الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

هتي هر شيءِ اوڌر تي ورتل آهي

نجم هڪ دفعو مهمانن کان مانيءَ لاءِ وري پڇيو ته ڪو ڪجهه کائڻ چاهي يا کير پيئڻ چاهي ته ڪچن ۾ آهي. هن مونکي خاص طور چيو جو فنڪشن ۾ ماني کائڻ بدران آئون ماڻهن سان ڳالهائيندو رهيو هوس. آئون ٽپ ڏيئي اٿيس، هڪ پليٽ کڻي هڪ ڀريل tray مان پالڪ ۾ رڌل گوشت ڪڍي، ڊبل روٽيءَ سان کاڌم. نجم کي چيم هي اسان سڀ مڇين وانگر ڪمرو ڀري سمهي رهيا آهيون. صوفو به ڀرجي ويو، منور ڪٿي اچي سمهندو؟”
“سائين ان جو فڪر ئي نه ڪريو.” نجم چيو، “هو هن گهٽيءَ ۾ پکڙيل بوٽ ڪٻٽ ۾ وجھي اتي ئي سمهي رهندو.”
“يار تنهنجو منور به عجيب ماڻهو آهي.” مون چيو.
“صفا مولائي مڙس آهي.” نجم ٻڌايو ، “نه اٿس هٺ وڏائي ۽ نه ٽيڙي ... نه کاڌي پيتي جو شوق، نه لٽي ڪپڙي جو احساس. جينز جي پتلون پائي سڄو ڏينهن ڏتڙيل ماڻهن جي حقن لاءِ ڊوڙندو وتي.”
مانيءَ بعد نجم کي چيم ته پلاسٽڪ جون ٿيلهيون کڻ ته هنن ٻوڙن جا حصا ڪري ٿيلهين ۾ وجهي Freeze ڪري رکون، جيئن پوءِ جڏهن کپي ٿيلهيءَ کي اوون ۾ گرم ڪري کائي سگهجي. اسان پنج ٿيلهيون پالڪ گوشت جون ۽ پنج ٿيلهيون ڪڪڙ جي ٻوڙ جون ٺاهي فريز ۾ رکيون. ٽيون ٽري جيڪو ساون پنن ۽ سلاد سان ڀريل هو ان لاءِ نجم کان پڇيم ته هي تو کنيو يا رميش.
“يار تڪڙ ۾ اهو کڻي مون کنيو.” نجم کلندي چيو.
“شاباس هجنئي! ماڻهو آهين يا رنگيلو؟” مون چيومانس، “ان کان ته قيمتي ڪوابن جو tray کڻين ها ته هڪ ٻيو هفتو ٻاهر هوٽلن ۾ هلي کائڻ يا رڌ پچاءُ کان بچي وڃون ها.”
بهرحال ڪجهه دير ڪچن ۾ اهي ۽ ڳوٺَ جون ڳالهيون ڪري اسان به اچي سمهي پياسين. صبح جو اٺين بجي نيرن تي منور به اچي حاضر ٿيو. پشاور وارا همراهه پنجين بجي ئي ايئرپورٽ تي روانا ٿي چڪا هئا، کين نجم ٽيڪسي گهرائي ڏني ۽ هيٺ تائين ڇڏي آيو. عمر شيخ ۽ عباسي صاحب جن بنا نيران ڪرڻ جي سوير ئي پنهنجي شهر ڪئرولينا لاءِ نڪري ويا، جو کين آفيس وقت تي پهچڻو هو. باقي بچيلن چانهه ۽ بيضا ٺاهي ڊبل روٽي ۽ جيم سان ويهي نيرن ڪئي. ان بعد رميش مختلف خانن مان ڪجهه ڪتاب چونڊي منور کان پڙهڻ جي اجازت وٺي، نيوجرسي روانو ٿيو.
“ياد ڪري ڪتاب واپس ڪجانءِ.” منور تاڪيد ڪيس.
“ڏس! اڄ ڏينهن تائين مون تنهنجو ڪو ڪتاب هيٺ مٿي ڪيو آهي؟” رميش وراڻيو.
رات جي آيل مهمانن مان هڪ هڪ ٿي فليٽ خالي ڪندو ويو ... رهجي ويو فليٽ جو مالڪ منور، اسان جو ڳوٺائي نجم ۽ منهنجو سر. منور لغاري لاءِ فليٽ جو مالڪ لکيو اٿم. جنهن لاءِ هن کي به اعتراض آهي ۽ ڪنهن حد تائين حقيقت به آهي. هتي جي سسٽم موجب هن بئنڪ مان قرض کڻي هي غريباڻو هڪ ڪمري جو فليٽ ورتو آهي، جيڪو وري بئنڪ وٽ گروي (mortgage) ٿيل آهي، يعني فليٽ جا ڪاغذ پٽ ۽ مالڪي حقن جا دستاويز بئنڪ حوالي آهن، جنهن کي هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان بئنڪ جي في (وياج، چارجز ـــ جيڪي به سمجھيو) سان گڏ هر مهيني هِتان هَتان پئسا بچايو قسط طور ڏيندو اچي، جيڪو سلسلو اڃا خبر ناهي ڪيترا سال هوندو ۽ پوءِ بئنڪ جي حساب سان جڏهن فل Payment ٿيندي ته پوءِ بئنڪ وارا هن فليٽ جا ڪاغذ منور صاحب جي حوالي ڪندا ۽ منور صاحب هن ويهه باءِ سورهن فوٽ فليٽ (جنهن ۾ ڪچن ۽ باٿ روم به اچي وڃي ٿو) جو مالڪ ٿيندو. بقول منور جي ته جي مسواڙ تي فليٽ ٿو وٺان ته ان جي مسواڙ به هن جي قسط جي اڌ کان مٿي ٿي ٿئي ۽ ٻي ڳالهه ته اها مسواڙ هر سال وڌندي رهي ٿي. ان کان هن ريت فليٽ وٺڻ اسان لاءِ بهتر آهي. حقيقت اها آهي ته نه فقط منور پر اسان جا ٻيا ايشيائي يارَ دوست به ان ريت وقت پيا گذارين. کين ننڍا فليٽ توڙي وڏا بنگلا ضرور آهن، پر سڀ بئنڪن ۽ اوڌر ڏيندڙ ڪمپنين وٽ گروي ٿيل آهن ۽ هو سالن کان قسطون ڏيندا اچن ۽ اهڙي طرح هنن جون سواريون ـــ ڪارون آهن. ڪيترا ته اسانجا ديسي توڙي هتي جا مڪاني گورا ۽ ڪارا ٻارن جي ضد ڪرڻ تي يا پاڙي ۾ پنهنجو منهن مٿانهون ڪرڻ لاءِ “Visit now pay later” جي اصول تي مختلف ٽريول ايجنسين کان سفر جي ٽڪيٽ ۽ ٻيو خرچ وٺي ٻارن سان گڏ ٻئي شهر يا ملڪ ۾ “هاليڊيز” ملهايو اچن ۽ پوءِ پيا ڪيترا سال ان جون قسطون ڀرين. بقول نواب شاهه جي ڊاڪٽر ڏاهريءَ جي فرزند مقبول ڏاهري جي، جيڪو ٻارهن سالن کان هتي آهي: “سائين قرض کان آجا ٿيون ته بچت به ڪريون. ٻه ٻه نوڪريون ڪريون ٿا، پر سڄو پگهار گهر ۽ گاڏي جي قسطن پٺيان ... ٻارن جي اسڪول ۽ ميڊيڪل انشورنس پٺيان ... پاڻي ۽ لائيٽ جي بلن پٺيان ... ٽئڪسن ۽ گاڏي جي پيٽرول پٺيان خرچ ٿيو وڃي.”