الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

ته اسانجو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي

هونءَ انڊين هوٽلون جيتريون هتي آمريڪا ۾ آهن، اوترائي دلچسپ انهن جا نالا آهن. هڪ ڏينهن نيويارڪ جي هڪ بارو (حصي) مئن هٽن جا چڪر هڻندي انڊين هوٽلن جا نالا لکندو ويس، جيڪي هن ريت آهن: اجنتا، دربار، آنگن، گانڌي تندور، ڪلڪتا، متالي، روپالي، مغل، پنا، انڊين پويلين، انڊين اوون، مدراس محل ۽ هڪ نالو Passage to India به آهي، جيڪا 197_E_6 رستن جي ڪراس سيڪشن تي آهي. ڪجهه ٻيا اهڙا دلچسپ نالا نيوجرسي ۽ ٻين هنڌن تي نوٽ ڪيم: اڪبر، امروٽي، اشوڪا، چاند محل، دابا جئسي (اڄ ڪلهه مشهور ڊرامي جي اداڪارا نالي مارڪوني ايوينيو تي اسلين ٽائون ۾ آهي، جتي آئون رهان ٿو) جوتي، مهاراجا، پوجا، مهاراني، شير پنجاب (ايڊيسن شهر ۾ اوڪ ٽري روڊ تي)، رنگولي، نمسڪار ۽ هوبو ڪين شهر ۾ واشنگٽن اسٽريٽ تي هڪ انڊين هوٽل آهي، جنهن جو نالو India on the Hudson آهي .
اهڙي طرح هتي واشنگٽن ۾ به انڊين ريسٽورينٽون جام آهن، جو ننڍي کنڊ جي رهاڪن کان علاوه هتي جي آمريڪن گورن کي به هنن ريسٽورينٽن جو کاڌو پسند آهي، جيڪو دراصل ڪشميري ۽ نارٿ انڊين کاڌو چئي سگهجي ٿو. جيئن پهرين به ٻڌائي چڪو آهيان ته هنن ريسٽورينٽن مان ڪيتريون پاڪستانين ۽ بنگلاديشن جون به آهن، پر اهي سڀ “انڊين” سڏجن ٿيون ۽ اهڙين مان هڪ وائيٽ هائوس ڀرسان ڪنيڪٽي ڪٽ ايوينو تي “The Bombay Club” نالي انڊين ريسٽورينٽ آهي جنهن ۾ اسان هن وقت وڃي رهياهئاسين.
اسين 15 نمبر گهٽي تي وائيٽ هائوس اڳيان ٺهيل Lafayette پارڪ جي بلڪل ويجھا بيٺا هئاسين، جنهن پارڪ جي ٻي ڪنڊ وٽ جتي ڪنيڪٽي ڪٽ ايوينيو اچي ٿو ملي، اتي هيءَ “دي بامبي ڪلب” انڊين ريسٽورينٽ آهي. يعني اوستائين پهچڻ ۾ ڏهن منٽن جو به پنڌ ناهي. ٿورو اڳيان ورمانٽ ايوينيو NW تي هلي کاٻي پاسي ايڇ اسٽريٽ NW وٺي ڪنيڪٽي ڪٽ ايوينيو تي پهچڻو هو، يعني ايلفي (زيب النساءِ) اسٽريٽ تي ٺهيل شالامار سينٽر کان عبدالله هارون روڊ تي جبيس هوٽل اچڻو هو. في الحال سڀ قطار ۾ بيٺا رهياسين، کاريءَ سان گڏ عبدالعليم بروهي، اجرڪ ۽ ٽوپي واري لفافي سان ميريم پڻ. سڀ گرميءَ ۾ سوٽن ۾ هئاسين. منور هڪ ٻئي آفيس واري سان بحث ۾ هو. عليم بروهيءَ چيو ته ماڻهو اسان کي ڏسي الائي ڇا پيا سوچيندا هوندا. الطاف ميمڻ چيو ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته اسان ڪهڙي ملڪ جا آهيون، هتي اسان کان وڌيڪ چريا پورٽوريڪن، جئميڪن، اطالوي ۽ ٻيا الائي ڪهڙا ويسَ وڳا پايو، سفري ٿيلها ڳچيءَ ۾ کنيو پيا هلن.
خبر پيئي ته بحث ان ڳالهه تي پئي هليو ته ڪار ۾ هلڻ بدران پنڌ هلجي، جو هڪ ته گهڻي ٽرئفڪ ڪري ڪار کان اڳ پنڌ پهچي سگهبو ۽ ٻيو ته هوٽل اڳيان ٿي سسگهي ٿو پارڪنگ جي جاءِ نه ملي. اهو فيصلو صادر ڪري منور ته اڳيان اڳيان لائيٽ جي سگنل وٽان روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ نڪري ويو، باقي خلق جنهن جي اڳواڻي عليم بروهيءَ پئي ڪئي، تنهن ٻه چار وکون اڳيان هلي جيئن ڪجهه سيڪنڊن لاءِ هن ٽرئفڪ ۾ ٺاپر آئي ته هن وچ تان ئي کڻي رستو ڪراس ڪيو. اسان به ان پٺيان تڪڙو تڪڙو رستو ٽپي پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳاسين ته ڪنهن ٽرئفڪ جي پوليس واري ڏسي ته نه ورتو ۽ ڪٿي سزا طور هڪ هڪ کان پنجاهه کن ڊالر ڏنڊ نه اوڳاڙي. ڊاڪٽر الطاف کي چيم ته يار هاڻ ته مڃ ته جنهن کي خبر نه هوندي ان کي به پئجي وئي هوندي ته اسان جو ڪهڙي ملڪَ سان تعلق آهي.
رستو ٽپي حميرا ۽ شمع چيو ته پنڌ ڪري ٿورو آهي پر سخت گرمي آهي، منور کي کپي ته گاڏين ۾ وٺي هلي. ڳالهه ته اسان مردن کي به وڻي. ڊاڪٽر الطاف چيو ته هاڻ قاعدي قانون تي هلندڙ منور صاحب سگنل وٽان رستو ٽپي هيڏانهن پهچي ته چئي ٿا ڏسونس. تيسين اسان خبرون چارون ڪرڻ لڳاسين. پنهنجي ڳوٺائي ڊاڪٽر الطاف سان پهرين به ٻه دفعا ملي چڪو هوس، اڄ هو پنهنجي زال شمع سان گڏ نيويارڪ کان آيو هو، تنهن سان عليم بروهي ۽ آئون خوش خير عافيت ڪندا رهياسين.