الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

واشنگٽن ۾ سنڌي شام

مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته هن فليٽ کان واشنگٽن جو مشهور نيـشنل مال سڏ پنڌ تي آهي. نيشنل مال هتي جو ڪو شاپنگ سينٽر ناهي، پر واڪ ڪرڻ لاءِ ڇٻر جو موڪرو پٽو آهي، جيڪو ڪئپيٽال هل (Capital Hill) کان شروع ٿئي ٿو، ته وڃيو پوٽومئڪ ندي سان لڳي. سندس هڪ پاسي Constitution ايوينيو آهي ته ٻئي پاسي Independence ايوينيو. ڪئپيٽال هل وٽ U.S Capitol جي عمارت آهي، جنهن جو ذڪر ڪري چڪا آهيون، ڀر ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي لئبرري “دي لئبرري آف ڪانگريس” ۽ فولگر شيڪسپيئر لئبرري آهي. ان بعد ڏسڻ وٽان شيءِ “بوٽانيڪل باغ” آهن. ان سان لڳو لڳ آمريڪن انڊين ميوزيم ۽ نيشنل گيلري آهي۔ اهي جتي ختم ٿين ٿا، اتي “Air & Space” ميوزيم، هرش هارن ميوزيم، نئچرل هسٽري جو نئشنل ميوزيم ۽ سمٿوسن ڪئسل ۽ ميوزيم آهن. ان بعد واشنگٽن مانومينٽ آهي جيڪو ڇهه سئو کن فٽ ڊگهو آهي ۽ پري پري تائين نظر اچي ٿو. ان بعد ٿورو واڪ ڪرڻ سان ٻي جنگ عظيم جو يادگار WWII Memorial آهي، جنهن بعد آخر ۾ پوٽومئڪ نديءَ جي ڪناري وٽ “لنڪن ميموريل” آهي.
پوٽو مئڪ ندي جي هن پاسي واري ڪناري تي “ارلنگٽن ميموريل برج” آهي، جتان ٽپي نديءَ جي ٻي پار Arlington وڃي سگهجي ٿو. ارلنگٽن جيتوڻيڪ واشنگٽن ڊي سي جي حد کان ٻاهر ورجينا رياست ۾ آهي، جيئن راولپنڊي اسان جي فيڊرل ڪئپيٽل اسلام آباد کان ٻاهر پنجاب صوبي ۾ آهي يا ڪوٽڙي جو شهر حيدرآباد ضلعي بدران دادو ضلعي (هاڻ ڄامشوري ضلعي) ۾ آهي، پر واشنگٽن ۾ زمين جي کوٽ ۽ ارلنگٽن جي ويجھڙائي ڪري فيڊرل حڪومت جون ڪجهه شيون جيڪي واشنگٽن ۾ هجڻ کپن، درياهه جي ٻئي پار ارلنگٽن ۾ آهن. پينٽاگون هائوس جنهن تي نائن اليون وارن هاءِ جئڪرن جهاز Crash ڪيو ۽ جتي اسان جي مرحوم دوست قاضي اظهر عباسي نوڪري ڪئي ٿي، اهو پڻ Arlington ۾ آهي. اهڙي طرح ارلنگٽن قومي قبرستان IWO JIMA يادگار، Cuslis_Lee مئنشن وغيره پڻ ارلنگٽن ۾ آهن. بهرحال واشنگٽن جون گهمڻ ڦرڻ جون سڀ اهم جايون منور جي فليٽ کان ويجھيون آهن. ڪيڏانهن پري وڃڻ لاءِ وري ٻه گهٽيون ڇڏي ٽيءَ ۾ L’Enfant سب وي ريلوي اسٽيشن آهي، جتان هتان جون تقريباً سڀ ڳاڙهيون، سونهريون، بلو سايون ۽ هيڊيون ريل گاڏيون لنگهن ٿيون يا ڀر واري جنڪشن اسٽيشن “ميٽرو سينٽر” سان ملائين ٿيون ۽ شهر ۾ هلندڙ سڀ بسون ته در وٽ ئي بيهن ٿيون.
آمريڪا جي ٻن ٽن شهرن مان واشنگٽن هڪ آهي جنهن ۾ سنگاپور، ڪوالالمپور، ٽوڪيو، لنڊن وانگر بس سروس آهي ... نه فقط آهي، پر تمام سٺو نظام آهي، نه ته سڄي آمريڪا ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لاءِ پنهنجي ڪار ڪڍڻي پوي ٿي. گهر ۾ جيترا ڀاتي، گهٽ ۾ گهٽ اوتريون ڪاريون هجڻ ضروري آهن، جو هر هڪ آفيس وڃڻ لاءِ، ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ، دڪان يا هوٽل تي وڃڻ لاءِ، گهمڻ ڦرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ڪار ڪڍي ٿو.
آمريڪا جي مشهور عمارت وائيٽ هائوس، جنهن ۾ ملڪ جو صدر رهي ٿو ۽ سندس آفيسون آهن، اها پڻ منور جي فليٽ کان ڪار رستي ڏهن منٽن جي پنڌ تي آهي. مٿي واشنگٽن يادگار جي مناري بابت لکيو اٿم. وائيٽ هائوس هن monument جي بلڪل اتر پاسي پينسلوانيا ايوينيو تي آهي.
واشنگٽن پهچڻ واري پهرين ڏينهن شام جو ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ وارن مون سان شام ملهائڻ جو پروگرم رکيو هو جنهن جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان، ته ان ۾ ڪيترن اهڙن ڪلاس ميٽن، عزيزن ۽ دوستن سان ملاقات ٿي، جن سان مِلئي چاليهه کن سال ٿي ويا هئا، جهڙوڪ خالد هاشماڻي، عبدالعليم بروهي (جڳ جهان جو مامون جمون)، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ گاجڻي، ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ، وائيس آف آمريڪا وارو مرتضيٰ سولنگي، حيدرآباد جي مشهور شخصيت خانبهادر محمد صديق ميمڻ صاحب جو فرزند عبدالنبي ميمڻ صاحب ۽ ٻين ڪيترن دوستن جا پٽ يا ڀاڻيجا، ڀائيٽا جن سان هتي پهريون ڀيرو ملاقات ٿي ... جهڙوڪ حيدرآباد جي مرحوم رفيق شيخ جو فرزند اعجاز شيخ، شوڪت جماڻي جي ڪزن جو پٽ عرفان جماڻي، علي رضا ميمڻ جو ڀاءُ ڊاڪٽر نواز ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي جن مان گهڻا اهي هئا، جيڪي واشنگٽن ۾ نٿا رهن، پر ورجينيا، ميريلئنڊ، پينسلوانيا، ڪينٽڪي، اوهيو ويندي نيويارڪ کان ڪهي آيا هئا. منور لغاريءَ هر هڪ کي هٿ ٻڌي هن جا ٿورا وڏي واڪ پئي مڃيا، ان سان گڏ دل ئي دل ۾ آئون به سندن ٿورا مڃي رهيو هوس، جو ههڙي مشغول ملڪ ۾ پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، مون سان ملڻ ۽ منهنجا ٻه اکر ٻڌڻ لاءِ اچڻ نه فقط ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ لاءِ سندن عزت جو مظاهرو هو، پر مون لاءِ به سندن پيار هو، جنهن لاءِ آئون پڻ ٿورائتو هوس. هن دعوت ۾ آمريڪا جي (بلڪ يونائيٽيڊ نيشن جي) هڪ اهم شخصيت، ائمبسڊر جان ڊبليو مئڪڊونالڊ کي پڻ مدعو ڪيو ويو هو، جنهن پنهنجي آرگنائيزيشن ــــ جنهن جو پاڻ باني ۽ ڊائريڪٽر آهي “دي انسٽيٽيوٽ آف ملٽي ٽرئڪ ڊپلوميسي” جي ڪارڪردگين تي تقرير ڪرڻ کان علاوه پنهنجي نئين ڇپيل ڪتاب “Multi Track Diplomacy” بابت پڻ ٻڌايو.