ڀيڙي ڀيڙي ٻڌ، سورائتي سندرو
ڇا اهو ضروري آهي ته ولايت ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي وطن جو احساس ٿئي ٿو؟
منور: وطن ڇڏيندڙ ماڻهوءَ کي وطن جو احساس تڏهن ٿئي ٿو جڏهن هو ان متعلق سوچي ٿو. جيڪڏهن سوچڻ ڇڏي ڏي ته هو احساس، ۽ ڪيفيتن جي زنجيرن کان آزاد ٿي ويندو. پر اهو تمام مشڪل آهي. جن به ماڻهن پنهنجن انهن احساسن، ڪيفيتن کي خود اعتمادي، نظم ضبط ۽ پر عزم طريقي سان استعمال ڪيو ته انهن ضرور تبديلي آندي.
ماڻهو وطن سان محبت ڇو ٿو ڪري؟ آزادي ڇا آهي ۽ ان جي ڪيتري حد هجڻ گهرجي؟ سنڌ لاءِ ڪهڙي جدوجهد ڪرڻ کپي ــــ حقن واري جدوجهد يا مشڪل آزادي ... وري امن پسند طريقا استعمال ڪجن يا گوريلا جدوجهد، ٻاهرين قوتن تي ڀاڙڻ گهرجي يا نه؟ مدد لاءِ ٻاهرئين طاقتن کي آماده ڪجي يا نه؟ سنڌ جي وڏيري جو انقلاب ۾ ڪهڙو ڪردار بيهندو؟ سنڌ جا وڏيرا هونئن ته قوم کي تين وال ڪن ٿا، پر ڪن مان چڱي اميد به رکي سگهجي ٿي؟ ان لاءِ ڪهڙي لائين رکڻ گهرجي؟ ڪئين سوال دماغ تي بار ٿيو بيهن. انهن سوالن مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پر جان ڇڏائي نه سگهندو آهيان، پوءِ لطيف پڙهندو آهيان، جيڪو آٿت ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته:
ڀيڙي ڀيڙي ٻڌ، سورائتي سندرو.
سورن جو سندرو به پاڻ ٻڌ. ٻئي ڪنهن کان نه ٻڌراءِ ۽ ڇڪي ٻڌ، متان وچ رستي تي کلي نه پئي. ڀٽائي تي سوچيندي سوچيندي منهنجي من ۾ هي خيال تري ٿو اچي، ته وڏن مسئلن جي آخري ڪاميابيءَ جو مدار ننڍن سوالن جي صحيح ۽ انصاف پٽاندڙ فيصلن ڪرڻ تي منحصر آهي.....
آئون پاڻ کي انهن خواهشن جو غلام قطعي بڻائڻ لاءِ تيار نه آهيان، جيڪي ماڻهوءَ کي ننڍڙو بڻائي ڇڏين. تاريخ، وقت، عوام ۽ ضمير جي اڳيان ڏوهي ۽ گناهگار بڻايو ڇڏين.
ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۽ ڏاڏو محرم ڏاڍو ياد ايندو اٿم. اهي ننڍپڻ جا ڏينهن جڏهن آئون ڳوٺ ۾ وڻن مان ڪاٺيون وڍيندو هوس، جهارَ هڪليندو هوس، ڳڙ ڪڍندو هوس .... آئون هڪ هاريءَ جو پٽ آهيان جنهن هاريءَ کي سڄو شاهه جو رسالو ياد هو، جيڪو هن مونکي پڙهايو. ڏاڏا سان گڏ مال چارڻ ويندو هوس. مال جو وٿاڻ گڏ ڪندو هيس. امان ۽ چاچيءَ واريون ڦٽيون چونڊڻ وينديون هيون ۽ شامَ جو ڍڳي گاڏيءَ ۾ سڀني لاهيارين جون ڀريون کڄي اوطاق تي اينديون هيون. اسانکي جيڪو ٽڪو پئسو خرچي ملندي هئي، ٻيا ٻار ان ئي وقت واڻئي جي دڪان تان کٽمٺڙو يا ڪتل ڳڙي وڃي وٺندا هئا. آئون اهو ٽڪو ٽڪو بچائي پوءِ سٺي سليٽ، پين يا ڪو ڪتاب وٺندو هوس. مون ڪڏهن به پاڻ کي کاڌي جي شيءِ تي نه هيرايو.