الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

دلپي سنگهه سانڍ ۽ مئڊم ڪوسا

هونءَ هن ڪانگريس مئن (ٽانڪريدو) جا ابا ڏاڏي اٽليءَ کان آيا. سندس مادري زبان اطالوي آهي. بهرحال آمريڪا سڄو ڌارين ماڻهن جو ملڪ آهي، جتي نه فقط انگلينڊ، اسپين، فرانس، پورچوگال، جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن کان پر آفريڪا ۽ ايشيا جا به ڪيترائي آهن، جن مان ڪي ٽام ٽانڪريڊو وانگر اسيمبلي (US House) جا ميمبر پڻ آهن. دليپ سنگهه سانڍ نالي هڪ انڊين سک پهريون ايشيائي آمريڪن آهي، جيڪو يونائيٽيڊ اسٽيٽس هائوس آف Representatives جو سن 1957ع کان 1963ع تائين ميمبر ٿي رهيو. دليپ سنگهه پنجاب جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڇجل وادي ۾ 1899ع ۾ ڄائو. 1919ع ۾ يونيورسٽي آف پنجاب مان مئٿس ۾ B.A ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هو بريڪلي جي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا مان ائگريڪلچر جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا آيو. پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ دوران هن ٻه ڊگريون حاصل ڪيون. هڪ 1922ع ۾ Ph.D ڪئي. ان بعد پاڻ هتي آمريڪا ۾ ئي رهي پيو ۽ مئٿمئٽيشن سان گڏ هن ٻني ٻاري (پوک) جي ڪم ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هو سٺو بزنيس مئن، جج ۽ آخر ۾ آمريڪا جو ڪانگريس مئن ٿيو. هن ڪئليفورنيا مان ڊيموڪريٽ پارٽي طرفان ريپبليڪن جئڪلين اودلم جو مقابلو ڪيو ۽ سيٽ کٽي ويو. اهڙي طرح هن ٻئي ٽرم ۾ به اليڪشن کٽي. مئي 1962ع ۾ کيس ڏينهن لڳي ويو ۽ ان بعد اڌ رنگ ڪري پاڻ ڳالهائي نه سگهندو هو. هلندو به ٻئي جي مدد سان هو، ان ڪري هن جو سياسي ڪئريئر اتي ختم ٿي ويو ۽ پورن ڏهن سالن بعد وفات ڪيائين.
دليپ سنگهه سانڍ جا لکيل ڪتابَ وڏي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. جن مان هڪ کان ته انگي حسابن جي دنيا جا شاگرد واقف هوندا، جنهن جو نالو:
“The Periodical Solution of Differential Equations” آهي جيڪو دراصل هن Ph.D جي ٿيسز خاطر لکيو هو. ان کان علاوهه هيٺيان ٽي ڪتا دلچسپ نوعيت جا آهن:
1. گانڌي ـــ دي مئن ائنڊ هز ميسيج
2. ماءِ مدر انڊيا، ۽
3. “ڪانگريس مئن فرام انڊيا.” اهو ڪتاب سندس آتم ڪهاڻي آهي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي ديسي ماڻهن (انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش جي رهاڪن) کي دليپ سنگهه جو اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس. هي ڪتاب دليپ سنگهه جي جدوجهد، غمين، خوشين، شڪستن ۽ حاصلات سان ڀرپور هڪ سادي سودي زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي، ته ڪيئن هڪ ويهن سالن جو انڊيا جو هڪ ڳوٺاڻو ڇوڪرو ست سمنڊ لتاڙي، آمريڪا پهتو ۽ ٽيهارو کن سالن بعد ان ملڪ جو ڪانگريس مئن ٿيو. هن پنهنجي ماءُ ۽ زالَ جي ساراهه ڪئي آهي. ماءُ جيڪا اڻ پڙهيل هوندي به هن لاـءِ مستقل Inspiration رهي ۽ آمريڪن زال مئڊم ڪوسا جنهن هن سان ان وقت شادي ڪئي، جڏهن هن کي نه گهر هو نه پئسو، نه نوڪري هئي، نه مستقبل پر بقول دليپ سنگهه جي هڪ گوري ۽ مغرب جي عورت هجڻ جي باوجود هوءَ دليپ سان وفادار ۽ خذمتگذار ٿي رهي. هوءَ آخر تائين مڙس جي سچي دل سان خدمت چاڪري ڪندي رهي. رڊيارڊ ڪپلنگ جو هڪ مشهور قول آهي ته:
“East is east and west is west, and never the twain shall meet.”
دليپ سنگهه سانڍ جي معاملي ۾ اهول قول بنهه غلط ثابت ٿيو جو جڏهن مشرق جو سانڍ ۽ مغرب جي ڪوسا پاڻ ۾ مليا ته کين ٽي خوبصورت ٻار ٿيا، جيڪي ملڪ جي اهم عهدن تي آهن.