جئڪي اسان جي فئوريٽ، اوناسز اسان جو باس
جئڪلين جا وڏا فرينچ هئا. سندس پڙڏاڏو يا تڙڏاڏو مائيڪل بوويئز 1815ع ۾ فرانس ڇڏي اچي فلڊلفيا ۾ Settle ٿيو هو. جئڪلين پاڻ به انگريزيءَ کان علاوه فرينچ ۽ هسپانوي زبانن ۾ ڀڙ هئي. هوءَ 23 سالن جي هئي ۽ واشنگٽن ٽائيمز اخبار ۾ فوٽوگرافر طور ڪم ڪري رهي هئي ته هن جي 1952ع ۾ ڪينيڊيءَ سان ملاقات هڪ ڊنر پارٽي ۾ ٿي. ان وقت ڪينيڊي 35 سالن جو هو. سال کن جي دوستي بعد 1953ع ۾ سندن شادي ٿي. پورن ڏهن سالن بعد ڪينيڊي جو قتل ٿيو، جئڪلن ان وقت 34 سالن جي هئي. پنجن سالن بعد هن مسٽر اوناسز سان شادي رچائڻ جو اعلان ڪيو. ظاهري طرح هيءَ شادي 1968ع ۾ وڏي ڌوم ڌام سان ٿي پر پوءِ ٿورن ئي سالن ۾ هنن جا ملڪيت ۽ ٻين ڳالهين تان جھيڙن جا قصا اخبارن ۾ ايندا رهيا. جئڪلين بدران اوناسز جڏهن پئرس ۾ ڪنهن خوبصورت ماڊل يا ائڪٽريس سان ڊنر کائيندي ڏٺو ويو ۽ جئڪلين کي نيويارڪ ۾ پنهنجن هم جيڏين سان گهمندو ڏٺو ويو ته ڪيترن ئي کي تشويش ٿي. اخباري نمائندن جي گهڻي پڇ پڇ تي هڪ دفعي اوناسز جيڪو بيان عام لاءِ جاري ڪيو، ان ڪيتري حد تائين افواهن ۾ ماٺار آندي. پڪ سان نٿو چئي سگهجي پر سندس اهي ڊائلاگ اڃا تائين منهنجي ڪاپيءَ تي درج ٿيل آهن جن مان لڳندو هو ته يوناني پوڙهو واهه جي فلاسافي ٿو ٺوڪي ۽ ادب جي پالوٽ ٿو ڪري، اچي:
Jackie is a little bird that needs its freedom as well as its security and she gets them both for me.”
هن وڌيڪَ چيو:
She can do exactly as she pleases - visit international fashion shows and travel and go out with friends to the theatre or any place. And I of course, will do exactly I please. I never question her any and she never questions me.”
انهن ڏينهن ۾ اسان کي وڻندي جئڪي (جئڪلين) هئي پر اسان جو صاحب ۽ پريو مڙس اوناسز هو، جو اسان جي ڪيترن ڪلاس ميٽن هن جي يوناني جهازن تي نوڪري ڪئي ٿي ۽ هن پنهنجي ڪم وارن جو وڏو خيال رکيو ٿي.
اوناسز ۽ جئڪي جي وچ ۾ ويا ويڇا وڌندا. هنن هڪ ٻئي کان کلئي عام طلاق نه ورتي، باقي آخر تائين پاڻ ۾ ٺهيا ڪونه. ايتري قدر جو اوناسز ڏٺو ته سندس مرڻ بعد يونان جي قانون مُطابق سندس ملڪيت جو چوٿون حصو جئڪلين کي ملندو، سو پنهنجي ملڪ جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڏاڍو چيائين ته هو ڪو قانون پاس ڪرائين، جنهن ۾ بيواهه عورتن جو حصو رد ڪيو وڃي. 1975ع ۾ جڏهن اوناسز پئرس ۾ وفات ڪئي، ته هن سان گڏ سندس يوناني ڌيءَ ڪرسٽينا هئي. جئڪي نيويارڪ ۾ رهيل هئي. اوناسز جي ڇڏيل ملڪيت جي سلسلي ۾ ڪيس هليو ۽ ٺاهه مُطابق جئڪيءَ کي ويهه ملين ڊالر مليا. جيتوڻيڪ هن جي حصي ۾ 125 ملين ڊالرن کان به مٿي آيو ٿي.
جئڪيءَ زندگيءَ جا آخري ڏينهن آمريڪا ۾ ئي گذاريا ۽ 19 مئي 1994ع تي وفات ڪيائين. کيس سندس پهرين مڙس جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
اوناسز جو سڄو نالو ارسٽائلز ساڪرئٽس اوناسز هو. پاڻ 15 جنوري 1900ع تي سلطنت عثمانيه جي شهر Smyrna ۾ ڄائو. (جيڪو هينئر ترڪيءَ جو شهر ازمير آهي) پهرين جنگ عظيم بعد ترڪن يونانين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ اوناسز وارا به پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي يونان هليا ويا. جِتان پوءِ اوناسز ارجنٽائين (ڏکڻ آمريڪا) 1920ع ۾ پهچي، پنهنجن وڏن جو تماڪ جو ڌنڌو سنڀاليو. 1925ع ڌاري هن کي يونان ۽ ارجنٽائين جو پاسپورٽ مليو. 1950ع ۾ هن پهريون پاڻيءَ جو جهاز خريد ڪيو جنهن تان اٿندي ئي کيس ايڏو فائدو ٿيو جو هڪ ٻئي پويان ڪيترائي جهاز خريد ڪندو رهيو. ان کان علاوه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سندس هوٽلون هلڻ لڳيون. يونان جي مشهور هوائي جهازن جي ڪمپني Olympic Airlines جو مالڪ به اوناسز هو ۽ هاڻ سندس پهرين زال جي 56 سالن جي ڌيءَ ڪرسٽينا آهي.