اڄ بيبيون بڻجي ويون آهن...
مٿي “بيبيون” لفظ لکيو اٿم جنهن بابت هڪ لطيفو نيويءَ جي هڪ دوست ڪمانڊر عليمراد ڳوراهي صاحب ٻڌايو هو.... ڳوٺ جي هڪ چالو قسم جي عورت سان ڪنهن پير صاحب جي دل لڳي وئي ۽ شادي ڪري گهر وٺي آيس. پير صاحب جي زال ٿيڻ تي ظاهر آهي ته هوءَ اڻ پُڇي “بيبي” ٿي پيئي ۽ سنڌ جي روايتي بيبن وانگر حاجتمندن کي ڌاڳا وٽي ڏيڻ، پاڻي شوڪارڻ لڳي.
هڪ دفعي ڳوٺ جون ٻه عورتون جيڪي هن جي شادي کان اڳ وارين سخاوتن ۽ Side business واري ڪاروبار کان ڀلي ڀت واقف هيون، سي هن کان ڪڻڪ جو فصل سٺو ٿيڻ لاءِ ڌاڳو پڙهائڻ آيون. هنن سمجھيو سندن پراڻي ساهيڙي آهي، وڏي آئو ڀڳت سان ملندي پر بيبي صاحبه پنهنجي حال کان واقفڪار ساهيڙين کي سڃاڻڻ کان ئي نابري واري ڇڏي، جنهن تي هنن کي باهه لڳي. ان بعد هن جڙتُو بيبيءَ وڏي معصوميت سان ڏاڏي پوٽين بيبين (جن جو مرڻ جيئڻ ڪوٽ جي ڏيڍيءَ ۾ ئي ٿئي ٿو ۽ جن کي ٻاهر جي دنيا جي ڪا خبر نٿي پوي) وانگر پڇيو: “ڪڻڪ جو وڻ ڪيڏو وڏو ٿيندو آهي”
راتؤن رات ٿيندڙ هن بيبي صاحبه جي ان نخري تي ڌاڳو پڙهائڻ وارين مان هڪڙي سڙي کامي چيس: “جڏهن ڪڻڪ جي فصل ۾ ريزڪي ڌنڌو پئي هلائي تڏهن ڪو هوش نٿي آيئه ته ڪڻڪ جو وڻ ٿئي ٿو يا تيلو.... هاڻ وري سچ پچ جي بيبي ٿي ويٺي آهين.”
سو آمريڪا ۾ توهان کي ڪجهه اهڙيون بيبيون پڻ وطن جي سرڪاري ڪامورن جي روپ ۾ هِتي نظر اينديون، جن پنهنجي ملڪ جي خزاني يا جنهن اداري سان هنن جو واسطو هو، ان جي ڀينگ ڪري، هاڻ هِتي وڏا شريف ٿي اچي رهيا آهن يا سندن ڪڌن ڪرتوتن جي پڪڙ ڪري، ڪورٽ جي ڪيسن کان ڀڄي اچي هِتي پناهه ورتي آهي ۽ هاڻي هِتي پنهنجو سرخروپڻي جون اهڙيون ويٺا ڳالهيون ڪن ۽ معصوميت جي حد ڏيکارڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڻ جي پيا اوچائي پڇن. انهن ماڻهن کي نه تڏهن، جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ سرڪاري آفيسر هئا ۽ نه ئي هاڻ پنهنجي وطن يا پنهنجي ماڻهن سان همدردي آهي. هو هِتي به اهي ئي سَڌون ڪندا رهن ٿا ته ڪنهن به طرح سان مفت جو مال ملندو رهي ۽ کين بنا محنت جي عياشي ميسر ٿيندي رهي.
بهرحال خوش نصيبيءَ جي اها ڳالهه آهي ته اهڙن ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي. آمريڪا ۾ گهڻائي انهن جي نظر اچي ٿي، جيڪي پنهنجي وطن ۾ توڙي هِتي سخت پورهيو ڪري، پنهنجو پيٽ گذر ڪن ٿا. هو پنهنجي ٻچن ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت جو الڪو به رکن ٿا ۽ هي عاشق لاکي، رميش ٿارواڻي، غلام مصطفيٰ پلهه، خالد هاشماڻي، مقبول هاليپوٽي، منور لغاري ۽ عمر شيخ جهڙا ئي ماڻهو آهن، جي پرديس ۾ رهي پنهنجي ديس ۽ ان جي واسين جو به خيال رکن ٿا. آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر سرفراز، آغا ظفر، ڊاڪٽر قلباڻي، علي نواز ميمڻ، عزيز ناريجو، حميران رحمان، فياض سومرو، ۽ ثريا جهڙن نيڪ ماڻهن کي هر وقت اها اڻ تڻ لڳي رهي ٿي ته پٺيان سندن وطن ۾ خوشحالي اچي.