الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

يوگا ذريعي به ماڻهن خوب پئسو ڪمايو آهي

منور پنهنجي ستين گهٽي وٺي، مئسي چيوسٽس ايونيو تي آيو DuPont Circle واري چوراهي وٽ پهچي، ڪنيڪٽي ڪٽ ايوينيو تي آيو، جتي فلوريڊا ايوينيو ۽ Le Roy اسٽريٽ ڪراس ڪرڻ بعد هوٽل هاءِ لينڊ آئي، جنهن ۾ حميرا رهيل هئي. کيس اسان اڳواٽ فون ڪيو ته پهچڻ وارا آهيون، هيٺ هوٽل جي در وٽ اچي انتظار ڪر پر ان روڊ تي ڪجهه منٽ اڳ ڪو حادثو ٿيڻ ڪري ايڏي ته ٽريفڪ جئم ٿي ويئي هئي، جو وڌيڪ اڳتي رڙهڻ جو انتظار ڪرڻ بدران منور هڪ گهٽيءَ ۾ ڪار کي پارڪ ڪري، پاڻ هوٽل ڏي ڊوڙ پائي ويو ۽ حميرا کي وٺي آيو ۽ اتان ئي گاڏيءَ کي موڙي هِتان هُتان ٿيندو اچي پينسلوانيا ايوينو ۽ نيويارڪ ايونيو کان نڪتو، جتان سندس WSI جي آفيس ويجھي هئي، جيڪا 15 گهٽي NW تي آهي. شامَ جو وقت ۽ آفيسن کان موڪل ٿيڻ ڪري جتي ڪٿي ٽريفڪ جو لوڊ گهڻو هو يا شايد سندن آفيس جي 15 نمبر گهٽيءَ کان ڀرواري چوڏهين گهٽي وڌيڪ ويڪري آهي، ان ڪري منور کي اتي جيئن ئي هڪ ڪار جي نڪرڻ تي پارڪنگ جي جاءِ ملي، ته پنهنجي ڪار کي اتي ٺهڪائي، ٻاهر لڳل پارڪنگ ميٽر ۾ ڪجهه سڪا پارڪنگ في جا وجھي، پاڻ هتان هتان گهتون هڻي پنهنجي آفيس ڏي ڊوڙيو، جتي ڊاڪٽر الطاف ۽ آفيس جو اسٽاف اسان سان گڏ هلڻ لاءِ انتظار ۾ هو. رستي جي ٻي پار ڊاڪٽر الطاف جي ڪار پارڪ ٿيل نظر اچي رهي هئي. منور مونکي ۽ حميرا کي پنهجي سدا ملوڪ ڪار (جيڪا اڳهين لکي چوڪ آهيان ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ضرور سهڻي ۽ صحتمند هوندي، پر هاڻي کيس پيريءَ جي Old Age بيمارين کوکلو ڪري رکيو هو) ۾ اسان کي پنج منٽ وهڻ لاءِ چئي روانو ٿيو هو ۽ مٿان اسان تي اها ٻاجهه ڪري ويو جو گاڏيءَ کي اسٽارٽ رکي ايئرڪنڊيشن آن ڪري ويو هو، پر لڳو ٿي ته سندس ڪار جي ايئرڪنڊيشنر جي ڪمپريسر جون نه فقط Rings ختم ٿي ويون هيون، پر منجھس فريان (Freon) گئس جي به کوٽَ هُئي يا ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان نيوجرسي کان ڪئرولينا تائين هلندڙ سخت گرميءَ جي لهر ههڙن ڪارين جي ايئرڪنڊيشنرن تي اثر انداز ٿي هجي، جيڪي هونءَ هتي جي نارمل موسم ۾ “ڍڳو پير پيران” ئي سهي پر هليا ته پئي.
آئون ڪار جي اڳين سيٽ تي ويٺو هوس يعني هوا ڏيندڙ Blower جي منهن سان منهن ملائي، ته به مزو نه پئي آيو. جيئن تيئن ڪري ڏهه منٽ گذاريم. اسان جو ماڻهو کڻي واهي پانڌيءَ ۾ هجي يا واشنگٽن ۾ سندس پنج منٽ معنا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ.
“حميرا آئون ته ٻاهر نڪري ٿو بيهان. تون به جي ٻاهر نڪرين ته ڪار جي انجڻ بند ڪري چاٻي ڪڍي نڪرجانءِ. متان منور جي ڪار چاٻيءَ بنا لاڪ ٿي وڃي ته سورن ۾ پئجي وينداسين. ٻاهر ڏسين ٿي ڇا حالت آهي، نظر اچي ٿي ڪا خالي ٽئڪسي؟”ۡ
“ڇا ڪجي.” حميرا ڪي گهڙيون سوچي ڪار اندر وهڻ جو فيصلو ڪيو.
“پوءِ اڳيان مون واري سيٽ تي اچي ويهو. توهان کي گرمي نه ٿيندي. اسانکي هڪ ته ڪمپليٽ سوٽ به ماري رکيو آهي.” مون حميرا کي چيو “ههڙي گرميءَ ۾ اڄ واشنگٽن جي رستن تي آهي ڪو سوٽ ۽ ٽائي وارو ــــ سڀ نِڪرن (چڍين) ۾ پيا هلن.”
هي پروگرام هفتو اڳ ڪو ٺهيو هو، جڏهن واشنگٽن ۾ ٿڌڪار هئي، پر منور جو هر صورت ۾ اهو حڪم هو ته مرد ماڻهو سڀ سوٽ پائي اچن ۽ هاڻ مرد ماڻهن جو پگهر کڙين کان پئي ٽميو. آئون ٻاهر ڌان يوگا (Dahn Yoga) سينٽر اڳيان ٺهيل آڏ هيٺان اچي بيٺس، جتي جيتوڻيڪ دڪان ۾ لڳل ايئرڪنڊيشنر جي گرم هوا نڪري رهي هئي، پر آڏ جي ڪري ڇانو هئي ۽ ڪجهه ٿڌڪار هو. رستي تان گاڏيون لنگهيون ٿي ته هوا جو جھوٽو به لڳو ٿي. اندر دڪان ۾ يوگا ۽ حجامت جو ڪم ٿيو ٿي. ان وقت ڪو به گراهڪ موجود نه هو ۽ شيشي جي وڏين درين مان دڪان جي شايد مالڪڻ ۽ ٽئي حجام ڇوڪريون ڪچهري ڪري رهيون هيون. آئون پٺيرو بيهي رستي تان لنگهندڙ ڪارين کي ڏسڻ لڳس. حجام گراهڪ نه اچڻ ڪري، لڳو ٿي ته ڪافي وقت کان هي حجام ڇوڪريون مکيون ماري رهيون هيون. ايتري ۾ هڪڙي ٻاهر نڪري آئي ۽ مونکان پڇيو:
“Want to have haircut”
ولايت ۾ هيئر ڪٽ مهانگي هجڻ ڪري مون جهڙا ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ ته ڇا، پر هتي جا مڪاني آمريڪن ۽ هتي نوڪريون ڪرڻ وارا به جلدي جلدي اهو شوق نه ڪن. منهنجي مٿي تي هونءَ ئي نالي ماتر وار ۽ ٻيو ته نيو جرسي جي اوڪ وڊ ٽري علائقي مان هن دفعي (واشنگٽن اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ) منهنجو گذر ٿيو ته اتان هيئر ڪٽ ڪرائي هيڏانهن آيو هوس. اوڪ وڊ ٽري روڊ تي انڊيا جي گجرات صوبي جا حجام سڄي آمريڪا ۾ گهٽ پئسن يعني ٻارهن ڊالرن (750 رپين) ۾ هيئر ڪٽ ڪرڻ کان مشهور آهن. مون حيرت مان هن DAHN يوگا سينٽر جي گوري حجام ڇوڪريءَ ڏي نهاريو ته منهنجي مٿي تي رهيو ئي ڇا آهي جو هاڻ وڌيڪ هيئر ڪٽ ڪندي، ته پاڻ به شڪي ٿي مرڪي ڏنائين.
“ڀلا يوگا ۾ Interested آهيو؟” هن پڇيو.
“هن وقت ته نه آهيان.” مون وراڻيو مانس ۽ پاڻ اندر وڃي در وٽ رکيل يوگا بابت سندن ڇپيل بروشرن مان هڪ کڻي مون کي ڏئي وئي. مون مهرباني چوندي ورتو مانس ۽ پوءِ اتي ئي بيهڻ بدران روڊ تي واڪ ڪرڻ بهتر سمجھيم ۽ منور جي ڪار کي وچ ٺاهي، ويهه پنجويهه قدم اڳيان پٺيان هلڻ لڳس، ته جيئن سوٽ پهريل منور جيئن ئي آدم بوءِ آدم بوءِ ڪري نازل ٿئي ته آئون کيس ۽ هو مونکي ڏسي سگهي ۽ مونکي هيڏانهن هوڏانهن ڳولڻ ۾ وڌيڪ وقت نه وڃائي.
حجام ڇوڪريءَ کي مليل هن بروشر مان اهو فائدو ٿيو ته آئون ان ٿلهي پاٺي واري بروشر کي هٿ جي پنکي (وڃڻي) طور استعمال ڪرڻ لڳس، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هو ته يوگا ٽينشن دور ٿو ڪري، Flexibility پيدا ٿو ڪري (الائي ڇا جي Flexibility) ۽ ٿولهه ٿو گهٽائي. يوگا به عجيب ڊراما شيءِ اهي، جنهن ذريعي اسانجي ننڍي کنڊ جي ماڻهن پنهنجن سان گڏ يورپين ۽ آمريڪن کي به خوب بيوقوف بنائي پئسو ڪمايو ۽ هاڻ اهي گورا پنهنجن گورن کي پيا اُلو بنائين.