خالد هاشماڻي پاڻ به ايراني لڳي ٿو
“ٺهيو سمجھي ويس.” مون چيو.
“ڇا مطلب؟” خالد پچيو.
“پڪ ايراني هوٽل هوندي.” مون وراڻيس.
“بلڪل صحيح سڃاتئه” خالد چيو.
خالد هاشماڻي پيٽاور ۾ اسان کان ٻه سال جونيئر هو، پر منهنجي ئي هائوس (لياقت هائوس) ۾ رهيو ٿي. پيٽارو بعد هن مهراڻ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ (يا شايد سول انجنيئرنگ ۾) B.E ڪرڻ بعد ايران وڃي نوڪري ڪئي. شڪل صورت ۾ ايرانين وانگر سهڻو ۽ گورو ته آهي، پڪ ايرانين هن کي پنهنجو ئي سمجھيو هوندو. کيس به ايران ملڪ ۽ ان جا ماڻهو اهڙا ته وڻي ويا جو شادي به ايراني ڇوڪريءَ سان ڪيائين. هينئر کيس ايراني ميوزڪ وڻي ٿي، ايراني کاڌا وڻن ٿا (ان ڪري اسان جي هن ايراني هوٽل ۾ دعوت ڪئي اٿس) ۽ ايرانين وانگر لس ئي لس فارسي ڳالهائي ٿو. اسڪول جي ڏينهن ۾ خالد کي نه عربي سمجھه ۾ آئي ۽ نه فارسي، ان ڪري مئٽرڪ ۾ آپشنل سبجيڪٽ ووڊ ورڪ يا ڊرائنگ کنيائين. خالد ڪافي سالن کان ٻارن سان گڏ ٽورنٽو ۾ اچي رهيو ۽ کيس ڪئناڊا جي سٽيزن شپ آهي. گذريل ٻن چئن سالن کان هڪ فرم جي اسائنمينٽ تي هتي ورجينيا ۾ اچي رهيو آهي، جتي سندس ٻار مڪاني يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا. کيس فقط ٻه ڌيئرون آهن، جن کي هو پٽن وانگر ئي سمجھي ٿو ۽ پنهنجي والد مرحوم محمد صالح ميمڻ صاحب جي روايت موجب هو ڌيئرن کي به پٽن وانگر اعليٰ تعليم ڏيڻ چاهي ٿو. سندس وڏي ڌيءَ جو نالو پارسا ۽ ننڍيءَ جو انيتا آهي.
خالد هاشماڻيءَ جي والد صاحب گھٽ پگھار ۽ وڏي عيال هوندي به جيڪا جدوجهد اولاد پٺيان ڪئي، اهو ٻين لاءِ مثال آهي. خالد جا وڏا مٽياري شهر جا آهن.ِ نوڪري خاطر خالد جو والد حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي ۾ اچي رهيو. خالد ۽ ان جي فئمليءَ کي سندس پيٽارو ۾ اچڻ کان اڳ ئي مون سڃاتو ٿي، جو اسانجي ناني سيٺ محمد حسن سومرو جو گهر به اتي ئي هو ۽ اسان جڏهن ڳوٺان ناناڻي ايندا هئاسين ته گاڏي کاتي ۾ رهندڙ ٻين ٻارن سان گڏ خالد سان به ملندا هئاسين. خالد سڄي پاڙي ۾ سخت شرارتي ٻار هو، جنهن جي وڏي دلچسپي فقط ۽ فقط گهٽيءَ ۾ راند کيڏڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ هئي. سندس والد کي پنهنجي ٻارن جو بيحد گهڻو الڪو هوندو هو. هن کي پاڙي ۾ رهندڙ ٻين امير ماڻهن وانگر نه زمينون هيون نه دڪان هوٽلون. هن پنهنجن ٻارن جو مستقبل ان ۾ ئي ڏٺو ٿي ته هو محنت ڪري پڙهن ۽ سٺي نوڪري تي رسن. هن کي اها ڳالهه به دماغ ۾ هئي، ته وڏي پٽ کي لاڏلو ڪري کارڻ بدران سختيءَ سان رکجي، جو باقي ٻار (ڀائر ڀينرون) وڏي کي ئي فالو ڪن ٿا.
چاچي صالح کي انهن ڏينهن ۾ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگي بهتر لڳي، جتي ڊسيپلين جي زندگي هئي ۽ ساڳي وقت خالد پاڙي جي ٻارن کان پري رهي سگهيو ٿي. خالد پيٽارو لاءِ ته چونڊجي ويو، پر ان جون ڳريون فيون چاچي صالح ميمڻ جي مالي قوت کان وڌيڪ هيون، هو پنج وقت نمازي ۽ حق حلال جي پگهار مان گذارو ڪرڻ وارو انسان هو. هن پيٽارو جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس کي گهٽ پگهار جي بنياد تي خالد جون ڪجهه فيون معاف ڪرڻ لاءِ چيو.
“بلڪل مڃان ٿو ته توهان کي ٿورو پگهار آهي، پر في معاف تڏهن ڪندس جڏهن ڇوڪرو پڙهائي ۽ راندين ۾ گوءِ کڻي ڏيکاريندو.” ڪرنل ڪومبس چيو.
۽ پوءِ چاچو، خالد کي هر وقت اهو سبق ڏيندو رهيو ته پاڻ غريب آهيون، جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته پنهنجي پيءُ جي مدد ڪريان ته ڪجهه ڪري ڏيکار. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته خالد جهڙي شرارتي ۽ پڙهائي ۾ سست ٻار هڪ سال اندر سڀني کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. هو گاڏي کاتي جي ڏهن ٻارن جي ونجھوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند جو لٺ سردار، هاڻ پنجاهه ڪئڊٽن جي ڪلاس جي فٽ بال، هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جهڙين راندين جو ڪئپٽن ٿي ويو. هر منٿلي ٽيسٽ ۾ هن جي مارڪن جو تعداد وڌندو ويو. ڪاليج جي بئنڊ ڪلاس ۾ اڳيان اڳيان هي ٿي ويو. شاهين ايئر اسڪائوٽس جو ميمبر هي ٿي ويو. سندس اسڪول جون فيون ته معاف ٿي ويون، مئٽرڪ تائين پهچڻ کان اڳ اسان جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس ۽ ڪئپٽن عالم جا محسود ايڊجيوٽنٽ (هاڻي ليفٽيننٽ جنرل) جو فئوريٽ ڪئڊٽ خالد ٿي پيو، جيڪو ڪاليج جي عزت وڌائي رهيو هو. خالد ڪلاس ۾ نمبر کڻندو هو ته به سندس والد صاحب اهڙي سٻاجھي طبيعت جو انسان هو جو هر سينئر ڪئڊٽ کان خالد جو پڇندو رهندو هو ته پڙهائي ڪري ٿو يا نه. ڪنهن کي تنگ ته نٿو ڪري ۽ پوءِ اسانکي پارتون ڪندو هو ته خالد کي پڙهائي لاءِ چوندا رهو.