الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

شمع ۽ اسان جو ناناڻو خاندان

“ڪيئن آهي ماسي جنت؟” شمع کان مون سندس والده جو پڇيو، جنهن لاءِ هن ٻڌايو ته وڏي عمر ڪري چاق نٿي رهي ۽ گهر ۾ ئي رهي ٿي.
“ادي فخرالنساءِ، نجما ۽ ٻيا ڀائر ڀينرون ڪيئن آهن؟” مون پڇيومانس.
“آئون ۽ ننڍي ڀيڻ پروين هتي نيويارڪ ۾ آهيون، باقي ٻيا سڀ سئڪرامينٽو (Sacramento) ۾ رهن ٿا.” هن ٻڌايو:
سئڪرامينٽو اولهه واري پاسي جي رياست ڪئليوفورنيا جي گاديءَ جو شهر آهي. جيتوڻيڪ ڪئليفورنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر لاس اينجلس آهي، پر آمريڪا جي هر رياست جو Capital وڏي شهر کي نه ڪيو ويو آهي، جيئن نيويارڪ رياست جو ڪئپيٽل نيويارڪ شهر بدران الباني آهي، ٽيڪساز جو هيوسٽن بدران آسٽن آهي، نيو جرسي جو نيوارڪ بدران ٽرينٽان آهي ۽ پينسلوانيا جو فلڊلفيا بدران هئرس برگ آهي.
عبدالعليم بروهي (ماما جمون) وانگر شمع کي به آئون اٽڪل چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد ڏسي رهيو هوس. ننڍي هوندي اسان پنهنجي ڳوٺ هالا کان پنهنجن ناناڻن ۾ حيدرآباد ايندا هئاسين، ته اسان جي ناني پنهنجي ڀائرن جي گهر وٺي هلندي هئي. منهنجي ناني مريم مغل (جيڪي مرزا پڻ سڏائين) هئي ۽ نانو سومرو هو. نانيءَ جا چار ڀائر مرزا عبدالرحمان مغل (جنهن جو پٽ جسٽس حامد علي مرزا، رشيد وغيره ٿيا)، ماما حاجي مغل (اقبال، لطيف، تنوير افروز وارن جو والد جيڪو ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ پروفيسر هو)، مرزا محمد (ٽي وي ۽ ريڊيو آرٽسٽ مشتاق مغل، سلطان، نور احمد، چاچي زرينه ۽ ربينا وارن جو والد) ۽ مرزا شير علي مغل (مقبول، نذير مغل سنڌ يونيورسٽيءَ وارو وائيس چانسلر وغيره جن جو والد) ۽ هڪ ڀيڻ خير بانو هئي. منهنجي ناني محمد حسن سومرو جي هڪ ڀيڻ پُڦو غلام فاطمه جا ٻار عبدالعليم بروهي، مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهي، آپا تاج (حنيف صديقي جي گهرواري ۽ شفيق صديقي ۽ ڊاڪٽر فهميه قلباڻي جي ماءُ)، افروز، نعيم ۽ ساران هئا. جن وٽ اسان صدر واري گهر ۾ ويندا هئاسين ۽ قلعي ۾ سندن ٻي ڀيڻ پڦو زينت (جنهن جا ٻار عرض محمد شيخ، آپا شمس، ادي قمر، قمر الدين وغيره هئا) جي گهر ويندا هئاسين.
حيدر آباد جي راڻي باغَ ۾ جڏهن به ويندا هئاسين، ته اتي اسانجي نانيءَ جي سڳي سوٽ ماسي جنت جو گهر هو. ماسي جنت جي گهر به نانا ۽ نانيءَ جي ٻين ڀائرن ڀينرن جي گهرن وانگر ماشاءَالله ڪافي ٻار هر عمر جا هوندا هئا ۽ اسان ڀائر ڀينرن توڙي اسانجي ماسيءَ جي ٻارن کي اتي به مزو ايندو هو ۽ هي ماسي جنت جو گهر اسان جي ڳوٺائي ڊاڪٽر الطاف ميمڻ جي گهرواري شمع جو گهر هو. ماسي جنت پاڻ نانيءَ وانگر مغل هئي ۽ مرزا جان محمد مغل جي ڀيڻ هئي ۽ شمع جو پيءُ چاچو محمد خان بلوچ هو.
شمع وارا پاڻَ ۾ ڏهه ڀائر ڀينر آهن. وڏي فخر النساءَ موري جي نثار شاهه صاحب جي زالَ آهي ۽ ٻيو نمبر نجمه آهي، جنهن جي شادي مشتاق مغل (ٽي وي ريڊيو آرٽسٽ) جي پٽ لعل بخش سان ٿي ۽ پوءِ شمع آهي، جنهن بعد پروين آهي. پروين جي شادي اسانجي نانيءَ جي ڀاڻيجي محمد علي (مرزا حامد علي جج جو ڀاءُ) سان ٿي، ان بعد نسرين (ڪڪي) ۽ سمي آهي. ڀائرن ۾ اسلم، اڪرم، اشرف (جنهن جي زالَ حامد علي مرزا ججَ جي ڌيءَ فراح آهي) ۽ نويد آهي.
هن سڀني ۾ يعني اسانجي ناناڻيءَ مائٽيءَ ۾ پهرين اسان جي نانيءَ جو ڀاڻيجو نذير مغل (شير علي مغل جو پٽ ۽ سابق وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي) سٺ واري ڏهي ۾ آمريڪا آيو ۽ پوءِ 1968ع يا 1969ع ڌاري اسان پهريون دفعو جهاز کي آمريڪا وٺي پهتا هئاسين ته نذير مغل جو ڀاءُ بشير مغل پهتو. شمع وارن مان شمع ۽ فخر النساءِ پهرين آمريڪا پهتيون، هي اهي ڏينهن هئا جو آمريڪا ۾ رهندڙ به واپس پنهنجي وطن پئي موٽيا، پر هنن دور انديشيءَ کان ڪم ورتو. آمريڪا جو Citizen ٿيڻ بعد هنن پنهنجي والدين کي گهرايو جو اولاد کي پاسپورٽ ملڻ تي ماءُ پيءُ کي آسانيءَ سان مليو وڃي ۽ انهن ڏينهن ۾ ته تمام سولي ڳالهه هئي ۽ پوءِ شمع جي والدين کي جڏهن سال ٻن بعد آمريڪا جي Citizenship ملي وئي ته پوءِ هنن پنهنجن باقي ٻارن کي به گهرائي ورتو، ڇو جو آمريڪا جو پاسپورٽ ملڻ بعد پنهنجي صرف انهن ڀاءُ ڀيڻ کي گهرائي سگهجي ٿو، جيڪي 18 سالن کان ننڍا هجن. شمع ۽ فخرالنساءَ کي جڏهن USA جو پاسپورٽ مليو ته ان وقت سندن ڀائر ڀيڻيون 18 سالن کان وڏا ٿي چڪا هئا، جن کي پوءِ سندن ماءُ پيءُ گهرائي ورتو. هن وقت شمع جا سڀ ڀاءُ ڀيڻ آمريڪا ۾ آهن. سڀني جون شاديون ٿي ويون آهن ۽ ماشاءَ الله سڀ خوش آهن. بلڪه سندن ٻار به هاڻ اچي شاديءَ لائق ٿيا آهن. الطاف ۽ شمع پنهنجي وڏي پٽ امر ۽ سنڌوءَ لاءِ هتي USA ۽ سنڌ ۾ ڪنوار ڳوليندا وتن.