آمريڪا مفاصلن جو ملڪ
“يار ڪمال ٿو ڪرين! پري ته سان فرانسسڪو ۽ لاس اينجلس آهي!! اسان ته پنجن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهيون.” رامچند پنهنجي ڌيرج واري اسٽائيل ۾ سمجهائي ٿو ۽ مون کي گهڙي کن لاءِ لڳي ٿو ڄڻ ڪراچي کان ڪنڊيارو يا دادو جيترو فاصلو هجي. اهي به ته پنج ڪلاڪن جي پنڌ تي آهن پر پوءِ يڪدم هوش اچي ٿو ته، نيويارڪ کان ڪولوروڊو جتي رامچند رهي ٿو ايترو وڏو فاصلو آهي جو سڄي پاڪستان کي ڊگهو ڪري ان جي وچ ۾ رکجي ته، به گهڻي جاءِ بچي.
“ڇا مطلب! پنج ڪلاڪ؟” مون حيرت مان سوال ڪيو.
“جي ها، پنج ڪلاڪ.” رامچند ان ساڳي ٿڌاڻ واري لهجي ۾ جواب ڏنو، “منهنجو مطلب آهي باءِ ايئر.”
“نيويارڪ کان تو وٽ اچڻ کان ته بهتر آهي، ته ان ڀاڙي ۾ ٻئي سال ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور هليو وڃان. مفاصلو ۽ هوائي ڀاڙو ساڳيو آهي. پلس ملائيشيا ايئر ڪمپني ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهائش مفت ٿي ڏئي.” مون کلندي رامچند کي ٻڌايو.
سو امريڪا (USA) مفاصلن جو ملڪ آهي، جتي جي ڪو چوي ٿو ته هُو توهان جي ويجهو رهيل آهي، سو به گهٽ ۾ گهٽ سئو کن ميل توهان کان پري هوندو. رميش ٿارواڻي نيو جرسي کان واشنگٽن، عرفان جماڻي واشنگٽن کان بالٽيمور يا فلڊلفيا ۽ فلڪ شير ورجينا کان ائٽلانٽڪ سٽي مون کي ائين وٺي هلندا هئا، ڄڻ ڪلفٽن کان ايمپريس مارڪيٽ يا قاسم آباد کان سنڌ يونيورسٽي پيا هلن. اهو آهي ته آمريڪا ۾ هر هڪ وٽ نئين گاڏي آهي (اوڌر تي ئي ورتل صحيح)، بهترين رستا آهن (جن تي هلڻ جو هر سڏ پنڌ تي ٽئڪس Toll ڏيڻو پوي ٿو)، قاعدو قانون آهي (جنهن جي خوف کان ئي سهي) هر هڪ خبرداريءَ سان گاڏي هلائي ٿو ۽ ايڏو ٿڪ نٿو ٿئي. هاڻ ته اردو ۽ هندي گانن جي FM اسٽيشن به کلي وئي آهي. سوين انگريزي ريڊيو اسٽيشنون هڪ طرف، هيءَ ديسي اسٽيشن ٻئي طرف، جنهن تان هر وقت وڄندڙ هندي گانن ۽ پاڪستاني غزلن جي ڌن تي، اسان جا ماڻهو گاڏيون هلائيندا رهن ٿا، سفر طئي ڪندا رهن ٿا.