نئچرل فوڊ واپرائڻ جو فئشن
خالد چنا وارن جو هي نيچرل فوڊ اسٽور ڪافي وڏو آهي. ڪراچي جي آغاز سپر مارڪيٽ کان به وڏو ٿيندو، جنهن ۾ مختلف کاڌن ۽ شين جا سيڪشن آهن جن کي خالد، سندس ڀاءُ مسعود، طفيل چانڊيو ۽ شڪيل ميمڻ منهن ڏين ٿا. هڪ سيڪشن ۾ ته تازا ميوا صوف، انگور، انب ۽ گدرا وغيره ۽ ڀاڄيون آهن، جيڪي عام سبزي مارڪيٽ جي اگهه کان مهانگيون آهن، جو اهي ميوا ۽ ڀاڄيون بنا فرٽيلائيزر، ڪيميڪل ۽ دوائن جي پوکيل آهن. ظاهر آهي انهن جي growth ۽ بنا ڪيميڪل جي جيتن جراثيمن کان صاف سٿرو رکڻ ۾ محنت لڳي ٿي ۽ پوکڻ وارو في ايڪڙ جي حسابَ سان گهڻي اپت نٿو ڪري سگهي. ڪيترائي ميون خاص ڪري انبن، ڪيلن ۽ پپيتن جون سڪل ڦارون (slices) به وڪري لاءِ موجود هيون. ان سان گڏ سڪل زردالون، انجير، ڏاڙهونءَ جي ڪڻ ۽ ٻيون شيون هيون. ڪيترن ئي کاڌن، ميون، ڀاڄين وغيره جا ڪئپسول ۽ گوريون به هيون جيڪي مختلف ملڪن توڙي آمريڪا جون ٺهيل آهن، جيئن ته پپيتي جي تت جا Capsule جيڪي قبضي جي مريض لاءِ بهتر آهن.
سڀ کان دلچسپ سيڪشن جڙين ٻوٽين جي آهي، جن ۾ ڪجهه ته چين ۽ ڪوريا جون مشهور جنسنگ نموني جون پاڙون ۽ Herbs آهن جيڪي اُتي جي ٿڌن جابلو علائقن ۾ ٿين ٿا، ته ڪي ته بلڪل اهي، جيڪي اسانکي سنڌ جي ڳوٺن ۽ رستن تي نظر اچن ٿا. جيئن ته بِهَه آهن، جيڪو سنهن ڳترن ۾ ڪٽيل خوبصورت رنگين پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پئڪ ٿيل نظر آيو. يعني اهو خشڪ (سڪل) حالت ۾ هو طفيل ٻڌايو ته اسان وٽ سنڌ ۾ بهه ۽ پٻڻ جو ايڏو قدر ناهي، جيڏو هنن سڌريل ملڪن ۾ آهي.
“بلڪل مڃان ٿو” مون جواب ڏنومانس، “ايتري قدر جو جپاني ۽ ڪورين به پسند ڪن ٿا ۽ پنهنجي ملڪ جا بهه پٻڻ ته کايو کپايو ڇڏين، پر هر سال ڪروڙها رپين جا چين ۽ ملائيشيا کان امپورٽ ڪن ٿا ... جيئن پاڻ چانهه جي پتي درآمد ڪيون ٿا. پر هنن شين جي هتي آمريڪا ۾ جيڪا ڳري قيمت آهي، اها ته جپان جهڙي ملڪ ۾ به نه آهي.”
“صحيح ٿا چئو.” طفيل سمجھايو، “اها قيمت ان ڪري به گهڻي آهي، جو هتي هر شيءِ اعليٰ ۽ هائيجينڪ نموني جي گهرائي وڃي ٿي. جهاز ۽ ڀاڙا گهڻا آهن، دڪانن جون مسواڙون، ٽئڪس ۽ ڪم ڪرڻ وارن جا پگهار وڏا آهن، ان ڪري هر شيءِ جو اگهه اتاهون ٿيو وڃي. ٻي ڳالهه ته هي شيون هر عام ماڻهو نٿو وٺي جو گهڻي کپت ٿئي ۽ قيمت ڪجهه گهٽ ٿي سگهي. هي شيون واپرائڻ واري هڪ ننڍڙي اقليت آهي، پر اهو آهي جو هنن شين جا شوقين وڏا امير آهن ۽ پئسو خرچ ڪندي گھٻرائين نٿا.