الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

آمريڪن ڪير آهي؟

شروع ۾ به هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته USA جنهن کي اسين آمريڪا به سڏيون ٿا ته فقط اسٽيٽس (States) به، هڪ عجيب ملڪ آهي! هن جي حڪومت تي سندس عوام به ڪاوڙ ڪري ٿو، ته هنن کان ڇو ايڏو ٽئڪس اوڳاڙي ٻين ملڪن جي مدد ڪئي وڃي ٿي.
USA اهو ملڪ آهي جيڪو سڀ کان گهڻو خير خيرات ڪري ٿو، جتي دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو رهي ٿو، جتي هر هڪ کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي آزادي آهي، جنهن جو آئين هر انسان کي برابر سمجھي ٿو ۽ هن کي پنهنجي اظهار خيال جي کلي موڪل ڏئي ٿو، ۽ هي اهو ملڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا جو اونو ڪري ٿو پر سڄي دنيا لاهي موچڙو به هن کي هڻڻ چاهي ٿي. بقول هڪ سنڌي قومپرست جي جيڪو اتي سياسي پناهه هيٺ آهي: “جيڪو گهر کان ٿو رسي اهو آمريڪا کي گاريون ٿو ڏئي” ۽ اسانجو ملڪ ته وري مڙني کان نرالو آهي. ملائيشيا ۽ ايرن جهڙا ملڪ آمريڪا کي جي پسند نٿا ڪن، ته وري ان سان واسطو به نٿا رکن. اسان جا ماڻهو آمريڪا کي ناپسند ڪندا ته ان جو اظهار اهڙين ڪچين گارين سان ۽ اهڙين طريقن سان ڪندا جو ڳالهه ئي نه پڇو ۽ وري ساڳي وقت ٿوري ٻُچڪار تي پنهنجو ملڪ ڇڏي، آمريڪا وڃي رهڻ کي پنهنجي خوشنصيبي سمجھندا .
عجيب ملڪ آهي اسانجو به، جنهن جي غريب عوام کي تقريرن ۽ تحريرن ذريعي اهڙي ته گرم جوشيءَ سان بَڇيو وڃي ٿو، جو هو بنا نوٽس جي آمريڪا کي گاريون ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ لهيو پون ۽ هوڏانهن اسانجي سياستدانن، سرڪاري ڪامورن، فوجين، پيرن وڏيرن، چوڌرين ويندي ملن مولوين جا ٻار آمريڪا ۾ پيا پڙهن، نوڪريون پيا ڪن يا عياشون پيا ڪن. هي ائين ئي آهي ته غريب عوام پيو ان بحث ۾ وقت وڃائي ته تعليم اردوءَ ۾ ٿيڻ کپي، يا سنڌيءَ ۾ ۽ هوڏانهن اسانجي سياڻن شهرين جا ٻار انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪري، وڌيڪ اعليٰ تعليم توڙي نوڪرين لاءِ پاڻ کي اهل بنايو وٺن. ڌارين ملڪن ۾ ته ڇا پر پنهنجي ملڪ جي به اها ڪهڙي آفيس آهي، جنهن ۾ انگريزي نٿي ڳالهائي وڃي يا لکي وڃي؟؟؟ جڏهن جتي ڪٿي انگريزي هلي ٿي، پي آءِ جي ايئر هوسٽس جي نوڪريءَ کان وٺي فوج ۾ داخلا جي انٽرويو لاءِ ... ته پوءِ ڇو نٿا سڀ انگريزي پڙهن؟ پر بقول هڪ سنڌي وزير جي جنهن جا ٻار ائبٽ آباد جي انگريزي اسڪول ۾ پڙهن ٿا ۽ کيس مون ان جهڙو اسڪول پنهنجي ڳوٺ ۾ کولڻ جي صلاح ڏني هئي ته وراڻيو هئائين: “ادا ماٺ ڪري ويهو، سڀ جي انگريزي پڙهندا ته پوءِ اسانجي ٻارن کي ڪهڙيون نوڪريون ملنديون.”
سو اهڙي ريت اسان وٽ عوام کي آمريڪا خلاف ڀڙڪايو وڃي ته ٿو، پر پڙهائي يا نوڪري لاءِ سڀ کان اڳ پنهنجا ٻار آمريڪا موڪليا وڃن ٿا. اسان وٽ اها ڳالهه عام آهي ته مغرب جا ماڻهو ذليل آهن، مغرب جا ماڻهو ڪافر آهن وغيره وغيره. اهو ٻڌي آئون سوچيندو آهيان ٿو ته اسان جا ماڻهو ڪهڙي مغرب جي ڳالهه ڪن ٿا. فرانس ۽ انگلينڊ جهڙي قريب مغرب جي يا ڪئناڊا ۽ آمريڪا جهڙي ڏور مغرب جي؟ ۽ اهي جملا ته هو ڪافر آهن، الله کي نٿا مڃين .... ڪهڙي بنياد تي چون ٿا؟ مونکي ته فرانس جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مسلمان نظر اچن ٿا. مون جهڙن کي اسلام جي تعليم ته مالمو (سئيڊن) ۽ ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) جهڙين مسجد ۾ نو مسلم يورپين جا ليڪچر ٻڌي حاصل ٿي. جنهن سڪون سان اسين انگلنڊ ۽ ڪئناڊا جي مسجدن ۾ نمازون پڙهون ٿا اهو سڪون ته اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي مسجدن ۾ به نه آهي، جتي مسلمان مسلمانن کي بمن سان اڏائيندا وتن.
هتي آمريڪا ۾ جنهن علائقي ۾ منهنجو پهريان ٻه مهينا رهڻ ٿيو، اتي اهو ڏسي وائڙو ٿي ويس ته سڄي محلي جي هزارين فلئٽن مان سواءِ چند جي، ٻين سڀني ۾ انڊيا جي گجرات رياست جا ماڻهو رهيا ٿي يا دهلي، ڪراچي ۽ لاهور جا مسلمان. هو سڀ سالن کان هتي رهن ٿا ۽ هتي جا سٽيزن آهن ۽ هتي جو پاسپورٽ اٿن يعني هو آمريڪن آهن. هنن جو مرڻ جيئڻ هاڻ هن ڌرتي تي آهي. هنن مان ڪيترا ته ويندي آمريڪن پوليس ۽ فوج ۾ به آهن. ويندي اسان جا ڪيترا سنڌي آمريڪن سٽيزن آمريڪا جي فوج ۾ آهن. اهڙي طرح آمريڪا ۾ دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن جا آهن جيڪي گذريل پنج صدين کان هتي آباد ٿيندا رهيا آهن. روس، جرمني، انگلينڊ، اسپين، هالينڊ، چين، جپان، ويٽنام، انڊيا ، پاڪستان، يمن، ايران، مصر، فلسطين، ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو هتي آمريڪا ۾ نه آهن ۽ اهي سڀ عرب، مصري، هندو، مسلمان، عيسائي، تامل، سوڊاني جيڪي هاڻ هتي جا سٽيزن آهن، آمريڪن آهن. آمريڪن ڪا الڳ مخلوق ناهي. ڪنهن به آمريڪن کي جھلي پڇو ته هو ڪير آهي، ته هو ٻڌائيندو ته هو اسپين کان هتي آيو، هو ڊچ آهي، هو فلسطيني آهي، هو آفريڪا جو شيدي آهي .... جيڪي هتي هزارين سالن کان رهندڙ پراڻا باشندا هئا، اهي ريڊ انڊين آهن، جن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي.
اڄ ڪلهه واشنگٽن ۾ آهيان. هتي توڙي ڀر واري رياست ورجينيا ۾ مندرن ۽ گرجا گهرن سان گڏ مسجدون به ڏسان پيو. گذريل هفتي هتي جي رهاڪو (۽ سٽيزن) اعجاز ابڙو، ڊاڪٽر منور عباسي ۽ غلام مصطفيٰ پلهه سان بالٽيمور جي جامع مسجد ۾ جمع نماز پڙهڻ لاءِ ويس. آفريڪا ۽ ايشيا جي انيڪ مسلمانن سان گڏ اسانجا ڪيترائي پاڪستاني به نظر آيا، جن کي هاڻ هتي جو پاسپورٽ آهي ۽ هو آمريڪن سڏائڻ ۾ حق بجانب آهن. هو مختلف معاشي، رسمي، ماحول ي ۽ ٻين مجبورين کان جان ڇڏائي هتي آيا ۽ هاڻ هو هتي سڪون ۾ رهن ٿا. اهي فلسطيني جن کي سعودي عرب جهڙي مسلمان ملڪ به رهڻ نه ڏنو، انهن کي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ ڇت ۽ کائڻ لاءِ ٽي ويلا ماني ملي. اهو پاڪستاني ۽ بنگالي جن کي ڊگرين هوندي به پنهنجي ملڪ ۾ نوڪريون نه مليون، اهي هتي سٺو روزگار ڪمائي، نه فقط پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪريو ويٺا آهن، پر پنهنجن غريب مائٽن جي به مدد ڪندا رهن ٿا. اهي ايراني، عراقي، چيني، تامل جن سان سندن حڪومتن ظلم ڪيا، انهن آمريڪا کي سڪون جي ڌرتي پاتو. اهڙي طرح هن کان اڳ ۽ اڄ پڻ يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جا ماڻهو هتي آمريڪا ۾ ايندا رهن ٿا، جتي هنن کي بهتر مستقبل لڳي ٿو. ويندي ڪيوبا ملڪ جا جيڪي ظاهري طرح ته آمريڪا تي گارين جو هڪ دس لاهين ٿا ته ٻيو چاڙهين ٿا، پر پهريون موقعو ملڻ سان سمنڊ ٽپي آمريڪا جي ڌرتي تي اچڻ جي ڪوشس ڪن ٿا، جتي ڪجهه به آهي هنن سان اهي ظلم نٿا ٿين، جيڪي سندن ملڪ ۾ ٿين پيا. سو هتي آمريڪا ۾ آمريڪن ڪير آهي؟ ڪا خاص مخلوق ناهي، پر اهي ئي ڪيوبن، نائيجيرين، انڊين، پاڪستاني، مصري، فلسطيني، جرمن، ڊچ، انگريز گجرات جا پٽيل، سئيڊن جا سوڊرون، جانسن وغيره آمريڪن ئي آهن ... ويندي سنڌ جا ڏاهري، نظاماڻي، قلباڻي، ڏيپلائي، ناريجا وغيره آمريڪن آهن، جو هو هاڻ هن ملڪ جا شهري آهن. هنن کي هن ملڪ جو پاسپورٽ آهي. اسان ڪيئن ٿا چئون ته آمريڪا ڪافر آهي. سچ ته هي آهي ته آمريڪا ۾ اسي لکن کان به گهڻا مسلمان رهن ٿا... جتي ڪٿي مسجدون نظر اچن ٿيون ۽ گذريل ڪيترن سالن کان آمريڪا جو تکي ۾ تکو وڌندڙ مذهب اسلام آهي.
اسان آمريڪا جي حڪومت جي پاليسين کي سٺو يا خراب ته چئي سگهون ٿا، پر آمريڪا جي عوام ۽ هر ماڻهو جي خلاف گهٽ وڌ نٿا ڳالهائي سگهون. بهرحال اهو سڀ ڪجهه ان تان ياد آيو ته ويجھڙائيءَ ۾ پاڪستان ۾ آمريڪا خلاف جلسن جلوسن ۾ آمريڪا جي عوام کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان گڏ اهو پڻ چيو ويو ته ’آمريڪن جتي ملي ان کي مارڻ کپي‘، اها خبر هتي جي اخبارن ۾ پڙهڻ سان نه فقط هتي جي ماڻهن کي تعجب لڳو پر ڏک پڻ ٿيو. هڪ آمريڪي گوريءَ اسان جي اديب، مشهور ٽي وي آرٽسٽ ۽ قومي ليڊر ۽ مفڪر ۽ هاڻ آمريڪن سٽيزن، اسانجي سنڌي دوست اقبال ترين کي ان بابت خط لکيو، جيڪو اسان کي سوچ فڪر جي دعوت ڏئي ٿو ۽ آئون سندس اجازت سان هتي ان خط جا ٽڪرا آزاد ترجمي سان ڏيڻ بهتر سمجھان ٿو. اقبال ترين جي هيءَ دوست عورت پيٽر فرارا هتي جي هڪ يونيورسٽي جارج مئسن ۾ قانون جي پروفيسرياڻي آهي. هن خط يا مضمون جو عنوان آهي. “What is an American”. .... آمريڪن ڪير آهي....؟ يا ... آمريڪن ڇا آهي؟
گذريل هفتي مشغول هجڻ ڪري لڳي ٿو توهان کان اها خبر پڙهڻ رهجي وئيآهي، جنهن ۾ آهي ته پاڪستان جي ڪنهن اخبار ۾ هڪ پاڪستانيءَ اهو اشتهار ڇپرايو آهي ته جيڪو آمريڪن کي ... ڪنهن به آمريڪن کي ماريندو، ان کي انعام ڏنو ويندو.
اهو پڙهي مونکي خيال آيو آهي ته آئون قاتل جي معلومات لاءِ اهو لکان ته آمريڪن جي ڪهڙي وصف آهي، جيئن هن کي آمريڪن جي ڳولا وقت آمريڪن جي سڃاڻپ رهي.
آمريڪن انگريزي ڳالهائڻ وارو انگريز آهي .... ۽ پڻ هڪ فرينچ يا اطالوي، يا هسپانوي، جرمن، روسي يا يوناني، آمريڪن آفريڪي شيدي به ٿي سگهي ٿو، ننڍي قد وارو چيني به ٿي سگهي ٿو، گهنڊيدار وارن وارو پاپا نيوگني جو ماڻهو به ٿي سگهي ٿو ته عرب، ايراني، ايشيائي، انڊين، ويٽنامي يا پاڪستاني يا افغان به ٿي سگهي ٿو.
آمريڪن عيسائي آهي، ته ساڳي وقت يهودي به ٿي سگهي ٿو يا ٻڌ، يا سک يا مسلمان پڻ. سچ ته هي آهي ته جيترا گهڻا مسلمان آمريڪا ۾ آهن ايترا ته افغانستان ۾ به نه آهن. فرق فقط اهو آهي ته آمريڪا ۾ هر هڪ کي آزادي مليل آهي ته پنهنجي پنهنجي مذهب مطابق عبادت ڪري، عبادت گهر ٺهرائي ۽ گڏجاڻيون ڪري،
هڪ آمريڪن کي اها به آزادي آهي ته هو ڪو به مذهب اختيار نه ڪري، جنهن جو جوابدار هن کي رب پاڪ وٽ پاڻ ٿيڻو آهي ۽ نه ملڪ جي حڪومت وٽ يا بارود ۽ بندوقون کڻي هلندڙ ڪنهن دهشتگرد ٽولي وٽ.
هر آمريڪن جو اهڙي ملڪ سان تعلق آهي، جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان خوشحال ملڪ آهي ۽ ان خوشحاليءَ جون پاڙون ملڪ جي “آزادي جي اعلان” (Declaration of Independence) ۾ ملي سگهن ٿيون، جيڪا رب پاڪ طرفان هر هڪ مرد ۽ عورت کي مليل ان حق کي تسليم ڪري ٿي ته هو خوشيءَ کي حاصل ڪري.
آمريڪن سخي مرد ٿئي ٿو. آمريڪن ضرورت وقت دنيا جي هر پنهنجي پرائي ملڪ جي مدد ڪئي آهي. اڄ کان ويهه سالَ اڳ جڏهن روسي افغانستان تي چڙهائي ڪري آيا ته آمريڪا ئي مڪاني ماڻهن جي هٿيارن پنهوارن ۽ راشن پاڻي سان مدد ڪئي، جيئن هو وري آزادي حاصل ڪري سگهن. 11 سيپٽمبر جي صبح کان وٺي اڄ ڏينهن تائين. جيترو آمريڪا افغانستان جي غريب عوام جي مدد ڪئي آهي ۽ پئسو ڏوڪڙ ڏنو آهي، اوترو ڪنهن به ملڪ نه ڏنو هوندو.
هر آمريڪن آزاد آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ڪارندن جي غلطين تي تنقيد ڪري ۽ هن کي حق مليل آهي ته جنهن وقت هن کي وڻي هو ميجارٽي ووٽ سان پنهنجي حڪومت بدلائي سگهي.
آمريڪن دنيا جي هر ملڪ، مذهب ۽ ڪلچر جي ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ آڌرڀاءُ ڪن ٿا، ڇو جو هنن کي ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ نه آهي. هنن کي اهو ڪو خوف ناهي ته ڌارين جي اچڻ ڪري سندن مذهب، زبان، ريتن رسمن ۽ اعتقادن کي ڪو ڇيهو رسندو.
آمريڪن نه رڳو ڌارين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ويلڪم ڪن ٿا، پر هنن جي سٺين ڳالهين جي تعريف به ڪن ٿا. سائنس جون ايجادون، اعليٰ ٽيڪنالاجي، بهترين شيون، بهترين ڪتاب، بهترين ميوزڪ، بهترين ماني ٽڪي، بهترين رانديگرن وغيره کي هو مانُ ڏين ٿا ۽ پنهنجو ڪن ٿا.
آمريڪن نه فقط بهترين ماڻهن کي دلين ۾ جاءِ ڏين ٿا، پر انهن کي به پنهنجو ڪن ٿا، جن وٽ ڪجهه به نه آهي. آمريڪا جو قومي نشان (آزاديءَ جو مجسمو) توهان جي ٿڪل ۽ غريب ماڻهن، طوفانن جي سٽيلن ۽ بي گهر ماڻهن جو آڌر ڀاءُ ٿو ڪري.
دراصل اهي ئي ماڻهو آهن، جن هي ملڪ آمريڪا ٺاهيو. انهن مان ڪيترن ئي يارهين سيپٽمبر جي صبح جو نيويارڪ جي جاڙن (Twin) ٽاور ۾ ڪم پئي ڪيو. هنن پنهنجن ٻچن ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ روزي پئي ڪمائي.
توهان مان ڪو جيڪر ڪنهن آمريڪن کي مارڻ ٿو چاهي ته بيشڪ پنهنجو شوق پورو ڪري. ڪيترن ئي ائين ڪرڻ ضروري سمجھيو ٿي. انهن مان هڪ هٽلر به هو. جنرل توجو ۽ اسٽلن ۽ مائوزي تنگ به هو ۽ دنيا جي تاريخ ۾ هر رت جي اڃايل ظالم ائين ڪرڻ چاهيو ٿي.
پر ائين ڪرڻ جي چڪر ۾ توهان پنهنجو پاڻ کي نابود ڪري وهندئو، ڇو ته آمريڪن دنيا جي ڪنهن خاص خطي جا ڪي خاص ماڻهو نه آهن. اهي انساني آزادي جي روح جو ڍانچو آهن. هر اهو ماڻهو جنهن جي اندر ۾ ان قسم جي آزاديءَ جو روح آهي، اهو آمريڪن آهي، پوءِ اهو کڻي ڪٿي به هجي.
سو ڪنهن آمريڪن کي ڳولڻ لاءِ ڪا گهڻي جدوجهد جي ضرورت ناهي. اهي توهانجي چوڌاري ئي ملي سگهن ٿا. اهي توهانکي توهانجي ئي ڌرتي ۽ ديس ۾ ملي سگهن ٿا. ذرا غور سان ته جانچيو توهان جي پنهنجن دوستن ۽ مائٽن مٽن، مسجدن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ئي ڪيترا آمريڪن ملي ويندا، جن وٽ آمريڪا جو پاسپورٽ آهي، آمريڪا جي Citizenship آهي يا هنن جي دلين ۾ آمريڪا جهڙي آزاد ملڪ ۾ رهڻ جي خواهش آهي.