هڪ سنڌي کي به ايئرپورٽ تان موٽايو ويو
اسان جي فلائيٽ مان به ٻن مُسافرن کي داخلا کان انڪار ڪيائون ۽ هنن کي ٻي فلائيٽ ۾ پنهنجي ملڪ پاڪستان واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو جو هنن کان جيڪي سوال ڪيا ويا، انهن جا جواب هنن ڪوڙ جي بنياد تي ڏنا. هنن ڪا معلومات لڪائڻ ٿي چاهي، جنهن ۾ هو جھلجي پيا. بهرحال واپس موٽڻ وارا مُسافر يا اهي مُسافر جن کي ڪمرن ۾ وٺي ڊگهي Interrogation ڪئي وئي ٿي، اهي سڀ ننڍيءَ ٽهيءَ جا لڳا ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته هنن فقط اسان پاڪستانين سان اهو وهنوار نٿي ڪيو جو کڻي چئجي ته اسان مسلمان هئاسين ان ڪري اسان سان هنن سختي ڪئي، پر هنن ساڳيو حال انڊيا ۽ ٻين ملڪن کان آيل مُسافرن سان به پئي ڪيو.
ان ئي وقت واپس موٽائڻ وارن ۾ هڪ سنڌي همراهه به هو.... شايد حيدرآباد پاسي جو. هو اسٽوڊنٽ ويزا تي آمريڪا ۾ رهيل هو، هاڻ وري مهينو کن ڳوٺان رهي واپس آمريڪا آيو هو، پر اميگريشن هُن کي هِن دفعي سندن ملڪ ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. شڪ آهي ته هنن وٽ پڪا ثبوت موجود هئا، ته هي همراهه سچ پچ جو شاگرد نه هو. ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي اسٽوڊنٽ ويزا تي آمريڪا ۾ نوڪريون ڪري رهيو هو ۽ يونيورسٽي کان گهڻو وقت غير حاضر ئي رهيو ٿي.
اميگريشن بعد پنهنجو سامان ٻه بئگون کڻي ڪسٽم چيڪنگ واري حصي ۾ پهتس، جنهن جي منهن وٽ بيٺل ڪسٽم آفيسر رکي رکي (At Random) ڪنهن هڪ ٻن کي چيڪنگ لاءِ ڪسٽم سيڪشن ۾ موڪليو ٿي (جِتي ڪيترائي ڪسٽم آفيسر مُسافرن جون بئگون کولي چڪاس ڪري رهيا هئا) باقي گهڻي ڀاڱي مُسافرن کي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اشارو ڪري رهيا هئا، جن ۾ خوش قسمتيءَ سان آءٌ به هوس، نه ته وري بئگون کولڻيون پون ها. بئگ کولڻ سولي آهي، پر وري ان کي بند ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿئي ٿو. اهو ائين آهي جيئن ڪا کڏ کوٽي، ان مان نڪتل سموريءَ مٽيءَ کي وري واپس وجهڻ جي ڪوشش ڪجي. بهرحال دنيا جي هر ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ بعد هڪ مسافر کي آزادي واري خوشي ٿئي ٿي، پوءِ اهو آزاديءَ جو احساس چوڏهين آگسٽ تي کڻي نه ٿيندو هجي. نيويارڪ شهر ۾ پهچڻ لاءِ ٽرين ۽ ٽئڪسيون بيٺيون هيون، پر مون کي سامهون منهنجو ڀاڻيجو ثمير واسطڙو نظر اچي ويو، جنهن سان گڏ سندس ڪار ۾ سڌو اچي نيوجرسيءَ کان نڪتس.