جابلو رياست جوهي رهاڪو ڳالهائڻ جو کرو آهي......
“Bill Clinton is not a real president”
۽ ماڳهين ان ڳالهه تي ڊگهي Controversy شروع ٿي وئي هئي.
ٽانڪريڊو (سڄو نالو ٿامس جيرالڊ “ٽام” ٽانڪريڊو) 20 ڊسمبر 1945ع تي آمريڪا جي وچ واري رياست ڪالوراڊو جي شهر ڊينور ۾ ڄائو. آمريڪا جي پيالي جهڙي شڪل جي نقشي جي بلڪل هيٺين تر واري ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏي رياست ٽيڪساز آهي، جنهن جي کاٻي پاسي يعني اولهه طرف نيوميڪسيڪو رياست آهي. ان جي بلڪل مٿان ڪالوراڊو (Colorado) رياست آهي، جتان جو ٽانڪريڊو چونڊيل نمائندو آهي.
ڪالوراڊو (صحيح اُچار آهي: ڪال ـــ اُهه ـــ راڊ ـــ اوهه) رياست هڪ جابلو رياست آهي، جنهن ۾ پنجاهه کان مٿي جابلو چوٽيون (Peaks) چوڏهن هزار فٽ بلندي جي لڳ ڀڳ آهن. مينهن گهٽ پوي ٿو. ڪجهه ننڍيون وڏيون نديون آهن، جن ذريعي پڻ پوک ٿئي ٿي، خاص ڪري ڪڻڪ جي. هتي جا Ranches ڍڳين، مينهن، رڍن جا واڙا مشهور آهن. ڪالوراڊو رياست آمريڪا جي ٽن رياستن (باقي ٻه رياستون آهن ويومنگ ۽ اتاهه) مان هڪ آهي، جن جا بارڊر ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) ۽ ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) آهن. ڪالوراڊو رياست اولهه کان اوڀر تائين 102 ڊگريون ويسٽ کان 109 ڊگريون ويسٽ آهي ۽ ڏکڻ کان اتر طرف (يعني هيٺ کان مٿي) 37 ڊگريون نارٿ کان 41 ڊگريون نارٿ تائين آهي. هن رياست (Colorado) جي پکيڙ ٻه لک ستر هزار چورس ڪلوميٽر آهي، يعني تقريباً سنڌ صوبي کان ٻيڻي ٿي ڇو ته سنڌ جي ايراضي هڪ لک چاليهه هزار چورس ڪلوميٽر آهي. (۽ سڄي پاڪستان جي اٺ لک چورس ڪلوميٽر ايراضي آهي) ڪلوراڊو رياست جي گادي جو هنڌ ڊين ور Denver آهي، جيڪو رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر پڻ آهي، جتي ٽانڪريڊو ڄائو ۽ بنيادي تعليمَ حاصل ڪئي ۽ پوءِ يونيورسٽي آف نادرن ڪولوراڊو مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي، جيڪا گريلي شهر ۾ آهي.
ٽانڪريڊو پنهنجو ڪئريئر هڪ ٽيچر جي حيثيت سان شروع ڪيو ۽ ڊين ور شهر جي هڪ ڊريڪ جونيئر هاءِ اسڪول (Drake Junior High School) ۾ جاگرافي پڙهائيندو هو. 1976ع ۾ پنهنجي رياست جي اسيمبلي واري چونڊ ۾ هو سيٽ کڻي ويو جتي هن ٻه ٽرم پورا ڪيا. 1981ع ۾ جڏهن رونالڊ ريگن آمريڪا جو صدر ٿيو ته هن ٽانڪريڊو حوالي، سندس رياست جو تعليم کاتو ڪيو. ٽانڪريڊو وڏي بش جي ڏينهن تائين ان عهدي تي رهيو ۽ نه فقط تعليم جو معيار بهتر ۽ ماڊرن ڪيائين، پر اجاين سجاين ماڻهن کي ڪڍي ملازمن جو تعداد جيڪو سندس اچڻ وقت 225 هو تنهن کي 60 جي انگ تي وڃي بيهاريائين.
ٽانڪريڊو 1999ع کان وٺي US هائوس جو نمائندو چونڊبو اچي. هن لاءِ پنهنجن توڙي ڌارين جو اهو Opinion آهي ته جابلو رياست جو هي رهاڪو ڳالهائڻ جو کرو آهي ۽ جيڪي اندر آهي اهو ٻاهر آهي. ٽائيم يا شايد نيوز ويڪ هن لاءِ لکيو هو ته :
“Tom Toncredo is a firebrand politician, who doesn’t mince words but who speaks about little except immigration, multiculturalism and the clash of civilization.”
ٽانريڪڊو لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته:
“As a state legislator, Toncredo earned a reputation for slashing social services, backing social conservative positions, and cutting taxes.”