سنڌ ۾ ڪو بزنيس ڪري نه سگهندين
“نديم مونکي لڳي ٿو ڪم جي پريشر ڪري وار جلد اڇا ٿي ويا اٿوَ” مون کيڪاريندي چيومانس، “ظاهر آهي هتي جون نوڪريون پاڪستان جي نوڪرين وانگر عياشيءَ واريون نه آهن ۽ بئنڪنگ ته اهڙو جاب آهي، جيڪو اسان وٽ به سخت ترين سمجھيو وڃي ٿو.”
“شايد اهو به سبب هجي” نديم به مرڪندي چيو.
“مڙيئي خير آهي. اڇا وار ٿيڻ مڙيئي خير آهي، پر ڪير گنجو نه ٿئي.”
“ڇو ڀلا؟” نديم پڇيو.
“ڇو ڀلا! سوچڻ جي ڳالهه آهي. ههڙن ملڪن ۾ جتي هر وقت برف ۽ ڳڙا پيا وسن، اتي گنجي کان وري به اڇن وارن وارو وڌيڪ Safe آهي.” مون چيومانس.
جيئن عام چوندا آهن ته “دس ورلڊ از ويري سمال” (هيءَ دنيا ڏاڍي ننڍڙي آهي) شيزان هوٽل واري هن مسجد کان ٻاهر نڪتاسين ته هڪ ٻيو نمازي اچي مليو.
“اڙي حميد صاحب! توهان؟” مون سڃاڻندي تعجب مان پڇيو مانس. هو جهازن جو ريڊيو آفيسر آهي، ڪجهه سال اڳ به منهنجي هن سان ملاقات ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي، جتي سندس جهاز آيل هو” جهاز نيوارڪ بندرگاه ۾ آيو آهي ڇا؟” مون پڇيومانس.
“نه چيف صاحب، سامونڊي زندگيءَ تي پاڻ ڪڏهوڪو ٽي قل پڙهي ڇڏيا.” هن وراڻيو.
“ڇا مطلب؟” مون پڇيو.
“آمريڪا ۾ اچي اچي مون محسوس ڪيو ته هي ملڪ اهو آهي جتي منهنجو پنهنجو ۽ منهنجي اولاد جو مستقبل Secure آهي. جتي آئون جيتري گهڻي محنت ڪندس اوترو گهڻو اجورو حاصل ڪري سگهندس. منهنجا ٻار به هتي جوي آزاد فضا ۾ رهي تعليم حاصل ڪري سگهندا. اهو سوچي ٽي سال کن اڳ هتي اچي بزنيس Setup ڪيم ۽ الله جي فضل سان خوش آهيان.” هن چيو.
“پر ايترو پئسو پنهنجي ملڪ ۾ به ته لڳائي سگهئين ٿين. اجايو هن عمر ۾ پرديس جي اوپري ماحول ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟” مون پڇيومانس.
“بلڪل صحيح ٿا چئو. هيترا سال جيڪي ڪمايم، پهرين ڪراچيءَ ۾ لڳايم، پر پنهنجي ملڪ ۾ ڪا شيءِ آسان ناهي. ڏهه ايجنسيون واڳونءَ وارو وات پٽيو ويٺيون آهن، جيڪي بزنيس مئن کي ڦريو فقير ڪريو ڇڏين. ڪو سيفٽي ڊپارٽمينٽ کان پيو اچي ته خرچي ڪراءِ ته ڪو ليبر ڊپارٽمينٽ کان. پوليس کاتي جا ماڻهو الڳ خرچيءَ جي گهر پيا ڪن، ته سياسي پارٽيون الڳ. ان کان علاوه علائقي جي غنڊن کي ڌار ڀتو ڏي. دوستن سمجھايو ته ڪراچي يا سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ نه ڌنڌو هلائي سگهندين نه فيڪٽري، ڪارخانو ۽ نه وري زمينداري ڪري سگهندين بهتر اهو آهي پنجاب هليو وڃ.”
“پوءِ؟”
“پوءِ مون سوچيو ته ان کان هيڏانهن هليو اچان. هينئر مون وٽ هتي جو گرين ڪارڊ آهي، ڄاڻ ته پاسپورٽ به مليو. هتي گهٽ ۾ گهٽ اسان جهڙا غريب سڪون جي ننڊ ته ڪن ٿا. ائين ته نه آهي جو ڌاڙيل گهر ۾ گهڙي اچن، ٻار اغوا ٿي وڃن يا مسجد ۾ گوليون هلن.”