الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو ۽ قونصل خانا

آمريڪا ۾ اسانجي ملڪ جو سفارتخانو هن شهر واشنگٽن ۾ آهي، پر جيئن ته آمريڪا جو ملڪ وڏو آهي، ان ڪري آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڪستان جا قونصل خانا آهن، جيئن ڏورانهَن شهرن کان واشنگٽن اچڻ بدران اسانجا پاڪستاني ويجھي واري قونصل خاني ۾ وڃي پاسپورٽ، ويزا، شناختي ڪارڊ يا ٻين مسئلن جو حل ڪرائي سگهن. اهي قونصل خانا (Consulates) هنن شهرن ۾ آهن:
1. نيو يارڪ ۾ 12East 65Street تي.
فون نمبر: 212-879-5800, 212-517-7541
2. لاس اينجلس (ڪئليفورنيا)، Los Angles, CA_90024 10850 Wilshire Blvd Suit 1250,
فون نمبر: 310-441-0161, 310-446-6695
3. شڪاگو: Illinois 60601 333 North Michigan Ave, Suit 728 Chicago
فون نمبر: 312-781-1831, 312-781-1833
4. هيوسٽن (ٽيڪساز) 11850 Jones Road Houston _ Texas 77070
فون نمبر: 281-890-2223
5. بوسٽن: Massachusetts 02090 558 Clapboard tree Street West Wood,
فون نمبر: 617-266-6666