ائمبسڊر جان ڊبليو مئڪڊونالڊ ـــــ امن جو رکوالو
ائمبسڊر جان ڊبليو مئڪڊونالڊ جارج واشنگٽن يونيورسٽي ۾ قانون جو پروفيسر ۽ جارج مئسن يونيورسٽي جو وزٽنگ پروفيسر به رهي چڪو آهي ۽ هينئر اتي جو صلاحڪار آهي. ان کان علاوه گرنيل ڪاليج ۾ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر رهي چڪو آهي، هن جا اٺ کن ڪتابَ دنيا ۾ مشهور آهن، جن مان گهڻا “Negotiation & Conflict Resolution” مطابق آهن.
ائمبسڊر جان مئڪڊونالڊ جو انٽرنيشنل لئبر آرگنائيزيشن (ILO) جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ سئٽزرلينڊ به رهڻ ٿيو، جتي سندس واسطو 102 ملڪن سان هو ۽ سندس هٿ هيٺ 3200 کن ماڻهن ڪم ڪيو ٿي. پاڻ يونيورسٽي آف اليانس جو گرئجوئيٽ آهي. صدر ريگن جي حڪومت ۾ ٻه دفعا ۽ صدر جمي ڪارٽر جي ڏينهن ۾ به ٻه دفعا يونائيٽيڊ نيشن جو سفير ٿي رهيو. تقريرن بعد مانيءَ جو دور هليو، جتي خالد هاشماڻي کي پاسي تي جھلي چيم ته ائمبسڊر جان مئڪڊونالڊ جهڙن بين الاقوامي ماڻهن کي هي پاڻ وارو منور لغاري ڪٿان پڪڙي آيو آهي؟
خالد پنهنجو روايتي ٽهڪ ڏيندي چيو: “بابا منور جي ڳالهه ئي نه پڇ. پاڻ سو سنهڙو آهي ۽ اسان سڀني جو خادم ٿيو پيو هلي، باقي سندس سڃاڻا ان ائمبسڊر جهڙا ڳرا ڳرا آهن. جيڪي منور کي پير و مرشد مڃين ٿا.”
هن دعوت ۾ ٻه سئو کن ماڻهو ــــ مرد توڙي عورتون، ديسي توڙي مڪاني، ريڊيو ٽي وي توڙي اخباري نمائندا هئا. ماني ورجينيا جي هڪ انڊين ريسٽورينٽ “روي ڪباب هائوس” تان گهرائي هئائون. هن پاسي جون پاڪستاني، بنگالي، نيپالي هوٽلون (انڊين هوٽلن سميت) انڊين سڏجن. ڪيترن جا نالا به انڊيا اسٽائيل تي رکيا وڃن ٿا. روي ڪباب هائوس هڪ پاڪستاني مسلمان عبدالنور جي ريسٽورينٽ آهي جنهن کي اقبال به سڏين. هيءَ ريسٽورينٽ N305 گائيبي روڊ تي ارلنگٽن ۾ آهي. هن جي مالڪ جو ساڳي شهر ارلنگٽن جي ولسن بليوارڊ تي حلال گوشت جو دڪان HALAL MEAT CENTRE نالي پڻ آهي.
مانيءَ ۾ ڪيترن ڊشن کان علاوه نان ۽ پيزن جو پلاءُ پڻ هو. ٻه کن ڊش عليم بروهي پنهنجي طرفان به ٺهرائي کڻي آيو هو ته متان ماني کٽي نه پوي. سڀني جي کائڻ بعد به ڪافي ماني بچي پيئي ۽ جيڪي فيملين بنا واشنگٽن ۾ رهيل هئا، انهن کي گهر کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو. عليم بروهي منور جي فليٽ تي ڇڏڻ وقت اسان کي به هڪ هڪ ڊش کڻڻ لاءِ چيو ۽ ان گاڏيءَ ۾ ويٺل رميش ٿارواڻيءَ، نجم ميمڻ ۽ آئون پنهنجي پنهنجي پسند جو هڪ ڀريل ٻوڙ جو ٽري کڻي فليٽ تي آياسين.
ماني بعد منور لغاريءَ ائمبسڊر صاحب کي سنڌي ٽوپي ڏني ۽ اجرڪ مئڪڊونالڊ جي زالَ جي ڳچيءَ ۾ وڌي. بعد ۾ مونکي مليل ٽوپي لاءِ مون منور کي ڏاڍو چيو ته هو اها واپس وٺي، جيئن هن کي هتي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏيڻ ۾ ڪم اچي ويندي، آئون ته ڳوٺان به وڃي وٺي سگهان ٿو ... پر هن نه مڃيو. نجم ميمڻ منهنجي ڳالهه کي زور نه وٺرايو ۽ مونکي اها تحفي طور هتي جي ياد خاطر رکڻ لاءِ چيو. “سائين توهان فڪر ئي نه ڪريو” نجم پنهنجي راز واري انداز ۾ مونکي سمجھايو (اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس هر ڳالهه ڄڻ راز جي ڳالهه هجي) “منور وٽ اهڙيون ٽوپيون ۽ اجرڪون جام پيون آهن. شوڪت نظاماڻي جڏهن به ايندو آهي ته ڍير آڻي ڏيندو اٿس ۽ اجھو هاڻ وري ايندڙ مهيني اچڻو آهي.”