الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

هاڻ آمريڪا ۾ آچار۽ ڳڙ به ملي ٿو

مئرين انجنيئر جي حيثيت سان جيئن ئي مون 1968ع کان جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته شروعات جي فقط ڪجهه سفرن ۾ ڪولمبو، هانگ ڪانگ، چين ۽ يورپ پاسي (روس، رومانيا، بلغاريا، لبنان ۽ ترڪي جهڙن ملڪن ۾) جهازن کي وٺي وڃڻ کان علاوه باقي عرصو 1972ع تائين، چار سال کن لڳاتار، منهنجو مختلف جهازن تي گهڻو وقت آمريڪا جي بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو.
انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري جهاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرائي پوءِ آمريڪا ڏي وٺي وڃڻو پيو ٿي. رستي تي ڪئريبين سمنڊ جي ويسٽ انڊيز بندرگاهن: ٽرنيڊاڊ، ٽوباگو ۽ ڪڏهن برمودا ۽ هوانا (ڪيوبا) ۾ ساهي پٽي يا سامان لاهي، پوءِ آمريڪا جي ڏاکڻن بندرگاهن ۾ پهرين پهچڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ اڃان Container سروس شروع نه ٿي هئي. جهاز بندرگاهن ۾ گهڙندو هو ته ٻاهر نڪرڻ جو نالو نه وٺندو هو. سامان ٽرڪن ذريعي ٿورو ٿورو ٿي پيو بندرگاهن ۾ ايندو هو، جنهن کي نيٽ ذريعي جهاز تي چاڙهيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته شهر ۾ ٽريفڪ جام هجڻ ڪري سامان جون ٽرڪون بندرگاهن ۾ نه پهچنديون هيون ۽ سامان چاڙهڻ يا لاهڻ وارا مڪاني مزدور به ويٺا آرام ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته فيڪٽريءَ ۾ مال تيار نه هجڻ ڪري جهاز ڀرجڻ جو ڪم بند ٿي ويندو هو. مطلب ته انهن ڏينهن ۾ اسان جهازين (جهاز هلائيندڙن) جا مزا هئا. بندرگاهه ۾ رهڻ لاءِ ڪافي ڏينهن ملي ويندا هئا. هاڻ ته بندرگاهن ۾ ڇهه اٺ ڪلاڪ به مس ملن ٿا، جو جهاز پهچڻ کان اڳ سامان ڪنٽينرن ۾ بند ٿيل ملي ٿو ۽ لاهڻ مهل به جهاز ڏينهن ٻن ۾ سڀ ڪنٽينر لاهيو هليو وڃي ۽ پوءِ پيو ڪنٽينرن مان سامان نڪري ٽرڪن ۾ چڙهي ۽ ان ملڪ جي مختلف شهرن ڏي روانو ٿئي. يعني اڄ ڪلهه جهازن کي بندرگاهه ۾ گهٽ بيهڻو پوي ٿو ۽ سمنڊ ۾ گهڻو هلڻو پوي ٿو. اسان جهاز هلائيندڙن لاءِ سامونڊي نوڪري جا اهي ڏينهن مزيدار ۽ رنگين ٿين ٿا، جيڪي ڏينهن بندرگاهه ۾ ترسڻو پوي ٿو. ٻين لفظن ۾ اسين جهازي اهو ئي چاهيون ٿا ته جهاز تي سامان جيترو آهستي آهستي چڙهي ۽ جيترا گهڻا ڏينهن بندرگاهه ۾ بيهي اوترو سٺو. چوڻي مشهور آهي ته هر Seafarer (جهازيءَ) جو اهو ئي خواب هوندو آهي ته هن جو جهاز بندرگاهه ۾ پهچي ته دڪي (Jetty) جي مزدورن جي اسٽرائيڪ هجي. نه اهي ڪم ڪن ۽ نه جهاز تي سامان چڙهي ۽ نه جهاز بندرگاه مان ٻاهر نڪرڻ جو نالو وٺي. ساڳي وقت جهازن جا مالڪ اهو ئي چاهين ٿا ته هنن جا جهاز بندرگاهه ۾ بيهڻ بدران گهڻي کان گهڻو وقت سمنڊ ۾ هلندا رهن، ڇو جو جهاز مالڪن کي تڏهن ئي گهڻو ڪمائي ڏين ٿا، جڏهن هو سامان کڻي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائين ٿا. سامان کڻائي ڀاڙو، سامان جي مالڪن کان سمنڊ ۾ سفر جي مفاصلي يا ڏينهن موجب ملي ٿو. جهاز جي بندرگاه ۾ بيهڻ تي ويتر مالڪ جو خرچ ٿئي ٿو. ڪراچي جهڙي بندرگاه ۾ به رڳو هڪ ڏينهن جي پارڪنگ في چار پنج لک رپيا آهي. ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي خرچ آهن. اسان جهاز هلائيندڙن لاءِ هڪ طرف سمنڊ تي جهاز جا لوڏا، جهاز هلائڻ جون پريشانيون ۽ اوجاڳا آهن ته ٻئي طرف بندرگاهه ۾ آرام ۽ خوشين جي زندگي آهي.
اسان جي ڏينهن ۾ يعني منهنجي سامونڊي زندگيءَ جي شروعاتي سالن ۾، آمريڪا جو سفر تمام ڊگهو ضرور هو (بلڪ انهن سالن ۾ اڃا به وڏو هو جو سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري سڄي آفريڪا کي ڦيرو ڪري، پوءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي آمريڪا پهچندا هئاسين) پر هڪ دفعو آمريڪا پهچڻ بعد في الحال موج مزي ۾ اچي ويندا هئاسين، جو آمريڪا جا ڪارا مزدور هميشه ڦڏي بازيون ڪري، پاڻ به سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ کان هڙتال ڪيو ويٺا هوندا هئا، ته اسان کي به سمنڊ ڏي منهن ڪرڻ کان بچايو ويٺا هوندا هئا. ٻي ڳالهه ته گهڻو تڻو سامان آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن لاءِ ئي چڙهندو لهندو هو، جيڪي بندرگاهه هڪ ٻئي جي ايترو ته ويجها آهن، جو وڏي ۾ وڏو سفر به ڏينهن ٻن جو مس ٿئي ٿو، نه ته ڪيترائي بندرگاهه فلڊلفيا، بالٽيمور، نيوارڪ، نيويارڪ وغيره جهڙا, ته فقط چند ڪلاڪن جي فاصلي تي آهن ۽ اسان هڪ بندرگاهه ۾ هفتو ڏيڍ رهڻ بعد چند ڪلاڪ جهاز هلائي، وري ٻئي بندرگاهه ۾ پڙِ هڻي بيهي رهندا هئاسين. اهڙي طرح ٻه ٻه ٽي ٽي مهينا آمريڪا ۾ گذري ويندا هئا، پوءِ ورلي ڪو ڪيوبا، برمودا يا وڌ ۾ وڌ آفريڪا جي بندرگاهن: ڊڪار (سينيگال) ۽ عابد جان (آوري ڪوسٽ) لاءِ سامان کڻي وڃڻو پوندو هو. جتان پوءِ وري جهاز کي USA وٺي اچڻو پوندو هو. نيويارڪ، نيو اورلينس، هوسٽن، بالٽيمور، فلڊلفيا، سواناهه، بئٽن روج جهڙن بندرگاهن ۾ ته ايترو وقت ۽ ايترا دفعا وڃڻ ٿيو، جو پنهنجي ڳوٺ هالا ۽ حيدرآباد جي گهٽين جي به ايتري ڄاڻ نه ٿي، جيتري آمريڪا جي مٿين شهرن جي.
انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ سنڌ جا ماڻهو ته گهٽ هئا، پر پاڪستان جي ٻين صوبن جا به نه هئڻ برابر هئا. حلال گوشت ۽ ٻين شين جهڙوڪ چپاتي، نان، آچار، مٺائي ملڻ ناممڪن ڳالهه هئي. اسان جو جهاز جنهن بندرگاهه ۾ پهچندو هو، اتي رهندڙ اسان جي وطن جا ماڻهو ڪا نه ڪا سڃاڻپ پيدا ڪري، جهاز تي پهچي ويندا هئا ۽ پنهنجي وطن جا کاڌا کائي، هنن کي خوشي ٿيندي هئي. نيويارڪ ۾ نور احمد نظاماڻي، يوسف ڏاهري، بشير مغل، سليم شاهه ۽ ڊاڪٽر ابڙي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. شهر جا چڪر هڻي ماني جهاز تي اچي کائيندا هئاسين. ڪڏهن هنن وٽ کائڻ ٿيندو هو ته گوشت ڪنهن يهوديءَ جي دڪان تان وٺي، گهر ۾ رڌيندا هئا، پوءِ ڊبل روٽيءَ سان ئي کائڻو پوندو هو. ڪٿان اٽو ملي ۽ ڪير چپاتي يا نان پچائي؟ پر هاڻ جڏهن ٽيٽيهن سالن بعد آمريڪا جي انهن بندرگاهن کي ڏسان ٿو ته نه فقط انهن وڏن شهرن ۾، پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ حلال گوشت جا دڪان آهن ۽ نه فقط مصري ۽ فلسطيني ڪاسائي نظر اچن ٿا، پر پنجابي ۽ پٺاڻ به جام آهن. بالٽيمور ۾ هڪ سنڌي عاشق لاکو نالي به مليو، جيڪو جيتوڻيڪ پنهنجي ڳوٺ (سکر ضلعي) جي ڪاليج ۾ هڪ بهترين ليڪچرر هو، پر آمريڪا جي لاٽري واري ويزا ملڻ بعد هتي بهترين ڪاسائي آهي ۽ بقول سندس جيتري ڪمائي آمريڪا ۾ Meat Shop ۾ آهي، اوتري ٻئي ۾ نه آهي. هو ٻڪري ۽ ڍڳي ذبح ڪرڻ بعد جنهن نموني ۽ تکي رفتار سان جديد مشينن ذريعي، ان جانور جون، گراهڪن لاءِ ٻوٽيون ٺاهي ٿو، اهو قابل داد آهي. محنتي ماڻهو هر فيلڊ ۾ محنتي ٿئي ٿو، جهڙو هو هڪ قابل ۽ محنتي استاد هو، اهڙو ئي هو ڪاسائي آهي. هن کي پاڻ وٽ نوڪري ڏيڻ لاءِ هر وڏو دڪاندار آڇ ڪري ٿو، پر هن هاڻ ٻن ٻين پاڪستانين سان ملي بالٽيمور ۾ پنهنجو دڪان کوليو آهي. بهرحال آمريڪا ۾ اڄ ڪلهه نه فقط حلال گوشت سولائيءَ سان ملي ٿو، پر “پڪي پڪاين” چپاتين، اڦراٽن، نانن جو ملڻ به آسان ٿي ويو آهي ۽ نه فقط انڊين ۽ پاڪستاني دڪانن تي، پر هتي جي گورن آمريڪين جي دڪانن تي به، هر ديسي شيءِ ويندي آچار، دال، سوجي، ميدو، لونگ ڦوٽا، هيڊ، مُستي، گدامڙيءَ کان وٺي رڌ پچاءَ جا ٿانوَ: وٽا، ڪريون، لوٽا، ويلڻ، چاڏيون ۽ توا رکيا آهن. ان کان علاوه اهو ڪهڙو آمريڪا جو شهر آهي، جنهن ۾ انڊين ۽ پاڪستاني هوٽلون نه آهن، جن ۾ ڏهي بڙن ۽ ڪبابن کان وٺي ڇولا، چڪن تڪا، پڪوڙا ۽ مٺائيون نه ٿيون ملن!