منور جي ڪار جيڪا سندس ملڪيت آهي
پر ان ۾ منور جو به ڏوهه نه هو. هن گهڻو ئي نٽايو پر ٽانڪريڊو منور کي ئي چيو ته، کيس گهر تائين ڇڏي اچي.
“Mr Munawar it is nice to pass a few more minutes with you.”
ٽانڪريڊو ماني دوران منور سان ڪچهري ڪرڻ باوجود هن جي ڪمپني چاهي ٿي. ٽان ڪريڊو جيڪو USA ڪانگريس جو ڪولوراڊو رياست کان چونڊجي آيل نمائندو آهي، سو اڄ ڪلهه واشنگٽن ۾ ئي آهي ۽ سندس پسند موجب هوٽل ۾ سندس دعوت ڪئي وئي هئي، جتي هو واڪ ڪري پهتو هو ۽ هاڻ واپس وڃڻ لاءِ منور کي چيو هئائين. پر چڱو جو خيرن سان هن کي گهر ڇڏي منور ان ريسٽورينٽ موٽيو ۽ مانيءَ جا بل چڪتو ڪري (جيڪي اسانجي ڳوٺائي ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ڏنا) هاڻ هرڪو پنهنجي گهر روانو ٿي رهيو هو ته منور جي ڪار رستي تي پنڪچر ٿي پئي.
“منور توکي ڪار ڪا چڱيڙي وٺڻي پوندي.” حميرا کيس صلاح ڏني. “هن ۾ تون ماڻهو ٿو کلائين.”
حميرا کي مون ڪاليج جي ڏينهن جي ڳالهه ٻڌائي، ته اسان سان گڏجي توهانجو ٽورنٽو (ڪئناڊا) ۾ رهندڙ زاهد مخدوم جو وڏو ڀاءُ خالد حسين مخدوم پڙهندو هو، جيڪو پئسي ڏوڪڙ يا ڪپڙي لٽي جي معاملي ڪري غريب هو، جو سندس والد صاحب جسٽس مخدوم عبدلوالي صاحب انهن گادي نشين پيرن مان آهي، جنهن پيريءَ جي پڳ ڇڏي، تعليم حاصل ڪري، نه فقط جج ٿيو، پر پنج وقت نمازي ۽ بيحد ايماندار جج ٿي گذاريائين. سڪي پگهار مان جهڙي دال روٽي کائي پاڻ گذر ڪندو هو تهڙو سندس اولاد کي رکيائين، پر سندس پگهار مان ٻارن جي اسڪول جون فيون ۽ تعليم جو پورائو ڪندو رهيو.
ٻين ڀائرن وانگر خالد مخدوم به جهڙو پڙهائيءَ ۾ هوشيار هو تهڙو عام معلومات ۾ جھجھي مطالعي ۽ معلومات رکڻ وارو، چرچائي ۽ تمام سٺو راڳي (Singer) به هو. هر هڪ هن سان دوستي رکڻ چاهيندو هو. فرسٽ ييئر ۾ پهتاسين ته ڪراچي جي ڪن وڏن ڪارخانيدارن ۽ آفيسرن جا ٻار اسان جي ڪاليج ۾ داخل ٿيا، جيڪي وڏين ڪارين ۾ پيٽارو ايندا هئا ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي لئه جي لٻاڙ هڻندا هئا ته هو هيئن پنهنجي ڪارن ۾ صدر ۽ سمنڊ جي ڪناري تي وڃن ٿا ته اتي جون ڇوڪريون هنن تي اڪن ڇڪن ٿين ٿيون. هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ خالد مخدوم پنهنجي چرچائي اسٽائيل ۾ کين چيو: “ڀيڻا ترسو! رڳو خالد مخدوم کي ڪراچي اچڻ ڏيو پوءِ توهان ڀلي مرسيڊيز ڪار ۾ هلجو خالد مخدوم گڏهه گاڏيءَ ۾، ته به ڇوڪريون لفٽ ڏينديون ته خالد مخدوم کي.......” سڀ ڏاڍا کليا هئاسين ۽ سندس اهو جملو نه فقط اسان جي ڪلاس جي پر ٻين کي به جن کي ٻڌايوسين، اڄ به ياد آهي ۽ جڏهن به خالد نظر ايندو آهي ته چوندا آهيونس “واهه ڙي واهه خالد! لفٽ ملي گي تو خالد مخدوم ڪو چاهي وهه گدها گاڙي ۾ هو”، سو حميرا اسان سڀ کڻي وڏين گاڏين ۽ وڏن بنگلن ۾ رهندا هجون، اوچا ڪپڙا پهري تيل ڦُليل ۽ فيشن ڪندا هجون، ٽان ڪريڊو جهڙو طاقتور ڪانگريس مئن جيڪو سمجھه ته هتي جو ولي خان يا قاضي حسين آهي، اهو به لفـٽ ڪرائي ٿو ته منور لغاريءَ جي طفيل. پاڻ واري هن سنهڙي سڪل منور وٽ کڻي ڀڳل ڪار ۽ هڪ ڪمري جو فليٽ آهي، جتي کيس سمهڻ لاءِ اها جاءِ ملي ٿي جتي پاڻ جيتون لاهي رکون ٿا، پر برما جي ’اَنگ سان سُو‘ کان وٺي سائوٿ آفريڪا جو ’منڊيلا نيلسن‘، ۽ ايسٽ ٽيمور جو ’جوزي راموسا هورتا‘ کان وٺي روڊيشيا جو ’ڊيسيمنڊ ٽوٽو‘، هن کي ئي سڃاڻن ٿا ۽ هن سان ئي اچيو ملن. سنڌ کان شمشير، امير جليل، روبينا قريشي يا انڊيا کان ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ دبئي کان مورج مگهناڻي اچن ٿا ته اهي به منور سان ئي ملڻ اچن ٿا ... جنهن جي طفيل اسان به هنن سان ملون ٿا. يا جلال شاهه، نور الدين سرڪي، دود مهيري هجي يا آمريڪا جو ڊاڪٽر سالز برگ، واشنگٽن پوسٽ جي پاميلا ڪانسٽيل ۽ ڊائنا اورٽز ... منور لغاريءَ سان حب سان ملن ٿا ۽ منور کي نه پنهنجي شان ۽ صحت جو فڪر آهي، نه پئسي دولت جو. فڪر آهيس ته پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جو، مظلوم ۽ ڏتڙيل انسانن جو ... پوءِ چاهي اهي سنڌ جا هجن يا پنجاب جا، آفريڪا جا يا ڏکڻ آمريڪا جا. بهرحال خالد مخدوم وانگر منور لغاري کڻي ڀڳل گاڏيءَ ۾ ٿو هلي يا غريباڻي گهر ۾ ٿو رهي، پر دنيا جا سيستدان، ليڊر، سياسي ۽ ضمير جا قيدي، آزادي جا متوالا هن کي ئي سڃاڻن ٿا. ويندي بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ظفر جمالي صاحب به منور کي فون ڪن ٿا.
ان رات مڪينڪ ٽائر مان ٽيوب ڪڍي ڏسي چيو ته هن ۾ ايتريون چتيون لڳل آهن، جو هاڻ نئون وٺڻو پوندو ۽ نئين ٽائر جا دڪان سڀاڻي کلندا. اسان ڪار ان پيٽرول پمپ وٽ ڇڏي. هڪ ٽئڪسي ۾ حميران پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏي رواني ٿي ۽ ٻيءَ ۾ منور ۽ آئون اچي پنهنجي هڪ ڪمري واري فليٽ تي حاضر ٿياسين. ٻئي ڏينهن منور پنهنجي پراڻي ڪار لاءِ هڪ نئون ٽائر وٺي آيو ۽ اسان وري سير ڪرڻ شروع ڪيا. منور هر وقت ان کي هلائيندي خوش هوندو هو ۽ هن ڪار جي مالڪڻ (ڪا محترمه جوڻيجو صاحبه هئي، جيڪا هتان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد هيءَ ڪار نالي ماتر ڊالرن ۾ منور کي وڪڻي ويئي) جا ٿورا ڳائيندو رهي ٿو، ته هن جي مهرباني ڪري اڄ هو هن ڪار جو مالڪ آهي. منور جي ان ڪراڙي ڪار ۾ ان ئي جُڳ جو ٽيپ رڪارڊر پڻ لڳل آهي، ان ۾ جڏهن عابدهه پروين يا ابراهيم منشي جي غزلن جا ڪئسٽ هلن ٿا ته منور لغاري 15 سالن جي جلاوطني ۽ گهر وارن کان دوري به في الحال وساريو ڇڏي.