کڏن تي لغڙ اُڏائيندڙ هالا جو نجم نيويارڪ ۾
“ڪير آهي” مون پڇيومانس.
“اسانجي ئي سنگت WSI جو ميمبر آهي. سندس نالو رميش ٿارواڻي آهي. هو ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اچي رهيو آهي، سندس موبائيل نمبر هي آهي.”
مون بس يا ٽرين ۾ وڃڻ کان ان ريت وڃڻ ۾ وڌيڪ سولائي سمجھي، جو بقول منور جي رميش مونکي بلڪل منور جي ٺام ٺڪاڻي تي لاهيندو ۽ منور وٽ، جيڪو مون لاءِ بلڪل نئون ماڻهو هو، ان وٽ رهڻ تي هاڻ ٿوري گهڻي همت به پيدا ٿي جو رميش بابت ٻڌائي، منور يڪدم چيو ته هن همراهه سان ته ڳالهائجو منهنجي ڀرسان ويٺو آهي. آواز مان مون نه سڃاتو پر پوءِ خبر پيئي ته هو اسانجي ڳوٺ جو بلڪ پاڙي ۾ رهندڙ محمد هاشم مميڻ جو ڏهٽو نجم ميمڻ جيڪو هالا جي مشهور ٽيچر سائين محمد صالح ميمڻ جو ناٺي به ٿئي، جن سان پڻ اسانجي ڪٽنب جا دوستاڻا تعلقات رهيا آهن. نجم کي مون اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽيهارو سال کن اڳ ڏٺو هو، جڏهن هو ننڍو ڇوڪرو هو ۽ پنهنجي هم عمر مامي واحد ڏني سان گڏ پاڙي جي کڏن تي لغڙ اڏائيندو رهيو ٿي. نجم جو والد ننڍي هوندي ئي گذاري ويو. سندس غريب والده ’ادي حَوُلَ‘ ڳنڍڻيون ۽ ڀرت ڀري پنهنجي هن اڪيلي پٽ کي پڙهايو ٿي ۽ پوءِ ڪجهه وڏو ٿي پاڻ به صبح جو سوير اٿي تاڃيون ۽ اڻت ڪري، اسڪول ۽ گهر جي خرچ ۾ مدد ڪئي ٿي. پوءِ مون ٻڌو ته هو تعليم پوري ڪري ڪمپائونڊري جهڙي نوڪري ڪري رهيو آهي ۽ شادي به ڪئي اٿس ۽ سندس زالَ زبيده جنهن سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي آهي، سا پڻ هالا جي روشن تارا اسڪول ۾ ٽيچنگ ڪري گهر جي خرچ ۾ مدد ڪري ٿي. مالمو (سئيڊن) ۾ هوس ته اتي اوچتو خبر ٻڌم ته آمريڪا حڪومت طرفان ويزا لاءِ ڪڻا نڪتا آهن، انهن ۾ نجم ميمڻ به هڪ آهي ۽ هو نيويارڪ هليو ويو آهي. اهو ٻڌي مونکي خوشي ٿي ته نجم جهڙو پورهيت ۽ ڪفايت وارو ماڻهو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ رهي پنهنجي قسمت بدلائي ڇڏيندو. منهنجي اها ڳالهه بلڪل صحيح نڪتي، جو جڏهن هيڏانهن آمريڪا اچي رهيو هوس، ته ڳوٺ جي ڪجهه ماڻهن نجم لاءِ ٻڌايو ته هو سادگي ۾ رهي ٽڪو ٽڪو بچائي رهيو آهي ۽ اهو ماڻهو جيڪو مسواڙ جي گهر ۾ رهيو ٿي، ان هالا ۾ ماشاءَالله هاڻ پنهنجو گهرُ ورتو آهي. ان جي مونکي ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسوس ٿيو ته هي انهن عياش ماڻهن مان نه آهي، جيڪي پرديس ۾ جيڪي ڪمائين ٿا اهو ته چٽ ڪن ٿا، پر ماڳهين ڳوٺان به گهرائيندا رهن ٿا. جنهن ڪري اسان جي ملڪ ۾ غير ملڪي ناڻو اچڻ بدران ٻاهر نڪرندو رهي ٿو ۽ ملڪ غريب ٿيندو رهي ٿو.
۽ هاڻ اهو به معلوم ڪري خوشي ٿيم ته نجم نيويارڪ ۽ بالٽيمور کي ٻه اڍائي سال ٿيا ته خير آباد چئي، هتي واشنگٽن جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ لئبررين جو جاب ڪري رهيو آهي ۽ منور لغاري وٽ هن جي فلئٽ ۾ رهي ٿو.
“تنهنجي هجڻ جو ٻڌي خوشي ٿي اٿم.” مون کيس فون تي چيو “منور ڪو تڪلف ڪري ته هن کي مون پاران جھلجانءِ. ظاهر آهي، توهان پاڻ به اڪيلا رهو ٿا، سو توهان وٽ رهڻ ئي ڪافي آهي. ماني ٽڪيءَ جو کٽراڳ نه ڪجو. ڪجهه ٻاهر پاڻ ئي پيو کائيندس، ڪجهه فرج ۾ رکيل مکڻ ۽ ڊبل روٽي ۽ بيضي سان نه فقط نيرن پر لنچ ڊنر به پئي ٿيندي.”
“توهان فڪر ئي نه ڪريو. هتي هر شيءِ جو بندوبست آهي.” نجم چيو.
“پر مونکي ڪوشش ڪري دعوتن ۽ ڊگهين ڪچهرين بدران گهڻو وقت آزاد ڇڏجو، جيئن آئون لکڻ پڙهڻ جو به ڪم ڪري سگهان.” مون کيس تاڪيد ڪئي. بهرحال اهو سڪون ٿيو ته منور تي کڻي منهنجي نه هلي، پر نجم منهنجي هر ڳالهه مڃيندو ۽ نجم سان اڳ واٽ سڃاڻپ هجڻ ڪري easy محسوس ڪرڻ لڳس ۽ پوءِ به مزو نه آيو ته ٻئي ڏينهن رميش ٿارواڻيءَ سان موٽي ايندس يا ٻئي ڪنهن سڃاڻوءَ وٽ هليو ويندس يا اڳتي هوسٽن ڏاهرين وٽ وڃي رهندس، جيڪي منهنجي اڳيان ننڍا ٿي وڏا ٿيا آهن.