ان پٺيان سندس سالن جي محنت آهي
بهرحال نجم کي ماٺ ڪرائڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هوندو هو. هو اڪثر هالا جي ڪنهاڙن، مِرچن، موڏڙن، ڊُگن ۽ تورپين جا ڊگها ۽ ساڳيا ساڳيا قصا کڻي ويهندو هو. اهي اهڙن موقعن تي آئون اڌ ڪلاڪ کن هيٺ گرائونڊ فلور تي هليو ويندو هوس. واپس ايندو هوس ته ڪمري ۾ سندس ڳالهين بدران کونگهرا هوندا هئا. اهڙيءَ طرح مون کي لکڻ پڙهڻ لاءِ اڪيلائي ۽ خاموشي ملي ويندي هئي. منور ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ نموندار ٿيندو هو ته ڌڻ معافين جا اچي وٺندو هو ته هو مونکي ڪمپني نه پيو ڏئي سگهي ۽ آئون اهو ئي کيس سمجھائيندي سمجھائيندي ٿڪجي پوندو هوس، ته اهوئي ته Setup مون لاءِ بهتر آهي، جنهن ۾ تون ڏينهن اڌ ملين ٿو ... هتان هتان جون خبرون ٻڌائين ٿو يا مونکي هيڏانهن هوڏانهن وٺي هلين ٿو ۽ پوءِ ٻه ٽي ڏينهن اڪيلو ڇڏي ڏيڻ سان مونکي لکڻ جو وقت مليو وڃي ۽ وچ وچ ۾ مونکي اڪيلي سر گهمڻ جو به موقعو مليو وڃي. هونءَ به منور جو فليٽ ان ماڻهوءَ لاءِ بهترين آهي جنهن کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هجي، ڇو جو منور جو اهو “اڪلوتي” ڪمري وارو فليٽ ڪتابن سان ڀريل آهي، جن ۾ تمام دلچسپ ۽ اهم ڪتاب موجود آهن. هندستان ۽ پاڪستان جي سنڌي ادب ۽ شعر و شاعري جا ڪتاب، دنيا جي اهم ماڻهن جون بايوگرافيون، سياست ۽ ايڪانامڪس تي ڪتاب، آزاديءَ جي جدوجهد تي لکيل ڪتابَ، ملڪن جي سياسي تاريخ ۽ جاگرافي جا ڪتاب، قانون جا ڪتابَ، دنيا جي ملڪن جي آئين ۽ حڪومتي نظامن تي لکيل ڪتاب ـــ ڪتاب ئي ڪتاب آهن. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي هئي ته مهينو کن هن ڪمري ۾ پاڻَ کي بند ڪري ڇڏجي ۽ رڳو ڪتاب پيا پڙهجن. منور انهن ماڻهن مان لڳي ٿو، جنهن کي نه فقط ڪتابن رکڻ جو شوق آهي، پر پڙهڻ جو پڻ. ٿڪل هوندو ته به سمهڻ کان اڳ، صبح جو اٿڻ سان يا مانيءَ کان پوءِ ڳرا ڳرا سياست، قانون ۽ آمريڪي تاريخَ جا ڪتاب کڻي نه رڳو پڙهندو، پر انهن مان Notes به وٺندو. منور کي جنهن عزت سان هن ملڪ جا سياسي نمائندا، ڪانگريس مين، سرڪاري ڪامورا، مختلف ملڪن جا سفيرَ ۽ تنظيمن جا سربراهه ملن ٿا، ان جو وڏو سبب اهوئي آهي ته هن کي تمام گهڻي معلومات آهي. هو هر ٽاپڪ تي ڳالهائي سگهي ٿو. هو جيترو وقت به هتي رهيو آهي وقت وڃائڻ بدران هُن پنهنجي معلومات ۾ واڌارو آندو آهي ۽ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجھيل ماڻهن سان تعلقات وڌايا اٿس. ان پٺيان سندس سالن جي محنت آهي. هتي آمريڪا ۾ منور کي نه فقط ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جو چيئرمين سمجهيو ٿو وڃي، پر هڪ learned ماڻهو ۽ دانشور پڻ ۽ هيڏي مان ۽ رتبي هوندي به منور بيحد Humble انسان آهي، فزيڪلي ۽ اخلاقي طرح مضبوط انسان آهي. واشنگٽن ۽ نيويارڪ جهڙن شهرن ۾ رهي ڪري، هن جيڪو مختلف ليکڪن جي ڪتابن مان علم حاصل ڪيو آهي ۽ هن جي جيڪا سوين سياسي، ادبي ۽ مذهبي قسم جي ماڻهن سان Interaction ٿي آهي، هن کي جيڪا UNO، آمريڪا جي حڪومتي نظام ۽ مختلف ملڪن ۽ قومن سان ٿيندڙ ظلمن جي ڄاڻَ آهي سا شايد ئي اسان جي اڄ جي ڪنهن پاڪستانيءَ کي هجي ـــ ان ڳالهه جو اعتراف حسين حقاني صاحب به ڪيو، جنهن سان گڏ هتي جي هڪ ڪانگريسي سيشن اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو.
And Come out of the Land that belongs to others
منور جي هن فليٽ واري بلڊنگ ۾ گهڻا ڪارا رهن ٿا، پر انهن ۾ آفريڪي نسل جي بدران گهڻا ڪئريبين ٻيٽن جا آهن. هيٺين فلور تي جتي رسيپشن آهي، اتي وڏي لائونج پڻ آهي، جنهن تي رکيل صوفي تي هي شام جي وقت يا صبح جو يارهين ٻارهين اچي وهندا آهن. سڀ سٺ سالن کان وڏا آهن، بلڪه ستر جي لڳ ڀڳ ٿيندا. 62 سالن جو ته آئون آهيان ۽ مونکي ينگ مئن ڪري سڏيندا آهن. هي سڀ گهڻو ڪري اڪيلا رهن ٿا ــــ تمام ٿورن جون زالون جيئريون آهن. سندن اولاد آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪري ٿو، جتي هو پنهنجين زالن مڙسن ۽ ٻچن ٻارن سان رهن. هنن ۾ گهڻو ڪري سڀ پڙهيل ڳڙهيل آهن. ڪيترا ته وڪيل هئا، هڪ جج آهي ۽ ڪي پروفيسر هئا. هاڻ سڀ رٽائرڊ ۽ پوڙها آهن. اڪيلي جي زندگي گذارين ٿا، ڪڏهن ڪڏهن سندن ڪا ڌيءَ يا پٽ ملڻ لاءِ اچي نڪرندو آهي. بهرحال هتي ان قسم جي ئي زندگي آهي ۽ هو وڌيڪ اميد به نٿا رکن. پنهنجو پاڻ ۾ ويهي ڪچهري ڪن. ڪڏهن ڪڏهن منور ۽ آئون به ساڻن ويهي رهندا آهيون. هڪ ٻه عذر وارا به آهن، جيڪي وهيل چيئر تي پاڻهي ڪمري کان لائونج تائين اچن وڃن. گورو آمريڪن اڄ ڪلهه جي گرم موسم ۾ چڍي پائي پيو هلندو، پر هي ڪمپليٽ سوٽ ۽ مئچنگ ٽاءِ لڳائي هٿ ۾ سگريٽ جھلي ائين نظر ايندا آهن، ڄڻ اسٽيج تي ڪنهن ڊرامي ۾ پارٽ ادا ڪرڻ لاءِ پهتا هُجن. اُنهن مان هڪ جنهن جو سڄو نالو ڊونالڊ پي رائيٽ (Donald P. Write) آهي ۽ سڀ ۾ گهڻو خوش مزاج آهي، اهو منور جي فلئٽ ۾ به اچي نڪرندو آهي. هڪ ڏينهن ٻڌائين پئي ته هن بلڊنگ جي هڪ فلئٽ ۾ آمريڪا جي سابق صدر نڪسن جو پيءُ ۽ پوء پاڻ نڪسن به رهيو ۽ هي فلئٽ ان خيال کان تاريخي چئي سگهجن ٿا جو هن ۾ آمريڪا جا اهم ماڻهو رهي ويا آهن ۽ اڄ به رهن ٿا. ڊونالڊ پاڻ شاعر به آهي ۽ هر دفعي پنهنجو ڪو شعر به اچي ٻڌائيندو آهي. انهن شعرن مان هڪ شعر جيڪو مونکي گهڻو پسند آهي ۽ اڃان تائين ياد به اٿم، هن ريت آهي:
The world we live in,
Is the beautiful place
If the man put down his arms,
And begin to live in this place.
In order to do this
We must love on as brother,
And come out of the land,
That belongs to others.