الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

پاڪستان جي شيءِ مفت ۾ به نه کپي

مون واشنگٽن وڃڻ لاءِ منور لغاري جي ٻڌايل همراهه رميش ٿارواڻيءَ کي فون ڪيو. رميش ٿارواڻيءَ جو فون تي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جهڙو ڪڙڪيدار آواز ٻڌي، پهرين آئون دهلجي ويس، ته هي خبر ناهي ڪهڙي قسم جو Serious ماڻهو آهي. پر پوءِ ملاقات بعد خبر پيئي ته بيحد پيارو، حقيقت پسند انسان ۽ هر هڪ جي (چاهي ڪو هندو هجي يا مسلمان، سنڌي هجي يا پنجابي) سچي دل سان مدد ڪرڻ وارو آهي. بعد ۾ منور لغاري به منهنجي ڳالهه ٻڌي کليو هو ۽ چيائين ته رميش جي ان آواز ڪري سندس دوست يار کيس صوبيدار سڏين ٿا.
رميش مونکي پنهنجي گهر ۽ آفيس جو به فون نمبر ڏنو ۽ اهو فيصلو ٿيو ته آچر ڏينهن صبح جو نائين بجي ڌاري آئون سندس گهر پهچي وڃان، ته پوءِ اتان سڌو واشنگٽن هليا هلنداسين، ڇو جو اسان جو گهر ڄڻ ڪلفٽن تي هو، ته هن جو سهراب ڳوٺ ڏي. هاڻ هو سهراب ڳوٺ پاسي کان مون ڏي اچي پوءِ خيرپور يا دادو هلڻ لاءِ پويان پير ڪري، تنهن کان بهتر آهي، ته آئون هن وٽ پهچي وڃان ۽ هن جا شهر جي ٽرئفڪ جا ٻه ڪلاڪ بچي وڃن. هن پنهنجا گهر جا پارَ پتا منهنجي ڀاڻيجي ضمير وسطڙو (هيمون) کي سمجھايا. هيمونءَ به فون رکي يڪدم اها Comment ڏني ته وڏو رعب وارو ڀائي آهي. پر پوءِ جڏهن سندس گهر ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري ڪلاڪ بدران ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ڏهين بجي پهتاسين، ته هو جيترو عمر جو گهٽ هو اوترو ئي وزن جو ۽ خبر پيئي ته هو به منور لغاري وانگر مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جو ئي گرئجوئيٽ آهي ... بلڪه منور کان به ٻه ٽي سال جونيئر آهي.
نيرن جو پروگرام رميش جي گهر هو، پر جيئن ته اسان نائين بدران ڏهين پهتاسين، سو هو بنا پڇڻ جي اسان جي اڳيان ڪيڪ، پيسٽريون، ۽ پستا بادام رکي چوڻ لڳو ته نيرن ته ڪري آيا هوندائو، ڀلا ڪجهه مٺائي کائو. پاڻ ٻڌائين ته سندس سهري جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري، سندس زال ڊاڪٽر ريکا هن وٽ اسپتال رهيل آهي. “هاڻ فقط آئون ٿو هڪ ڏينهن لاءِ هلان. هونءَ ته مون ٻارن ڪري واشنگٽن ۾ رهائش لاءِ هوٽل به بڪ ڪري ڇڏي هئي، پر هاڻ آئون به رات منور وٽ ئي گذاريندس، جو سڀاڻي صبح جو واپس موٽڻو اٿم.”
“اهو ته پاڻ سٺو.” مون کيس چيو، “مونکي جي مزو نه آيو ته آئون به توسان موٽي ايندس.” گهر ۾ ته ڪير ڪونه هو سو اٿي فرج کولي ڊبل روٽيءَ جا ٻه چار Slice ڪڍيم.
“تڪليف نه ڪريو آئون توهان کي ڏيان” رميش چيو.
“يار هي تنهنجا ڪيڪ پيسٽريون ۽ مٺائي کائي اجائي شگر ليول وڌائڻ نٿو چاهيان. مون نيرن نه ڪئي آهي، سو چانهه سان گڏ هيءَ ڊبل روٽي کائيندس.”
“پوءِ ته پاڻ اڦراٽو تيار ڪري وٺان، مون توهان جي نيرن لاءِ ڪالهه کان اهو سوچيو هو.” رميش چيو.
“نه يار هاڻ وري ڪهڙا اٽا ويهي ڳوهيندين، اڳهين دير ٿي وئي آهي، گاڏي ڪڍ ته ڀڄڻ جي ڪيون.” مون چيومانس.
“دير بلڪل نه ٿيندي. ٺهيل ٺڪيل اڦراٽو آهي، رڳو ٻن منٽن لاءِ اوون ۾ وجھڻو آهي.” رميش چيو ۽ پوءِ فرج مان رنگين ٿيلهي ڪڍي ان ۾ پئڪ ٿيل پنج اڌ ڪچا اڌ پڪا اڦراٽا ڪڍي، چلهه تي رکيائين. ٺهيو! چئبو ته هاڻ آمريڪا ۾ هر ديسي شيءِ ملي ٿي، جنهن لاءِ هتي رهندڙ اسان جا ماڻهو سڪندا هئا. نانن ۽ چپاتين سان گڏ اڦراٽا ۽ اڊلي ڊوسا تائين هتي وڪامن ٿا. مون پلاسٽڪ جو خالي لفافو کڻي ان تي پڙهيو. انڊيا جي ڏاکڻي صوبي تامل ناڊو جي ڪمپنيءَ جا تيار ڪيل اڦراٽا هئا. مونکي حيرت ٿي ته انڊيا جي دڪاندارن، مئنوفيڪچررن، ايڪسپورٽ آفيس وارن ۽ ايئر سروسز جي ڪيڏي Coordination آهي. بمبئي، چنائي، احمد آباد ۽ دهلي ۾ هڪ ڏينهن جون تيار ڪيل نانختايون، ڪيڪ ۽ مٺايون ٻئي ڏينهن نيويارڪ، واشنگٽن ۽ هيوسٽن جي ڳوٺ ڳوٺ جي دڪانن تي پهچيو وڃن. اسان وٽ ٻاروچي باغ يا ٽنڊوقيصر کان ڪراچي انب موڪلڻ به وڏي منزل سمجهي وڃي ٿي ۽ ڀروارين رياستن دبئي، دوها يا ڪويت تائين ته ڪو فروٽ يا ڀاڄي موڪلڻ لاءِ ڄمار لڳيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو نيوجرسيءَ جو هڪ پاڪستاني گجراتي ميمڻ هر سال پاڪستان بدران انڊيا کان انب گهرائي ٿو.
“سائين پنهنجي ملڪ ۾ سٺو بندوبست هجي، ته ڌارين ڏي ڇو نهارجي.” هن مونکي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. “مونکي ته ڪو پنهنجي ملڪ مان ڪا شيءِ مفت ۾ موڪلي، ته به هٿ ٻڌي انڪار ڪيان جو نقصان ڀرڻ جي مون ۾ همت ناهي.”
“ڇو ڀلا،” مون پڇيو هئومانس.
“هڪ دفعي پاڪستان کان انب گهرايا هئم. هتي پهچندي پهچندي ايڏي دير ٿي وئي، جو انهن ۾ ڪينئون لڳي ويو. انبن جي قيمت ۽ ڀاڙو ته کيسي مان ڀريم، پر انهن ڪنن انبن کي Dispose ڪرڻ لاءِ وڏو خرچ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هتي جي قانون مطابق پهرين فيوميگيشن وارن کي اطلاع ڪرڻو پيو، جن منهنجي خرچ تي اچي انهن دٻن کي Fumigate ڪيو ۽ پوءِ انهن کي صحيح هنڌ تي ڊمپ ڪرائڻ لاءِ خاص ڪئريئر (مزدا) جو بندوبست ڪرڻو پيو جيڪا وڃي ڏورانهين هنڌ تي ڦٽو ڪري آئي ۽ ٻي پاسي انڊيا جي هر شيءِ اک ڇنب ۾ هتي پهچيو وڃي ۽ انڊيا جا واپاري جهڙو Sample ڏيکاريندا آهن، اهڙو ئي پٺيان مال پهچي ويندو آهي ۽ هر دٻي ۾ جهڙو مٿيون Layer سٺي شيءِ جو هوندو آهي، اهڙو هيٺ تري ۾.