الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

پير جي ڳوٺ جو ڪليم خلجي ۽ سندس ڀائر ڀينرون

واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفير جنرل جهانگير ڪرامت وٽ چانهه پي ساڻس گڏ ٽي چار فوٽو ويهي ۽ بيهي ڪڍرائڻ کانپوءِ موڪلايم. سندس ڪمري کان ٻاهر نڪتس ته سفير صاحب جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪليم خلجي اچي ويو آهي ۽ پنهنجي آفيس ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.
واشنگٽن ۾ اسانجي پاڪستاني سفارتخاني ۾ اٽڪل پنجاهه سٺ کن ماڻهو ڪم ڪن ٿا، جن ۾ ماشاءَالله ٻه سنڌي جوان به آهن. هڪ شاهد ڪلهوڙو ۽ ٻيو ڪليم خلجي. ٻئي ڄڻا آفيس جي ڪم سان ٻاهر ويل هئا، پر ڪليم منهنجي اچڻ جو ٻڌي موٽي آيو هو.
ڪليم خلجي جو تعلق پير جي ڳوٺ سان آهي. پير جو ڳوٺ هڪ ننڍڙو ٽائون آهي، پر هن ڳوٺ جي ڪيترن ئي پڙهيل شخصيتن کان سنڌ جا ماڻهو واقف هوندا. ٻه چار آئون به سڃاڻان ٿو. هڪ ته اسان جي پيٽارو جو ساٿي ائڊمرل بخت علي جماڻي آهي. فوج ۾ هڪ ٻيو همراهه جيڪو پڻ وڏي عهدي تي پهتو ڊاڪٽر نظام الدين ڏانور آهي، جنهن هينئر ويجھڙائيءَ ۾ برگيڊيئر جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ ورتي آهي ۽ ان ئي جهڙو پير جي ڳوٺ جو هڪ ٻيو نيڪ انسان ۽ برگيڊيئر ڏانور جو ڪلاس ميٽ محمد بچل سانگري آهي، جو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ DIG آهي. پير جي ڳوٺ جو اسان جو هڪ ٻيو يار ڊاڪٽر ستار هاشم ميمڻ نيورو سرجن آهي، جنهن جي صدر ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اسپتال آهي ۽ هتي جو ئي هڪ ٻيو ڊاڪٽر اظهر شيخ نالي آهي، جيڪو JPMC (Jinnah Postgraduate Medical Centre) ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي.
ڪليم خلجيءَ جو هتي واشنگٽن ۾ هي ٻيو دفعو آهي. پهريون دفعو هو پاڪستان حڪومت طرفان هتي آيو هو. سندس خاص سبجيڪٽ ايڪانامڪس آهي. آمريڪا ۾ ٽي چار سال رهڻ دوران هن کي شايد آمريڪا جي Citizenship به ملي وئي ۽ ان سان گڏ هن پنهنجي سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن به ڪري ورتي هئي ۽ پوءِ جڏهن هو پاڪستان موٽيو ته سال ٻن بعد اسانجي سفارتخاني کي ايڪانامڪس جي ماهر جي ضرورت پيئي ۽ هنن چاهيو ٿي ته ان لاءِ ڪو آمريڪن شهري رکيو وڃي. ڪليم خلجيءَ به apply ڪيو جو هاڻ هو به آمريڪن شهري هو ۽ هن وٽ ڊگري به آمريڪا جي هئي. ان پوسٽ لاءِ هو چونڊجي ويو ۽ پاڪستان واري نوڪري مان استعيفا ڏيئي، هاڻ ڪجهه سالن کان هتي واشنگٽن ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. ڪليم هن وقت چاليهه کن ورهين جو ٿيندو جو سندس ڄم جو سال 1965ع آهي. پاڻ مئٽرڪ پير جي ڳوٺَ مان ڪرڻ بعد انٽر خيرپور جي سپيريئر سائنس ڪاليج مان ڪئي ۽ بي ڪام گورنمينٽ غزالي ڪاليج لطيف آباد مان ۽ ايم ڪام شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ته کيس اسلام آباد منسٽري آف ڪامرس ۾ نوڪري ملي ويئي ۽ پوءِ 1994ع کان وٺي 1999ع تائين هتي واشنگٽن ۾ پاڪستان ايمبسيءَ ۾ ڪمرشل سيڪريٽري ٿي رهيو. ان بعد جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته نوڪري تان استعيفا ڏئي پوءِ وري هيڏانهن هليو آيو. ڪليم کي چار ٻار آهن. وڏو پٽ عبدالله تيرهن سالن جو ٿيندو ۽ ٽي ڪڪيون: اريڪا، سحري ۽ اسري آهن، جيڪي هتي آمريڪا جي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا.
ڪليم خلجيءَ جو قصو به آئون ان ڪري کڻي ويٺو آهيان، جو هن فئمليءَ تعليم کي مانُ ڏنو ۽ ڳوٺ ۾ هجڻ جي باوجود جتي هنن کي ائڊمرل بخت علي جماڻي وانگر لالٽين تي پڙهڻو پيو ٿي ۽ اسڪول لاءِ روزانو وڏو فاصلو پيرين پنڌ ڪري وڃڻو پيو ٿي، هنن دل نه هاري ۽ ڀائر ڀيڻيون تعليم وٺندا رهيا. بنا ڪنهن شڪ جي ان Credit جو مستحق سندن والد محمد يوسف صاحب به آهي جيڪو صاحب جيتوڻيڪ پاڻ ڪڏهن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان نه پڙهيو، پر هن هر صورت ۾ چاهيو ٿي ته سندس ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون اعليٰ کان اعليٰ تعليم حاصل ڪن. سندن ننڍي عمر (اٽڪل چاليهه سالن جي ڄمار ۾) وفات ٿي ويئي ۽ هو پنهنجي اولاد کي وڏين نوڪرين ۾ نه ڏسي سگهيو.
ڪليم خلجي جو والد صاحب جنهن جو روزگار ڪپڙي جو ڪاروبار هو، جنهن جو اوڄو آڏاڻن ذريعي ڪيو ويو ٿي، هڪ عالم هو، جنهن ڳوٺ جي ٻارن کي معنيٰ سان قرآن مجيد پڙهايو ٿي. سندن وڏو پٽ حبيب الله به مهراڻ مان BE (سول انجنيئرنگ) ۾ ڪرڻ کان اڳ عربي ۽ فارسي پڙهيو ۽ ڪٽوري ڳوٺ جي مشهور استاد مولوي شهاب الدين وٽ عالم جو ڪورس ڪيائين. مولوي شهاب الدين، الهه آباد يونيورسٽي مان پڙهيو ۽ خيرپور جي ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ٽيچر هو، جنهن وٽ غوث علي شاهه ۽ قائم علي شاهه جهڙا ماڻهو پڻ پڙهيا. ڪليم جو هي وڏو ڀاءُ حبيب الله اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ واپڊا ۾ انجينئر آهي. هتي آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترن کي شايد اها خبر نه هجي ته ڪليم پاڻ به قرآن جو ياد حافظ آهي. ڪليم جي چئن ڀيڻن مان هڪ ڀيڻ ڊاڪٽر رضيه ڪئنادا ۾ رهي ٿي، جنهن جي شادي ڪجهه سالَ اڳ سکر جي مشتاق مهر صاحب جي فرزند محمد علي مهر سان ٿي هئي. محمد علي پڻ انجنيئر آهي ۽ ڪجهه سالَ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هيڏانهن ٽورنٽو (ڪئناڊا) هليو آيو. کيس ٻه پٽ آهن، ٻن سالن جو عمر ۽ سال کن جو عزيز. حيدرآباد ۾ رهندڙ حبيب الله بعد ڪليم جي باقي چئن ڀائرن مان رحمت الله جنهن ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪئي، ڪراچي ۾ پاڪ انشورنس ڪمپنيءَ ۾ آهي، ثناءٌالله سکر جي ڪنهن بئنڪ ۾ آهي، نعمتِ الله سنڌ يونيورسٽي جي فائين آرٽس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر عنايت Gastroenterology جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ڪراچي جي “ڪراچي نئشنل هاسپيٽل” ۾ آهي. ڪليم سڀني ڀائرن ۾ ننڍو آهي.