Assembly) ۽ وڌان پريشاد (Legislative Council) سڏجي ٿو.
بهرحال آمريڪا جي پارليامينٽ جنهن کي هي ڪانگريس سڏين ٿا (جپاني Diet، اسپين وارا Cortes Generals ۽ فلپين وارا فلپيني ڪانگريس) ان جي هڪ حصي جنهن کي House of Representatives سڏين ٿا، ان ۾ آمريڪا جي مختلف رياستن جي ضلعن مان آدمشماريءَ جي حسابَ سان 435 ميمبر چونڊيا وڃن ٿا. هي ميمبر ڪانگريس مين سڏجن ٿا، جيئن ٽام ٽانڪريڊو يا دليپ سنگهه سانڍ جيڪي ڪولوراڊو ۽ ڪئليفورنيا رياست جي ضلعن مان چونڊيل نمائندا آهن. هي نمائندا ٻن سالن جي ٽرم لاءِ چونڊيا وڃن ٿا، ان بعد وري اليڪشن ٿئي ٿي.
آمريڪا جي ڪانگريس جو ٻيو قانون ساز ادارو سينيٽ آهي. آمريڪا جون 50 رياستون آهن، هر رياست مان سينيٽ لاءِ ٻه ميمبر چونڊيا وڃن ٿا، چاهي رياست جي آدمشماري ڪيتري به هجي. يعني آمريڪا جي سينيٽ ۾ هڪ سؤ سينيٽر آهن. هنن مان هر هڪ جو ڇهن سالن جو ٽرم ٿئي ٿو، پر انهن جي چونڊ ڇهن سالن بدران هر ٻن سالن بعد ٿئي ۽ ٽيون حصو يعني ٽيٽيههَ کن سينٽر هر ٻئي سال بدلجن ٿا. اهوئي سسٽم اسان وٽ پاڪستان ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي.
ڪانگريس جي هنن ٻن هائوسن (جيڪي لوئر ۽ اپر هائوسز سڏجن ٿا)، ڪي پاور هائوس آف ريپريزينٽيٽو کي آهن ته ڪي اپر هائوس يعني سينيٽ کي. مثال طور ملڪ جي صدر کي عدليه يا انتظاميه جي وڏين نوڪرين تي ڪنهن کي به رکڻ وقت سينيٽ کان صلاح ۽ مرضي پڇڻي پوي ٿي. ساڳي وقت Ratification of Treaties لاءِ پڻ سينيٽ جي صلاح ۽ مرضي ضروري آهي. پر ڪي ڪي شيون اهڙيون آهن، جن ۾ House of Representative جي هلي ٿي جيئن ته ريوينيو وڌائڻ لاءِ Bills ۽ ان کان علاوه Impeachment Proceedings پڻ هن هائوس مان پاس ڪيا وڃن ٿا.
هائوس ۽ سينيٽ جا اجلاسَ واشنگٽن ۾ جنهن عمارت ۾ ٿين ٿا، ان جو نالو ڪئپيٽال آهي ۽ شهر جي وچ ۾ آهي. گنبذ واري هن عمارت جو احوال شروع ۾ اچي چڪو آهي، جنهن جي اتر پاسي واري ونگ ۾ سينيٽ جون آفيسون ۽ ميٽنگن جو هال آهي ۽ ڏکڻ پاسي هائوس آف Representatives يعني آمريڪا جي ڪانگريس مين جون آفيسون ۽ اجلاسَ لاءِ هال آهي. آمريڪا جي آئين مطابق ملڪ لاءِ ٺاهيل ڪو به قانون ٻنهي چئمبرس (يعني هائوس ۽ سينيٽ ) مان پاس ٿيڻ ضروري آهي. ملڪ جو وائيس پريزيڊنٽ سينيٽ جو صدر قرار ڏنو ويندو آهي.
منهنجي خيالَ ۾ اسان جهڙي هڪ Lay-Man لاءِ آمريڪي حڪومت جي ڍانچي جي ايتري معلومات ڪافي آهي.