الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

ڇا اهي خوشيءَ جون ڳالهيون آهن

اسان چارئي پنجئي ڄڻا سنڌيءَ ۾ خبرون ڪندا رهياسين. پهرين آئون ۽ خالد هاشماڻي باقي ٽن ڄڻن (منور، نجم ۽ حميرا) کان اڳيان اڳيان واڪ ڪندي، پيٽارو جون ڳالهيون ڪندا رهياسين ۽ پوءِ پنج ئي ڄڻا هڪ قطار ۾ واڪ ڪرڻ لڳاسين. اسان جون ڳالهيون سنڌ بابت هيون. مون ائين ملئي، جپاني، سنگاپوري، چيني دوستن سان به واڪ ڪئي آهي، اڄ کان ٽيهه چاليههَ سالَ کن اڳ جڏهن جپان جي اڃان ايڪانامي سٺي نه ٿي هئي، ٻي جنگ عظيم جا جسماني ۽ ذهني زخم اڃا Cure نه ٿيا هئا، هو پنهنجي ملڪ جي مسئلن جي اپٽار ڪندا هئا، ملئي پنهنجي ملڪَ ۾ گهٽ تعليمي ادارا، نوڪرين جي کوٽ، بيمارين ۽ unhygienic حالتن جا ڏُکَ سورَ ونڊيندا هئا، اهوئي حال سنگاپورين ۽ چينين جو هو. سنگاپور جون ته ستر واري ڏهاڪي جي آخر تائين به حالتون بهتر نه هيون، چوري چڪاري، بدامني ۽ ٺڳي عام هئي. اهڙي طرح چين جي مسڪيني واري حالت هُئي. ويچارا چيني مزور توڙي جهازي، ڪارخانن جا انجنيئر واڪ دوران پنهنجي ملڪ جي ڏکين حالتن جا سور روئندا هئا. اڄ اهي ڏکويل ملڪ خوش آهن. سورن جون ڳالهيون ڪرڻ بدران سکن جو ڪن ٿا ۽ ان سڄي Scenario (تناظر) ۾ جي ڏٺو وڃي ته اسان جو ملڪ عام طور ۽ اسان جو صوبو سنڌ خاص طور جهڙو اڳ تهڙو هاڻ ڏکويل ۽ مصيبتن جو سٽيل آهي. ڏک سورن جون ڳالهيون ٿيون ڪجن ته واڌارو ئي واڌارو آهي. اڄ کان پنجاهه سالَ اڳ به جڏهن ننڍا هُئاسين ۽ اسڪول ۾ پڙهندا هُئاسين ته سور رئندا هُئاسين ته اسان سنڌ جي ٻارن لاءِ نه سٺا اسڪول آهن، نه پڙهڻ جا رسالا ۽ نه ريڊيو ٽي وي پروگرام. سنڌ ۾ نه صحت ۽ هائيجن جو ڪنهن کي خيال آهي، نه تاريخي ورثي جو. سنڌ ۾ نه امن امان آهي، نه روزگار جا ذريعا ۽ اڄ هن ايڪيهين صديءَ ۾ به جڏهن ميڪسيڪو ۽ ويٽنام جهڙا پٺتي پيل مُلڪَ به الائي ڪٿي وڃي پهتا آهن، جڏهن لي ڪئان يو ۽ مهاتير محمد جهڙن ڌارين (هڪ جا وڏا چين کان آيا هئا ٻي جا گجرات کان) به سنگاپور ۽ ملائيشيا کي يورپ بنائي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ امن امان، تعليم ۽ عدل انصاف آڻي ڇڏيو آهي، بيروزگاري، بک ۽ بيماريءَ جون پاڙون پٽي ڇڏيون آهن. اسان جي ملڪ جي حالت ان چريءَ مثال آهي، جيڪا ويرون وير وڌ آهي. اسان جون ڳالهيون اهي چورين چڪارين، ڌاڙن، اغوائن، سياسي انتقامن، سنڱ چَٽين، قبيلائي جھڳڙن ۽ بدامني جون هيون، جن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسان جون ڳالهيون ڪي Rosy حال ۽ مستقبل جون نه هيون. ڇا اهي خوشي ۽ ترقيءَ جون ڳالهيون آهن ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ انڊسٽري ناهي جو ماڻهن کي روزگار ملي سگهي.
حڪومت جي ٻي اکيائي ٻي اسانجي سياسي ليڊرن، وزيرن ۽ نمائندن جي جاهليت، جن پنهنجي ٺڙڪو عياشي خاطر فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جون مليل پرمٽون وڪڻي ڇڏيون ...۽ سنڌ ۾ Ghost غيباتي اسڪولن جون ڳالهيون ڪندا رهياسين، جيڪي ڪاغذن تي موجود آهن، پر اصل ۾ وڏيرن جون اوطاقون ٿيون پيون آهن ۽ ماستر ڀوتارن جا ڪلارڪ ٿيا پيا آهن ... غريب عوام سان ٿاڻن تي ظلم پيو ٿئي، ڪا چوڻ واري پهر ناهي. دشمنيون پارڻ لاءِ پنهنجين مائرن ۽ ڀينرن تي الزام هڻي، کين ڪارو ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو ... ڳوٺ ڳوٺ ۾ جعلي دوائن ۽ آلودگي ڪري عجيب بيماريون پيون ظاهر ٿين. شهرن جي گٽرن ۾ معصوم ٻار پيا مرن ... ڇا اهي خوشيءَ جون ڳالهيون آهن ... ڇا اهي ترقيءَ جون ڳالهيون آهن!؟
حميرا چيو ته ڪالهه سنڌي اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چينلن اهـڙي خبر ڏني آهي، جو دنيا اڳيان اسان ڪنڌ نٿا کڻي سگهون، ته هن صديءَ ۾ ههڙا ڪيسَ پيا ٿين. ڪنهن خون جي بدلي ۾ وڏيرن اهو فيصلو ڪيو آهي ته خوني ڌر پنهنجيون چار نياڻيون جن مان ٽي ته ٻن کان اٺن سالن جون آهن ۽ هڪ يارهن سالن جي، فوتي واري ڌر جي حوالي ڪن. يعني اڄ جي دؤر ۾ هڪ نياڻيءَ جي بالغ ٿيڻ کان اڳ، سندس مرضي معلوم ڪرڻ بنا ڌارين سان پرڻو ڪيو وڃي ٿو! حميرا ٻڌايو ته “انهن معصوم ڇوڪرين جي تصوير ڏسڻ سان مونکي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.”
حميرا جيڪب آباد پاسي جي هڪ ٻي خبر به ٻڌائي ته ڪيئن هڪ همراهه خون جو ڪيس ڪرڻ بعد پنهنجي پنجهٺ سالن جي پوڙهيءَ ماءُ کي “ڪاري” ڪري ماري ڇڏيو آهي.
خالد هاشماڻي چيو: “جيتوڻيڪ ان قسم جي ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي، جيڪي پنهنجين نياڻين سان ظلم ڪن ٿا، جن وٽ ڪاروڪاري جو رواج رائج آهي، جيڪي پنهنجين نياڻين جي شادي قرآن سان ڪن ٿا، جيڪي ڌاڙا ۽ اغوائون ڪن ٿا، جيڪي ڌاڙيلن، چورن ۽ اغوا ڪندڙن جي سرپرستي ڪن ٿا، جيڪي نٿا چاهين ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ تعليم عام ٿئي، جيڪي نٿا چاهين ته سنڌ ۾ امن امان رهي، وغيره، پر افسوس جو انهن ماڻهن جي ڪري سنڌ کي دنيا ۾ غلط شناخت ملي رهي آهي. سنڌ جو نالو وٺڻ سان ڪو به ائين نٿو چوي ته هن ڌرتي جي رهواسين سان ظلم آهي، پر اهوئي چوي ٿو ته هيءَ اها ڌرتي آهي جنهن جا ماڻهو ڌاڙيل ۽ اغوا ڪندڙ آهن، جيڪي عورتن، پوڙهن، ٻارن ۽ نياڻين جو به خيال نٿا رکن. سنڌ جو نالو کڻڻ سان ڪو به ائين نٿو چوي ته هت غربت، بي روزگاري، پيئڻ لاـءِ گندو پاڻي، ڀڳل رستا، ڊاڪٽرن ۽ دوائن بنا اسپتالون آهن ۽ عوام سورن ۾ آهي، پر هر ڪو اهو چوي ٿو ته هي ڪهڙو صوبو آهي جتي پنجاهه سالَ پنهنجا سنڌي پير، مير، وڏيرا، سردار، ڀوتار،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا نمائندا ٿيا، وزير ۽ وڏا وزير ٿيا، ان هوندي به هتي جي عوام شڪايتون ڪندي وتي......”
واشنگٽن جي ان شام جو جيتوڻيڪ موسم بهترين هئي، رستي تي ڊگهن وڻن ۽ ٻوتن جي سڳنڌ وايو منڊل ۾ ڦهليل هُئي، پوٽو مئڪ نديءَ جي هن واشنگٽن چينل ۾ گلن جهڙا ٻارڙا ٻيڙيءَ ۾ سير ڪرڻ دوران ٽهڪڙا ڏيئي رهيا هئا، پر ديس کان ڏور رهندڙ اسان پنهنجي ڌرتي جون اهي ڳالهيون ياد ڪري ڪيڏو ڊپريشن محسوس ڪري رهيا هئاسين. سنڌ ۾ ويهي ڪو ڀلي ٻئي لاءِ چوي ته هو آمريڪا يا يورپ جي سحر انگيز ملڪ ۾ آهي، پر اهو يورپ ۾ توڙي هتي آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجو سنڌي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن تي ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ نا انصافين جو ٻڌي پرديس ۾ ڪيڏو ته دکي ۽ ملول ٿيو وڃي. هو هر ليڊر، هر سياستدان ۽ هر وزير، وڏي وزير مان اها ئي اُميد رکي ٿو ته سندن ملڪ توڙي صوبي کي ملائيشيا، سنگاپور، دبئي ۽ جپان بڻائين.