آمريڪا کنڊن ۾ سڀ کان گهڻي هسپانوي هلي ٿي
USA جي جيتوڻيڪ سرڪاري ۽ قومي زبان انگريزي آهي، پر ڏاکڻين رياستن ٽيڪساز وغيره ۾ هسپانوي زبان چڱو ٿي هلي ۽ سڄي آمريڪا (USA) ۾ او يا اي ليول وارا ٻار ٻي زبان هسپانوي کڻن. اسان جون سنڌي فئمليون جيڪي آمريڪا (USA) ۾ رهن ٿيون ۽ جن جن سان ملڻ جو موقعو مليو، جهڙوڪ ڊاڪٽر نور راڄپر، نديم جوڻيجو، ڊاڪٽر ابڙو، ڊاڪٽر حميراڻي ۽ ٻيا ڪيترائي، ته انهن جي ٻارن جي اسڪول ۾ سيڪنڊ Language هسپانوي هئي ۽ هو پنهنجي پاڻ ۾ راند کيڏڻ مهل به هسپانوي (Spanish) ڳالهائي رهيا هئا. سو هتي USA ۾ به جيتوڻيڪ انگريزيءَ کانپوءِ ٻئي نمبر تي اسپين جي زبان آهي، پر توهان ڏسندائو ته نيويارڪ ۾ ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪيترن ئي شين جا نالا يا اهم شخصيتون ڊچ ملنديون. جيئن ته تاپان زي پل جو احوال لکڻ مهل ٻڌائي چڪو آهيان ته Zee ڊچ لفظ آهي. ويندي نيويارڪ جي علائقي جو نالو بروڪلن (Brooklyn) اصل لفظ Breukelen آهي، جيڪو ڊچ زبان جو لفظ آهي. هينري هڊسن جهڙا جهاز ران جيڪي پاڻ کڻي انگريز يا اطالوي هئا پر آمريڪا ڏي هنن کي اسپين وارن يا هالنڊ وارن ٿي موڪليو. جيئن ڪولمبس پاڻ کڻي اطالوي هو، پر کيس جهاز اسپين وارن ڏنا. جتي ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا تي اسپين ۽ پورچوگال وارن جو قبضو ٿي ويو، اتي اڄ واري USA تي ــ خاص ڪري نيويارڪ، ميريلئنڊ، ورجينا، پينسلوانيا ۽ فلڊلفيا پاسي ڊچن جو قبضو رهيو. ايتري قدر جو نيويارڪ شهر ۽ اوسي پاسي جي علائقن جا نالا به هنن پنهنجي ملڪ هالنڊ ۽ شهرن ايمسٽرڊم نالي رکيا. پوءِ اڳتي هلي انگريزن جو قبضو ٿيڻ تي هن جو نالو نيو يارڪ رکيو ويو.
انڊيا، ملايا، انڊونيشيا، سري لنڪا توڙي هيڏانهن آمريڪا ڏي، انگريزن کان اڳ پورچوگالي ۽ ڊچ پهتا، پر انتظاميه ۽ ٻين ڳالهين ۾ انگريز هوشيار هجڻ ڪري، جتي ڪٿي هنن انگريزن نه فقط قبضو ٿي ڪيو، پر ڄمائي ويٺا به ٿي. انگريزن جي جيئن واپاري ڪمپني East India Company هئي، تيئن ڊچن جي ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني هئي. سورهين صدي جي آخر کان يورپين کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي ۽ بعد ۾ آمريڪا وڃي پنهنجي وطن ۽ گهر لاءِ مال آڻڻ جو چشڪو لڳو. جيڪو هنن ظاهري طرح واپار جي نالي سان شغل ڪيو ٿي، پر ڦرلٽ، ٺڳيون، دولاب ۽ خونريزيون ڪري مڪاني ماڻهن کان حاصل ڪيو ٿي. ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ جهازن ۽ ماڻهن جي پگهارن تي جيڪو خرچ آيو ٿي، اهو ان ملڪ جي عوام ٿي ڏنو ۽ پوءِ انهن جي ڪيل سيڙپ مطابق هر سال يا هر ٽي سال نفعو (Dividend) مليو ٿي، جيڪو چاليهه پنجاهه سيڪڙو ٿي ٿيو جيئن ڪنهن زماني ۾ اسان جي ملڪ ۾ به ٽي جيز نالي جهڙيون ڪيترون ئي سرمايه ڪاريءَ جون ڪمپنيون شروع ٿي پيون هيون، جن ماڻهن کي گهر ويٺي سندن سيڙپ مطابق وڏو فائدو رسايو ٿي (۽ پوءِ رسائيندي رسائيندي هنن جي سڄي هڙ هڙپ ڪري ويا).
بهرحال سن 1602ع ۾ ڊچن “ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني” ٺاهي، جنهن جو سندن زبان ۾ نالو Vereenigde Ostindische Compagnie يا شارٽ فارم VOC رکيو. ڊچ دراصل هالينڊ جي زبان جو به نالو آهي، ته ماڻهن جو به. هالنڊ ملڪ کي نيدرلئنڊس به سڏين ٿا. هن ملڪ بابت تفصيلي احوال مون پنهنجي سئيڊن وارن سفرنامن ۾ ڪيو آهي، جتي M.Sc ڪرڻ دوران اسان کي فيلڊ ٽرپ لاءِ هالنڊ اچڻو پوندو هو يا جهاز جي نوڪري دوران جهاز کي هالنڊ جي بندرگاهه راٽرڊم ۾ وٺي وڃڻو پوندو هو.
مٿي لکي آيو آهيان ته انگريزن کان اڳ ڊچ ڏورانهن ملڪن ۾ پهتا ۽ انهن کان به گهڻو گهڻو اڳ پورچو گالي، ........پوءِ اهي ملڪ کڻي هند سنڌ هجن يا سري لنڪا ۽ ملايا. واسڪو ڊي گاما به ته پورچو گالي ئي هو جيڪو 1498ع ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦري انڊيا پهتو هو ۽ هو پهريون يورپي هو. تن ڏينهن ۾ دهلي تي حڪومت سڪندر لوڌيءَ جي هئي، جنهن بعد ابراهيم لوڌي 1517ع ۾ آيو ۽ 1520ع ۾ بابر آيو ۽ مغل سلطنت جو دور هليو جنهن جي پڙ پوٽي يا تڙپوٽي جهانگير انگريزن کي انڊيا ۾ واپار جون ڪوٺيون ٺاهڻ ڏنيون. سنڌ ۾ ته 1843ع ۾ انگريز پهتا، پر هي پورچو گالي گهڻو گهڻو پراڻا آيل هئا. سنڌ جو واءُ سواءُ لهڻ لاءِ انگريز جڏهن پهريون دفعو 1612ع ۾ سنڌ آيا ته هنن کي اهو ڏسي تعجب ٿيو ته پورچو گالي نه فقط ٺٽي ۾ بندرگاهن جي اوس پاس وارن هنڌن تي موجود هئا، پر ڪافي اندر تائين هنن جا ٺهرايل گرجا گهر نظر آيا. هو ارغونن ۽ ترخانن جي سول جنگ دوران 1555ع ڌاري هتي سنڌ ۾ ئي هئا. انهن ڏينهن ۾ ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ بلي بلي شهر هو، جنهن جو احوال هڪ پورچو گالي سياح فري سبسطين Sebastain Maurigue 1614ع ڌاري ٺٽي جي سفر دوران لکيو هو. سنڌ ۾ جيڪي پورچوگالين جا گرجا گهر هئا يا ان وقت جي مغل حاڪم خرم (شاهجهان) 1627ع ۾ تخت تي وهڻ بعد ڊهرايا هئا، انهن جي مرمت ڪرڻ جي اجازت ۽ ڪم هن مٿين سياح کي ڏنو ويو هو. (شهزادي خرم کي پورچوگال پاسي پورچوگالي زان ۾ Emperor Corrombo سڏين ٿا.)
ملايا جو شهر ملاڪا جتي جي نيول اڪيڊمي ۾ مون کي اٺ سال کن پڙهائڻ جو موقعو مليو هو، اتي پڻ پورچوگالي پهرين پهتا، جن جو تفصيلي احوال “مڪليءَ کان ملاڪا” ڪتاب ۾ لکيو اٿم جن جا ان وقت جا ڪيترائي گرجا گهر ۽ ڳاڙهو قلعو اڄ به تاريخي حيثيت رکي ٿو. انهن کي ڀڄائي ڊچ آيا ۽ آخر ۾ انگريزن اٽڪلن ذريعي ملاڪا تي قبضو ڪيو ۽ سٺي انتظاميه، عدل انصاف، ريل ۽ پوليس جهڙن ادارن ذريعي ڄمي ويٺا. اهو ئي ڪم انگريزن سري لنڪا ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ به ڪيو.
بهرحال پورچوگالين کي جهاز هاڪاريندو ۽ ڌارين ڌرتين تان مال آڻيندو ڏسي، هاليند جي وچ واپارين ۽ ٽريڊ ڪمپنين گڏجي ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني کولي، جيئن مشرق کان ايندڙ مصالحن ۽ ٻين قيمتي شين تان پورچوگالين جي هڪ هٽي ختم ٿئي. کين هالينڊ جي سرڪار کان نه فقط اوڀر ايشيا ۾ سالن جي واپار تي قبضو ڄمائڻ جي موڪل Charter ڏني وئي، پر انهن ملڪن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ ۽ مڪاني ماڻهن کي زوريءَ مڃائڻ ۽ نه مڃين ته مارڻ جي به موڪل ڏني وئي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي، هي ڊچ انڊونيشيا تائين وڃي پهتا، جتي سندن اهم مرڪز باٽاويا بڻيو، جيڪو شهر هاڻ جڪارتا سڏجي ٿو. سندن ظلمن جو اندازو ان مثال مان لڳائي سگهجي ٿو، ته ڊچن کي لؤنگن، ڪارن مرچن (Peppers) ۽ Nutmeg جهڙن مصالحن مان فائدو هو ته هنن مڪاني ماڻهن کي زوريءَ فقط اهي شيون پوکڻ لاءِ زور ڀريو ٿي. جڪارتا ۽ پينانگ جي وچ ۾ انڊونيشيا جو هڪ ٻيٽ بنڊا (Banda) نالي آهي، اتي جي ماڻهن Nutmeg پوکڻ لاءِ هائوڪار نه ڪئي، ته ڊچن ان ٻيٽ جي سڀني ماڻهن جو قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ اوسي پاسي جي ملڪن کان ماڻهو غلام ڪري وٺي آيا ۽ ان ٻيٽ تي اچي پنهنجي پسند جو فصل پوکيائون، جتي جي يورپ ۾ ضرورت ۽ اگهه هو. هنن مصالحن جي هر شيءَ تي پنهنجي هڪ هٽي (Monopoly) هلائي ۽ نه فقط پوکڻ پر انهن جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ ويندي اهو به ته ڪهڙن ملڪن ۾ موڪلڻو آهي ۽ ڪهڙن ۾ نه.