خالد ۽ مسعود چنا هاڻ انجنيئر گهٽ طبيب وڌيڪَ آهن
پهرين ڏينهن کان مونکي شوق هو ته خالد وارن جو اسٽور ڏسان ته ان ۾ ڪهڙيون کاڌي پيتي جون شيون آهن يا دوا درمل طور جڙيون ٻوٽيون آهن، جن کي مهانگي قيمت تي هتي جا امير گورا خريد ڪن ٿا ۽ واقعي گذريل ڏينهن تي نه ڏسان ها، ته هرگز idea نه ٿئي ها.
خالد چنا وارن جي هن اسٽور جو نالو “هارموني نئچرل فوڊ” آهي ۽ نيوجرسي جي “مڊل ٽائون” واري علائقي ۾ آهي. شام جا اٺ ٿيڻ وارا هئا ۽ اسٽور کي بند ڪرڻ وارا هئا، پر جيئن ته ٻه ٽي گراهڪ اڃان موجود هئا، سو انهن کي هو ضرورت جون شيون ڏيئي رهيا هئا، تيسين اسان کي هي اسٽور ڏسڻ جو ۽ دوستن سان خبرون ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
خالد چنا وارن جو هي نئچرل فوڊ اسٽور يا آمريڪا توڙي يورپ ۾ ٻيا ان قسم جا اسٽور هڪ قسم جا پساري دڪان سمجھڻ کپن، جن ۾ دنيا جهان جون جابلو ۽ سامونڊي جڙين ٻوٽين کان علاوه هر اهو تازو توڙي سڪل ميوو يا اناج، ويندي ٻاجھر، جوار، ڪڻڪ، چانور جهڙيون شيون رکيل ٿين ٿيون، جيڪي بنا ڪنهن ولائتي ڀاڻ يا جيت ــ مار دوا (pesticide) جي اپايون وڃن ٿيون.
سئيڊن ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ دوران اتي جي شهرن: مالمو، گوٿن برگ يا اسٽاڪهوم جي دڪانن تان اٽو وٺندا هئاسين، ته مڪاني ڪڻڪ يا ان جو اٽو اسپين يا فرانس کان امپورٽ ٿيل کان مهانگو هوندو هو.
“هي ڇا مصيبت آهي جو هتي جي ٻهراڙي جي پوکيل ڪڻڪَ يا مڪئي ايڏي مهانگي آهي. ڇا توهان جي ڌرتيءَ جي پوک ٻين کان اتم اتاهين آهي؟” اسان شڪايت ڪندا هئاسين. جواب ۾ هتي جا دڪاندار هائوڪار ۾ ئي ڪنڌ ڌوڻيندا هئا.
“آخر ڇو ڀلا؟” اسان وائڙا ٿي پڇندا هئاسين. “ڇا توهان فصل کي پاڻي بدران کير تي ٿا پوکيو؟”
“نه اها ڳالهه ناهي. اسان اناج يا ميوي جي وڻن کي نه ته ولائتي ڀاڻ (Fertilizer) ڏيون ٿا ۽ نه وري پيسٽيسائيڊ (جيت مارڻ لاءِ زهريليون دوائون)، ان ڪري اسانجو اناج توڙي ميوو صحت لاءِ سٺو آهي. اهو ٿولهه، بلڊپريشر، ڊائبٽيز، ڪئنسر يا دل جون بيماريون پيدا نٿو ڪري. ان ڪري ته اسان جون عمرون سؤ سالن کان به مٿي ٿين ٿيون.”