الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

نجم هڪ گوريءَ سان شادي ڪئي آهي

“پوءِ هيءَ يونيورسٽي واري نوڪري ڪيئن ملئي؟” مون نجم کان پڇيو.
“الله ڀلو ڪري منور لغاريءَ جو. هو پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ نيويارڪ ، جتي مون جابس ڪيا ٿي ترسيل هو، ته منهنجي هن سان ملاقات ٿي. مون هن سان صلاح ڪئي ته آئون ڪجهه وڌيڪ پڙهڻ چاهيان ٿو، جيئن هتان جي ڊگري حاصل ڪري ڪا چڱيڙي نوڪري وٺي سگهان.”
منور لغاريءَ نجم ميمڻ کي واشنگٽن جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ اچي داخلا وٺڻ ۽ سندس آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو. نجم نيويارڪ واري نوڪري ڇڏي، هتي واشنگٽن پهتو. ٻئي ڏينهن منور سان گڏجي هن Strayer University ۾ پهتو ۽ داخلا في ۽ ٻئي خرچ بابت يونيورسٽي وارن سان ڳالهائي رهيو هو ته هن کي خبر پيئي ته هن يونيورسٽي جي لئبرري لاءِ هڪ همراهه کپي. اهو ٻڌي نجم داخلا وٺي پڙهڻ بدران نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏني.
“منهنجي خيالَ ۾ آئون لَڪي هوس.” نجم ٻڌايو، “جو هفتي اندر مونکي نوڪري لاءِ آرڊر ملي ويو ۽ مون وڌيڪ َ پڙهائي ڪرڻ جوخيال لاهي، نوڪري شروع ڪئي، ڇو جو هتي پڙهائي به مهانگي آهي ۽ ٻه ٻه سبجيڪٽ پڙهڻ تي به لکها رپيا خرچ اچيو وڃي. هينئر خوش آهيان جو هتي واشنگتن جهڙي شهر ۾ هڪ سٺي تعليمي اداري ۾ اها نوڪري ملي وئي اٿم، جيڪا سنڌ يونيورسٽي ۾ هئي.”
“ڀلا پگهار هينئر گهڻو يا پهرين؟” مون پڇيو مانس.
“پئسن جو جي حساب لڳائبو ته پوءِ هتي گهٽ آهي.” نجم وراڻيو، “هتي ڪلاڪ جا سمجھو ته اٺ ڊالر ملن ٿا ۽ روز اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ڇنڇر ۽ آچر موڪل آهي. پهرين جيڪو به ڪم ڪيو ٿي، ان ۾ ڏهه يا يارهن کن ڊالر ڪلاڪ جا مليا ٿي ۽ روز ڏهه ڪلاڪ کن ڪم ڪرڻ بعد اوور ٽائيم به ڪڏهن ڪڏهن ڪيوسين ٿي. پر اهو آهي ته هتي ڪم جو صاف سٿرو ماحول آهي ۽ رهائش لاءِ به منور جي مهرباني آهي، جو هتي نه فقط يونيورسٽي جي ويجھو وچ شهرَ ۾ رهيا پيا آهيون، پر هر وقت پڙهيل ڳڙهيل ۽ اهم ماڻهن سان ملاقات پيئي ٿئي. پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جا اهي اهي سياسي ليڊر، سرڪاري ڪامورا، شاعرَ اَديبَ جن جون تصويرون هن کان اڳ فقط اخبار يا ٽي وي تي ڏٺيوسين، اهي جڏهن منور وٽ اچن ٿا ته اسان جي به ملاقات ٿيو وڃي. ڳوٺ ايندو آهيان ته ڪم ڪار لاءِ ممتاز ڀُٽو، رسول بخش پليجو، ٽنڊو قيصر جي شوڪت نظاماڻي صاحب جهـڙن اهم ماڻهن وٽ هلي ويندو آهيان، جيڪي هتان رهي ويا آهن ۽ سائين منور لغاري صاحب جي ڪري مون تي به شفيق آهن ۽ مونکان به جيڪي پڄي ٿو آئون انهن جي خدمت ڪريان ٿو.”
“ڀلا ٻار اڃان وٺي نٿو اچين؟” مون پڇيو.
“ڪيئن وٺي اچان، دل ته گهڻو ئي چوي ٿي، پر هتي جا خرچ ته ڏسو. هتي منور وٽ مفت رهيو پيو آهيان. هو مونکي ڪم پيو اچي ۽ جيڪي ڪجهه مون کان پڄي ٿو آئون هن جي مدد ڪريان ٿو. رڳو پنهنجي لاءِ هڪ ڪمري جو الڳ ڪمرو وٺي رهان ته مهيني جو سڄو پگهار اتي ئي چٽ ٿي وڃي، ٻارن کي ڇا موڪليان. چار ٻار اٿم، زالَ ۽ ماءُ. هتي آمريڪا ۾ ته جڏهن هر هڪ ڪمائي ٿو پوءِ ٿي پورت ٿئي. اسڪولن جون فيون ڳريون، دوا درمل مهانگي. هينئر مونکي پتي جي آپريشن ڪرائڻي هئي. هتي انشورنس وارن طرفان ميڊيڪل جي باوجود مونکي ڏيڍ لک رپيا ڏيڻا پيا ٿي، ان ڪري ڪراچي وڃي سڄو خرچ پاڻ ڀريم ته به پنجويهه هزار روپيا بل آيو. اهو آهي ته هتي نوڪري ڪرڻ ڪري منهنجا چارئي ٻار ڳوٺ پـڙهن پيا، کين مون وانگر رات جو ٽي بجي اٿي تاڃيون ۽ اوڄو ڪري اسڪول جي في جا پئسا جوڙڻا نٿا پون. مون وانگر پاڙي ۾ وڃي ٽي وي نٿي ڏسڻي پوين. هر مهيني مالڪ مڪان جا دڙڪا نٿا ٻڌڻا پون. اڄ اسانکي هيٺ مٿي پڪو گهر آهي، جنهن ۾ ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر کان ريفريجريٽر جهڙي سهولت آهي. پاڻ ۽ پوڙهي ماءُ کي حج ڪرايو اٿم جنهن جو اسان سوچي به نٿي سگهياسين. وڏو پٽ هاڻ انٽر ۾ پهتو آهي. چيو اٿمانس ته سٺي نمبر سان انٽر يا گرئجوئيشن ڪري، پوءِ هڪ هڪ ٿي هيڏانهن ايندو وڃي ۽ هيڏانهن اچي وڌيڪ پڙهي به ته جاب به ڪري ۽ ٻه ٻار کن هيڏانهن اچي ويا ته پوءِ ايتري ڪمائي ٿي ويندي جو پنهنجو گهرُ وٺي باقي گهر جا ڀاتي به اچي هيمشه لاءِ رهي پون.”
“ٻار ته ضرور چوندا هونداءِ ته اسان به آمريڪا اچئون؟” مون نجم کان پڇيو.
“ها، خاص ڪري ٻه ننڍا ٻار. باقي منهنجي زالَ ۽ وڏا ٻه سمجھن ٿا ته جي آئون پاڪستان موٽي ايندس ته مونکي ڪا پنج هزار رپين جي به نوڪري نه ملندي منهنجي هتي هجڻ ڪري سڀاڻي کين به آمريڪا جو پاسپورٽ ۽ شهريت ملي ويندي. منهنجي ماءُ ۽ منهنجي زال منهنجي ڪمايل پئسي کي تمام خيالَ سان هلائين ٿيون ۽ هو سمجھن ٿيون ته اها مجبوري فقط مونسان نه، پر اسانجي ملڪ جي لکين ماڻهن سان آهي. پنهنجو ملڪ ملائيشيا، ڪوريا ويندي ويٽنام يا ٿائلينڊ جهڙو ٿي پوي ته ٻاهر جا ڌڪا کائڻ لاءِ ڇو نڪرجي. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي زالَ کي پاڙي جون عورتون ۽ منهنجي سهري کي مارڪيٽ ۾ ماڻهو اهو چئي پريشان ڪندا آهن ته نجم آمريڪا ۾ هڪ گوريءَ سان شادي ڪري ان وٽ سکيو وٺو آهي. هاڻ ماڻهن کي ڪير سمجھائي ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن يا ٻين ڪيترن ايشيائي ماڻهن کي ههڙن ملڪن ۾ گوري ته ڇا، پر ڪا ڪاري به کلي نٿي ڳالهائي. هتي اسان اهي چاڪين جا ڍور آهيون جن جو ڪم سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ آهي.”
منور لغاريءَ جي فليٽ تي رهيل رات وارا سڀ دوست يار هڪ ٿي پنهنجي شهر پنهنجي رياست ڏي روانو ٿي چڪا هئا. نجم به آفيس روانو ٿي ويو. منور مونکي پاڻَ سان گڏ آفيس وٺي هلڻ لاءِ پڇيو.
“يار هينئر نٿو نڪران.” مون کيس چيو، “آئون ڪالهه واري فنڪشن ۾ مليل ماڻهن بابت ڪجهه Notes لکي، پوءِ هيٺان ڪجهه گهٽين جو چڪر پاڻهي پنهنجي مرضيءَ سان هڻي آرام اچي ٿو ڪريان.توهان آفيس مان ٿي اچو پوءِ شامَ جو کڻي چڪر تي نڪرنداسين.”
“ائين به صحيح آهي جيئن توهان کي easy لڳي.” منور مونکي فليٽ جي ڊپليڪيٽ چاٻي ڏيندي چيو، “شامَ جو خالد هاشماڻي ۽ جاويد ڀٽو به توهان سان وري ملڻ اچي رهيو آهي. پر مون چاهيو ٿي ته توهان مون سان هلو ته توهان کي لنچ ڪنهن هوٽل ۾ ڪرايان.”
“منور اهي تڪليفون ته نه ڪر. ماني هيتري فرج ۾ پيئي آهي، اها به ته هوٽل جي آهي، بلڪه هتي جي هڪ بهترين انڊين هوٽل جي. سو مانيءَ جو ته بلڪل فڪر نه ڪجانءِ. ٻوڙ جي هڪ هڪ ٿيلهي روز گرم ڪري کائون تڏهن به پاڻ ٽن چئن ڄڻ لاءِ ڏهن ڏينهن کان وڌيڪ هلي. بهرحال منهنجي مانيءَ جو فڪر نه ڪجانءِ. منهنجيون د لپسند شيون، جئم، بيضو، ڊبل روٽي ۽ مکڻ تنهنجي فرج ۾ موجود آهن. جنهن وقت بک لڳي آئون پنهنجي مرضيءَ سان پيو کائيندس.”
منور جي رواني ٿيڻ بعد آئون ڪجهه دير گذريل ڏينهن جون ڳالهيون، خاص ڪري گذريل چوويهه ڪلاڪن ۾ مليل ماڻهو رميش ٿارواڻي، خالد هاشماڻي، عرفان جماڻي کان اعجاز شيخ، حنيف سانگي، ڊاڪٽر سرفراز ۽ ٻين بابت سوچيندو ۽ انهن بابت ڪجهه Points لکندو رهيس. دريءَ مان ڏٺم ته ٻاهر جُهڙ هو. در کولي ڏٺم ته ٻاهر به ايترو ئي ٺار هو جيترو اندر ڪمري ۾ ايئر ڪنڊيشنر ڪري رهيو هو، سو جاگر پائي هٿ ۾ ڪئميرا، ڪاپي ۽ پين کڻي هيٺ رستي تي لهي آيس ۽ ٻه ڪلاڪ کن هن شهر جي مختلف رستن تي ــــ انهن ئي رستن تي جن تي اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ هلندو هوس، چڪر هڻندو رهيس.. هيڏي وڏي عرصي ۾ هن شهر واشنگٽن ۾ ڪهڙو فرق آيو آهي؟ آيا هن شهر ۾ فرق آيو آهي يا نه. يا مون ۾ فرق آيو آهي. بهرحال هن شهر جي گهٽين مان اڄ ايڪهٺ ٻاهٺ سالن جي ڄمار ۾ واڪ ڪري رهيو آهيان ته مونکي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گلڪاريون ۽ خوبصورت عمارتون ٿيون نظر اچن، گرجا گهر، ميوزيم ۽ لئبرريون ٿيون نظر اچن. 1970ع يا 1971ع وارن سالن ۾ جڏهن آئون چوويهه پنجويهه سالن جو نوجوان هوس، تڏهن ته مونکي اهي شيون ڪڏهن به نظر نه آيون، تڏهن هنن رستن تي، مونکي توڙي جهاز هلائڻ وارن منهنجن دوستن کي، فقط ۽ فقط ڇوڪريون نظر آيون ٿي. اسڪرٽن ۾ ڇوڪريون، جينز ۾ ڇوڪريون، گوريون ڇوڪريون، ڪاريون ڇوڪريون، پورٽوريڪن ڇنال ڇوڪريون، هسپانوي نخريليون ڇوڪريون، ماڪوڙن جهڙن وارن واري مٿي واريون ڪيوبن ڇوڪريون، قراقلي ٽوپيءَ جهڙي مٿي واريون جئميڪن حبشي ڇوڪريون .... اڄ هن شهر جي دنيا بدليل نظر اچي رهي آهي، پر ان ۾ شهر جي ميونسپالٽي جو ڪمال نه آهي، انسان جي عمر جو حاوي ٿيڻ آهي.
شامَ جو خالد هاشماڻي مون لاءِ پنهنجي آفيس مان ڪجهه اڇا پنا، بال پينون ۽ ٻيو اسٽيشنري جو سامان ۽ رستي تان ورتل پٽئٽو چپس، Peanuts جا ٻه دٻا کڻي آيو. منهنجي خيالَ ۾ مون لاءِ هڪ هنڌ ويهي لکڻ لاءِ بهترين گفٽ هو. ٽيٽلي چانهه جون tea bags منور جي ڪچن ۾ جام هيون. ٿوري دير بعد حُميرا ۽ نجم به آفيس کان اچي ويا ۽ اسان چانهه پي واڪ لاءِ نڪتاسين. منور لغاريءَ جي فليٽ واري ستين گهٽي SW اتر طرف نيشنل مال ڏي وٺي وڃڻ بدران، اسان خالد هاشماڻيءَ جي پٺيان ڏکڻ طرف پوٽو مئڪ ندي ڏي واڪ ڪرڻ لڳاسين ۽ پوءِ واشنگٽن چينل جي واٽر فرنٽ وٽ پهچي، ڪناري واري رستي “واٽر اسٽريٽ” تي واڪ ڪرڻ لڳاسين هلڪي شامَ جو وقت هو، هوا ۾ ڪافي خنڪي ۽ ٿڌڪار هو. اڳيان Main Lobsterman ۽ ٽائيٽينڪ Memorial هو. مسافرن ۽ ٽوئرسٽن کي کڻي گهمائڻ واريون ٻيڙيون پوٽومئڪ ندي ڏي وڃي وري کين هتي Spirit Cruises جي آفيس وٽ اچي ٿي لاٿو. ٻئي پاسي کان Maine Avenue (هاءِ وي) تان ٽرئفڪ اتر ۽ ڏکڻ طرف پئي ويئي.