فلڊلفيا کان بالٽيمور ۽ پوءِ واشنگٽن
اهو ان ڪري جو ٺلهو واشنگٽن چوڻ سان ڪو واشنگٽن رياست به سمجھي سگهي ٿو. جيڪا اتر اولهه ۾ ڪئناڊا جي بارڊر سان مليل آهي ۽ پاسي کان آمريڪا جون اداهو ۽ اورلئنڊو رياستون آهن. ائين ته واشنگٽن نالي انگلينڊ ۾ به ٻه شهر آهن هڪ سسيڪس ۾ ٻيو ٽائين ائنڊويئر ۾. آمريڪا ۾ به مٿين ٻن نالن کان علاوه اوريگان رياست ۾ واشنگٽن ڪائونٽي آهي، پينسلوانيا رياست ۾ واشنگٽن ڪراسنگ تي (ڊيلاويئر ماٿريءَ ۾)، لوزيانا رياست ۾ واشنگٽن پارش آهي ۽ نيو هئمپشائر ۾ واشنگٽن اسٽيٽ پارڪ آهي. اهي سڀ شيون آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن پويان آهن.
فلڊلفيا کان بالٽيمور ايندي وقت رستي تي چيسٽر، ولمنگٽن، نيوارڪ، ابرڊين، پارڪ وائيل جهڙا شهر به آيا. هي “نيوارڪ” شهر نيو جرسيءَ وارو وڏو شهر ۽ بندرگاهه ناهي، پر ڊيلاويئر رياست جو هڪ ننڍڙو ٽائون آهي، جنهن جي ڀرسان بروڪ سائيڊ پارڪ آهي. بالٽيمور وٽ هڪ سرنگهه مان به لنگهڻو پيو، جيڪا شايد پاتا پسڪو درياهه جي هيٺان آهي جنهن درياهه جي منهن وٽ جتي هن جو پاڻي چيزاپيڪ خليج ۾ ڊرين ٿئي ٿو، بالٽيمور شهر ٿو اچي. شايد هن سرنگهه (Tunnel) لاءِ رميش ٿارواڻيءَ ٻڌايو ته 2001ع ۾ هن ٽنل ۾ سٺ کن بوگين واري ريل اونڌي ٿي پئي هئي ۽ ڪيميڪلز کي اهڙي ته باهه لڳي، جو اها ڇهه ڏينهن هلندي رهي ۽ شهر جو مرڪزي حصو بند ٿي ويو هو. سخت تپش ڪري ان ٽنل مان لنگهندڙ پاڻيءَ جا پائيپ ڦاٽي پيا هئا، جن مان نڪرندڙ پاڻيءَ کان باهه ته وسامي وئي، پر سڄو ٽنل پاڻيءَ سان ڀرجي ويو هو جو ظاهر آهي، ته اهو سمنڊ جي تري کان به گهڻو هيٺ کوٽيل آهي. ان بعد ڇا ٿيو جو باقي بچيل ڪيميڪلز جيڪي هيٺ گٽرن ۾ گڏ ٿيندا رهيا، انهن ۾ ٽن هفتن کان پوءِ ويسٽ پراٽ اسٽريٽ وٽ اهڙو ته ڌماڪو ٿيو جو گٽرن جا مئن هول (ڍڪ) مٿي هوا ۾ اڇلجي ويا.
بالٽيمور گهمڻ جي خيالَ کان آمريڪا جو بهترين ٽوئرسٽ شهر سمجھيو وڃي ٿو، پر اسان غريب ايشيائي ماڻهن لاءِ جن لاءِ سريلنڪا جو ڪولمبو ۽ ايران جو تهران به مهانگو آهي، انهن لاءِ خاص گهمڻ خاطر هلي ملي اڌ دنيا لتاڙي ڳرا ڀاڙا ڀري، هتي اچڻ وڏي بيوقوفي آهي.
يورپي، ڪئناڊين ۽ هتي جا مڪاني گورا ملندا آهن، ته هتي جي ٻه سؤ سال پراڻي تاريخي قلعي “فورٽ مئڪ هينري” جي پيا تعريف ڪندا آهن. اهي ڀلي پيا ڪن، اسان وٽ انهن کان پراڻا قلعا حيدرآباد ۽ ڪوٽڏيجي جهڙا موجود آهن، اسانکي انهن کي ئي ڏسڻ جي توفيق نٿي ٿئي، سو هي ڏسي ڪهڙي ڌوڙ پائينداسين. ها البت ڪو هن شهر بالٽيمور ۾ رهي ٿو، نوڪري ڪري ٿو، هتي جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿو يا مون وانگر جهاز واري نوڪري ڪري پاڻيءَ وارو يا هوائي جهاز وٺي هتي اچي ٿو، ته پوءِ هتي جون ڪجهه مشهور شيون ضرور ڏسي جهڙوڪ: بالٽيمور مئريٽائيم ميوزيم، ميريلئنڊ سائنس سينٽر، قومي ماهي خانو (Aquarium)، بالٽيمور آرٽ ميوزيم وغيره.
بالٽيمور جون ميڊيڪل سائنس سان تعلق رکندڙ يونيورسٽيون شايد وڌيڪ ناليريون آهن، جو هتي جڏهن به ايندا هئاسين ته پاڪستان جي مختلف ميڊيڪل ڪاليجن جا ڊاڪٽر ۽ پروفيسر انهن ۾ نوڪريون ڪندي يا سيمينار اٽينڊ ڪندي نظر ايندا هئا. لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي نصرت قاضي به پهريون دفعو هتي ملي، ان کان علاوه LMC جو پروفيسر محمد صالح ميمڻ ۽ سرجن انصاري به هتي مليا ... جيڪي خاص ڪري جانسن هاپڪنس يونيورسٽي ۾ سيمينار لاءِ آيل هوندا هئا ۽ ملاقات ٿيندي هئي. انهن ڏينهن (ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن) ۾ بالٽيمور ۾ ڊاڪٽر صالح ميمڻ جو ادب ۽ ميڊيڪل سان واسطو رکندڙ هڪ انٽرويو منهنجي هڪ سفرنامي “تيسيتائين گڊ باءِ.......” ۾ Always a place on top جي عنوان سان اچي چڪو آهي.