الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

آئون ائين ئي اچي آمريڪا پهتو آهيان

جهانگير ڪرامت صاحب ڪجهه پنهنجيون خبرون ڪندو رهيو، ڪجهه مونکان پڇندو رهيو. ٻڌايومانس ته ائين ئي ڪجهه مهينن لاءِ ڏورانهين ڏيهه ۾ ماضيءَ جي راهن کي يا سمجھيو ته جوانيءَ جي ڏينهن کي trace ڪندو هتي پهتو آهيان. تعليم ختم ڪري جيئن ئي مئرين انجنيئر جي حيثيت سان جهاز هلائڻ جي نوڪري شروع ڪيم ته پهريون سال اڌ روس ۽ اوڀر يورپ واري روٽ تي رهڻ بعد هن پاسي بدلي ٿي. جنهن به جهاز تي چاڙهيو ويس ٿي، ان کي ڪئريبن ٻيٽن: ڪيوبا، ويسٽ انڊيز، برمودا وغيره کان USA جي بندرگاهن ۾ وٺي اچڻو پيو ٿي. اهو سلسلو 1972ع تائين هلندو رهيو. اڄ 33 سالن بعد پاڻيءَ وارو جهاز هلائي آمريڪا اچڻ بدران، هڪ پئسينجر جي صورت ۾ هوائي جهاز رستي هتي پهتو آهيان ۽ انهن انهن بندرگاهن ۽ شهرن ۾ ٽرين، بس يا ڪار ذريعي وڃي رهيو آهيان، جن ۾ تڏهن سامونڊي نوڪريءَ دوران منهنجو رهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ٿيو هو.
جهانگير ڪرامت هڪ پڙهيل ڳڙهيل فوجي هجڻ سان گڏ اصول پرست انسان آهي. هن اصولن تحت پنهنجي فوجي نوڪري تان به استعيفا ڏئي ڇڏي. هو نه منهنجو باس آهي نه دوست، پر منهنجي پيٽارو جي ڪيترن دوستن ۽ ڪلاس ميٽن جو ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ باس رهي چڪو آهي. جهڙوڪ ليفٽيننٽ جنرل سيد پرويز شاهد، ڪرنل مسعود عزيز، ڪرنل غلام محي الدين، برگيڊيئر اڪرم، برگيڊيئر مختيار وغيره وغيره جن جو۽ مونکي منهنجي دل ۾ هن لاءِ عزت منهنجي دوستن ۽ ساٿين ڪري آهي جو جنرل جهانگير جون ڳالهيون مون هنن کان ئي ٻُڌيون.
جنرل جهانگير ڪرامت نيشنل ڊفينس ڪاليج، ڪمانڊر ائنڊ اسٽاف ڪاليج ۽ آمريڪا جي فورٽ ليون ورٿ واري جنرل اسٽاف واري ڪاليج جو گرئجوئيٽ آهي. هن جي پوسٽ گرئجوئيشن “انٽرنيشنل رليشن” ۾ ٿيل آهي. پاڻ آڪٽوبر 1988ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين، جڏهن جوائنٽ چيف آف اسٽاف جو چيئرمين ۽ چيف آف آرمي اسٽاف هو۔ پاڻ ٻين عهدن کان علاوه DGMO (ڊائريڪٽر جنرل آف مليٽري آپريشن ۽ چيف آف جنرل اسٽاف پڻ ٿي رهيو.) هن سعودي عرب ۾ اتي جي آرمي ٽروپ کي پڻ ڪمانڊ ڪيو هو.
آرميءَ مان رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ جنرل جهانگير ڪرامت آمريڪا جي اسٽئفورڊ يونيورسٽي ۽ واشنگٽن جي بروڪنگ انسٽيٽيوشن ۾ Visiting fellow جي حيثيت سان پڙهايو. پاڻ پاڪستان پولو ائسوسيئشن جو صدر به رهي چڪو آهي. آرميءَ ۾ سندن واسطو 13 لانسرس Cavalry ريجمينٽ سان آهي.
جنرل صاحب مون لاءِ چانهه ۽ ڪيڪ وغيره گهرايا هئا ۽ اسان هن شهر وانشنگٽن جي اڄ جي ۽ ماضيءَ جي دور جون ڳالهيون ڪندا رهياسين، جڏهن منهنجي جهاز جا هي رستا ۽ راهون هيون ۽ جنرل صاحب جو تعليم خاطر ۽ بعد ۾ پڙهائڻ خاطر آمريڪا جي هن شهر واشنگٽن ۽ ٻين ۾ اچڻ ٿيو ٿي. مون وٽ ان وقت موجود، پنهنجو سفرنامو “ملائيشيا ڪي دن” جنرل صاحب کي ڏنو، جنهن ۾ ڪوالالمپور ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستاني سفير جنرل نسيم جي تصوير ڏسي، ان بابت ۽ جنرل عالم جان محسود بابت احوال ڪندا رهياسين، جنهن اسان کي ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ مئپ ريڊنگ (Military Science) جهڙو آپشنل سبجيڪٽ پڙهايو، دنيا کي منهن ڏيڻ لاءِ انگريزي زبان ۾ نه رڳو ڀڙ ٿيڻ جي اهميت ٻڌائي، پر اسان کي انگريزي ڳالهائڻ جي پرئڪٽس ڪرائڻ لاءِ هن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ به ڪمپلسري ڪري ڇڏيو هو. انهن ڏينهن ۾ اسان جي عالم جان محسودتي سخت ڪاوڙ هوندي هئي جنهن هر وقت انگريزي ڳالهائڻ جي پابندي وجھي، اسان جي هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪرڻ جو ئي مزو خراب ڪري ڇڏيو هو پر پوءِ محسوس ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ڏسان پيو ته نه فقط دنيا ۾، پر پنهنجي ملڪ ۾ به هلي رڳو انگريزي پئي. ڪامياب اهو ٿو وڃي جيڪو انگريزيءَ ۾ ڀڙ آهي. اهوئي سبب آهي جو هر روز گهٽجڻ بدران “بابا بلئڪ شيپ ــــ هئو يو ائني وول” ٽائيپ ڪانوينٽ اسڪول وڌي رهيا آهن، جن ۾ گهڻائي اسانجي سياستدانن، فوجين، وڏيرن، سردارن، سرڪاري ڪامورن جي ٻارن جي آهي ۽ غريب جي ٻار کي سنڌي ۽ اڙدو جي ويڙهاند ۾ مشغول رکيو ويو آهي. اڄ به آفيسن، انٽرويوئن، ڪورٽن وغيره ۾، جتي ڪٿي انگريزيءَ جو بول بالا آهي، تڏهن ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن به سڄي ملڪ ۾ ميڊيم آف انسٽرڪشن انگريزي ڪري ڇڏيو آهي. عرب ملڪن ۾ توڙي جپان، ناروي، سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ انگريزي سکڻ تي زور ڀريو پيو وڃي، جن ملڪن ۾ هڪ ڊاڪٽر ۽ انجينئر کان انگريزي پڙهائڻ وارو ٽيچر ٽيوشن سميت گهڻو ڪمائي رهيو آهي.
ڪجهه دير ماٺ ۾ رهڻ بعد جنرل صاحب ڪم ڪار جو پڇيو. هن شايد سمجهو ته آئون جو سيڙجي ساڻن ملڻ آيو آهيان، خاص ڪري نيويارڪ کان (جتي اسان جي ملڪ جو قونصل خانو آهي، جيڪو پڻ سفير جي هٿ هيٺ ڪم ڪري ٿو) سو ضرور ڪو پاسپورٽ جو يا ڪو ٻيو مسئلو هوندو.
“نيو يارڪ جي آفيس ۾ ڪو ڪم ڪار هجي ته هارون شوڪت کي فون ڪريان.....” جنرل صاحب چيو.
مون کيس مهرباني چوندي هڪ دفعو وري ٻڌايو ته آئون ائين ئي هتي آمريڪا اچي پهتو آهيان ۽ مختلف جايون ڏسي ۽ ماڻهن سان ملي هليو ويندس ۽ پوءِ گهر پهچي اهي ڳالهيون اخبار ۾ ڪالم طور لکندس.