فلڊلفيا کان واشنگٽن ڊي سي
بالٽيمور بابت هڪ ٻي مزيدار ڳالهه جيڪا گهوٽڪي جي هن انجنيئر رميش ٿارواڻي ٻڌائي، ته جڏهن يورپ پاسي کان ماڻهو آمريڪا اچڻ شروع ٿيا ته هو آمريڪا جي مختلف هنڌن تي سيٽ ٿيندا ويا ۽ رڻ پٽ جنگل وستين ۾، وستيون ڳوٺن ۾ ۽ ڳوٺ شهرن ۾ تبديل ٿيندا ويا. سڀ کان پهرين جنهن شهر جي آدمشماري هڪ لک تي پهتي، اهو نيويارڪ شهر آهي ۽ ٻئي نمبر تي هي بالٽيمور ٿيو. ان بعد نيواورلينس، فلڊلفيا ۽ بوسٽن ٿيا.
بالٽيمور شهر جي عمارتن ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پمليڪو ريس ڪورس کان علاوه هتي جو هپوڊروم ٿيئٽر هڪ مشهور ۽ تاريخي عمارت آهي، جنهن ۾ هن سال، رميش ٻڌايو ته Miss USA جو مقابلو ٿيو يا شايد ٿي رهيو آهي.
تعليم جي خيالَ کان تن ڏينهن ۾ به ۽ اڄ به هتي جون جيڪي يونيويرسٽيون ناليريون آهن، تن مان ڪجهه هي آهن:
مارڪن اسٽيٽ يونيورسٽي
يونيورسٽي آف بالٽيمور
يونيورسٽي آف ميريلئنڊ
ڪاپن اسٽيٽ يونيورسٽي
ٽوسن يونيورسٽي
گوچر ڪاليج.
ولا جولي ڪاليج، وغيره.
فلڊ لفيا کان بالٽيمور ائين آهي، جيئن ڪراچي کان حيدرآباد، يعني هڪ سؤ ميل کن ۽ بالٽيمور کان واشنگٽن ائين آهي، جيئن حيدرآباد کان هالا. يعني چاليهه ميل. چاليهه ميل آمريڪا جي ههڙن لسن ۽ ويڪرن رستن جي لحاظ کان ڪو گهڻو پنڌ ناهي. صدر ريگن جي ڏينهن ۾ ان جي نالي سان جيڪو قومي ايئرپورٽ ٺهيو، اهو واشنگٽن شهر جي بلڪ ويجھو، واشنگٽن شهر مان وهندڙ پوٽو مئڪ (Potomac) نديءَ جي اولهه واري ڪناري تي آهي، نه ته واشنگٽن ۾ پهچڻ لاءِ باقي جيڪي ٻه هوائي اڏا “واشنگٽن ڊليس انٽرنيشنل ايئرپورٽ” ۽ ٻيو “ٽور گڊ مارشل ايئرپورٽ” ته واشنگٽن شهر کان چڱو پري آهن. پهريون وارو 26 ميل پري ورجينا رياست جي ڊليس (Dulles) شهر ۾ ۽ ٻيو 30 ميل پري ميرلئنڊ رياست جي بالٽيمور شهر جي ڏکڻ ۾. هڪ دفعو اسان جي جهاز جي ڪجهه آفيسرن کي هيوسٽن کان باءِ ايئر واشنگٽن پاڪستان ڊي جو فنڪشن ڏسڻ لاءِ اچڻو پيو هو. مڪاني آفيس وارا اسان کي جهاز تان کڻي، هيوسٽن جي هوائي اڏي تي واشنگٽن جي ٽڪيٽن سميت ڇڏي ويا. اڍائي ٽن ڪلاڪن بعد جڏهن اسانجو هوائي جهاز بالٽيمور شهر مٿان هيٺائين اڏام ڪري، رن وي تي لٿو، ته اسان سمجھيو ته اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ واشنگٽن لاءِ وري ٿو اڏامي، پر سڀني چيو ته واشنگٽن وارا به لهو، جو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جهاز الباني ويندو. جهاز مان لهي ايئرپورٽ وارن کي ٽڪيٽ ڏيکاريسين ته اسان وٽ واشنگٽن جي ٽڪيٽ آهي.
“ته هي ئي ته واشنگٽن جو هوائي اڏو آهي.” هنن ٺهه پهه وراڻيو “سامهون ته واشنگٽن آهي. بس ۾ هليا وڃو.”
پوءِ اسان واشنگٽن وڃڻ بدران ٽيڪسي ۾ ڏهه ميل ڪري اسانجي بالٽيمور واري شپنگ آفيس ۾ آياسين، جتي آفيس جي مئنيجر ماني کارائڻ بعد واشنگٽن ڇڏي آيو.
سو هي شهر هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن. واشنگٽن ۾ اڌ کان وڌيڪ نوڪريون ڪندڙ ۽ دڪاندار شام ڌاري واشنگٽن شهر ڇڏيو وڃن، جو هنن پنهنجي رهائش ڀر واري رياست ورجينيا ۾ رکي آهي. هي ائين آهي ، جيئن ڪيترائي ماڻهو نوڪريون ۽ ڌنڌا اسلام آباد ۾ ڪن ٿا، پر رهن راولپنڊي ۾ ٿا جو اسلام آباد جو شهر ننڍو آهي ... رهائش ۽ کاڌو خوراڪ مهانگو هجڻ ڪري هرڪو راولپنڊي کي ترجيح ڏئي ٿو. جيئن ڪيترائي سنگاپور ۾ ڪم ڪندڙ درياهه جي هن پار واري ملائيشي شهر ’جوهور بارو‘ ۾ رهن ٿا. ويندي ڪيترا سنگاپور وارا ڀاڄيون ڀتيون ۽ گوشت مڇي وٺڻ لاءِ به ’جوهور بارو‘ وڃن ٿا.