الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

واشنگٽن جي ننڍن ريسٽورينٽ ۽ ان جا کاڌا

منور لغاري سگنل وٽان ڦري اسان وٽ پهتو ته سڀني پنڌ هلڻ بدران ڪارن ۾ هلڻ لاءِ چيو. پوءِ ڪي ڊاڪٽر الطاف جي ڪار ۾ ته ڪي منور جي مڙهه ڪار ۾، جنهن کي اڳيان هلڻ لاءِ چيوسين ته جيئن وچ رستي تي پڙ ڪڍي بيهي رهي ته خبر ته پئجي وڃي ۽ يڪدم اڳتي ڌڪائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، جو هاڻ وقت تمام ٿورو هو ۽ خاص مهمان ڪانگريس مئن ٽام ٽانڪريدو جي اچڻ ۾ ڪو اڌ ڪلاڪ به نه هو.
هوٽل “دي بامبي ڪلب” ۾ پهتاسين، ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس جا ٻيا ميمبر مهمان مليا، جن ۾ خالد هاشماڻي، گجرات انڊيا جو هڪ سنڌي پراوين ۽ سندس زال پانيا اگروال، ڪراچي جو نوجوان انجنيئر ۽ WSI لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪندڙ مقبول عالياڻي ۽ سندس زالَ، ٿائلينڊ جي هڪ سنڌي فئملي جي هڪ نوجوان خاتون ايڪتا ڇڳاڻي، جيڪا آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ آهي ۽ WSI جي آفيس ۾ ملازم آهي ۽ حيدرآباد پاسي جو نوجوان انجنيئر شاهد ٽالپر هو. شاهد ٽالپر ڪافي سالن کان هتي واشنگٽن ۾ رهي ٿو ۽ هتي جي هڪ مشهور انجنيئرنگ ڪمپني URS ڪارپوريشن ۾ ڪم ڪري ٿو. پروفيشن جي لحاظ کان هو اسٽرڪچر انجنيئر آهي.
هيءَ انڊين ريسٽورينٽ هونءَ ڏسڻ ۾ کڻي ايڏي وڏي ڪولوسل ٽائيپ ناهي، پر هن گاديءَ واري شهر ۾ پنهنجي Location ڪري وڏي اهميت رکي ٿي ... يعني جيڪا ملڪ جي صدر جي آفيس ۽ سرڪاري گهر وٽ هجي ۽ جنهن جي ڀرسان شهرَ جا اهم روڊَ ـــ پينسلوانيا ايوينيو، نيويارڪ ايوينيو، ڪنيڪٽي ڪٽ ايوينيو، ٽريزري ڊپارٽمينٽ Lafayette پارڪ، بليئر هائوس، ڊيڪٽر هائوس جي ڀرسان هجي، ان جي ڇا ڳالهه ڪجي. اتان ته سڄو ڏينهن ملڪ جي ڪانگريس مين، ججن، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ تاجرن جو ئي لنگهه ٿيندو هوندو. جتي جي زمين جي قيمت ۽ Investment مطابق هوٽل جي مالڪ ڪافيءَ جي قيمت ست ڊالر يعني 425 رپيا (اڄ ڪلهه آمريڪن ڊالر سٺ ايڪهٺ رپين اندر آهي)، چئن گلاب جامن جي قيمت 6 ڊالر، ڪلفيءَ جي قيمت ست ڊالر، هڪ آلو پراٺي جي قيمت 3 ڊالر ۽ رپڙيءَ جي پياليءَ جي قيمت 7 ڊالر ۽ گجرن جي حلوي جي قيمت 6 ڊالر في پيالي في ماڻهو رکي آهي.
آئون هوٽل جي مينو تي لکيل مختلف ڊشن جا نالا پڙهان ٿو، جيڪي هتي جا گورا انگريزَ، هسپانوي، فرينچ وغيره خبر ناهي ڪيئن اچاريندا هوندا. ڪجهه نالا جيڪي اڃان ياد اٿم:
آلو ڀاڄي.
بيگن ڀرتا.
پنير پالڪ.
پنجابي دال مکني.
لڇا پراٺا. لوبيا ۽ کمڀ ڪي سبزي.
پياز ڪلچا...... وغيره.
هوٽَلَ جي ديوار تي مختلف راجائن جون تصويرون لڳل آهن، جن جي پڳڙيءَ، مان شان کي ڏسي، آئون سمجھان ٿو ته اهي ڪي راجا يا نواب آهن، پر هوٽل جو بئرو ٻٻڌائي ٿو ته اهي هوٽل جي مالڪ ۽ ان جي وڏن جون تصويرون آهن. هڪ ڀت تي وڏن اکرن ۾ انهن اهم معزز مهمانن جا نالا لکيل نظر آيا، جيڪي هتي ماني کائي ويا آهن. ڪيترن سياستدانن، سائنسدانن، فلمي اداڪارن ۽ رانديگرن جي نالن کان آئون اڻ واقف هوس. اسان لاءِ ته هي ٽام ٽانڪريڊو به وڏي ڳالهه آهي، جيڪو هن ريسٽورينٽ ۾ بخشو لغاري جي منور ۽ هالا جي گاجڻين جي گهٽيءَ جي الطاف گاجڻي ميمڻ جي سڏ تي ماني کائڻ پيو اچي. پاڻ ايندڙ صدارتي اليڪشن وڙهڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ منجھس Potential به آهي ۽ جي آمريڪا جو صدر ٿيو ٿو وڃي ته هن ريسٽورينٽ وارا ٻئي دفعي هن هوٽل جي Routine Repair ۽ رنگ روغن وغيره ڪرائڻ وقت ٽانڪريڊو جو نالو ٽاپ تي لکرائيندا. في الحال نالن جي ميڙ ۾ اهڙا نالا ڳوليان ٿو، جن بابت پهرين ٻڌي چڪو آهيان. آمريڪا جو نائپ صدر رچرڊ چيني، انڊين ڊاڪٽر ۽ ليکڪ ديپڪ چوپڙا، فلمي اداڪار هئريسن فورڊ، بروس ويليمز، ڊيمي مور، گولڊ هان، سياستدان نيلسن منڊيلا وغيره.
ها، هوٽل ۾ تيار ٿيندڙ ڊشن مان ڪجهه ٻيا نال:
ڪشمير لئمب روگن جوش.
مالا بار لوبيسٽر.
ڪيرالا فش ڪَري.
بمبئي ٿالهي.
سموندري ٿالهي.
سِيخ ڪباب.
سيوَ پوري آف بامبي.

گوئان شرمپ مسالا وغيره، جيڪو انڊيا جي پورچوگالي رياست گوا (GOA) جو ڊش چيو وڃي ٿو.