الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

منور جو هڪ ڪمري وارو گهر

بالٽيمور (مئريلئنڊ) کان واشنگٽن گهڙڻ لاءِ روٽ I-95 پراڻو رستو آهي ۽ اهڙي طرح رچمنڊ (ورجينيا) کان واشنگٽن لاءِ I-95 سائوٿ هاءِ وي آهي. ان کان علاوه I-495 ڊي سي بيلٽ وي روڊ پڻ آهي. I جو مطلب انٽر اسٽيٽ روڊ آهي، يعني اهي هاءِ وي جيڪي هڪ کان وڌيڪ رياستن کي ڳنڍين ٿا. بهرحال اسان جو رميش صاحب روٽ 295 (بالٽيمور ــ واشنگٽن پارڪ وي) وٺي واشنگٽن ۾ پينسلوانيا ايونيو ويسٽ بائونڊ مان Exit ڪيو ۽ غير قانوني يوٽرن ڪندو انڊپينڊنس ايونيو تائين ٿيندو، اچي ستين نمبر گهٽي SW کان نڪتو اي، بي، سي، ڊي بعد اي گهٽي هئي ۽ پوءِ F ۽ پوءِ گهٽي جي SW کان ٿورو اڳيان هلياسين ته H گهٽي اچڻ کان اڳ پلاٽ نمبر 700 اچي ويو، جنهن تي اٺ ماڙ فليٽن واري عمارت هئي. اتي ئي پاسي ڪنڊ ۾ رميش ڪار پارڪ ڪري رهيو هو، ته منور لغاري ۽ اسان جو ڳوٺائي نجم ميمڻ هيٺ لهي آيا، جن کي ٻه گهٽيون اڳ رميش موبائيل تي اطلاع ڪيو هو، ته اسان پنجن منٽن ۾ پهچون پيا.
منور اهڙو ئي سنهو ۽ هلڪو ڦلڪو نظر آيو، جهڙو سندس ٽي سال اڳ جو فوٽو ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي 2003ع واري ٽماهي رسالي SINDH WATCH ۾ گذريل هفتي ڏسي چڪو هوس. منور لاءِ جيڪو ٻڌو هوم پهرين Look ۾ ئي هو اهڙو Humble ۽ نماڻو لڳي رهيو هو. نجم ننڍپڻ جي هاٺي کان ٿورو ڀريل ۽ عمر مطابق لڳو پئي، ته هو پنجاهه کي ويجھو اچي پڳو آهي. مون ته کيس ٽيهن پنجٽيهه سال اڳ ڏٺو هو جڏهن هو ڇوڪرو هو ۽ پاڙي جي کڏن تي لغڙ اڏائيندو وتندو هو. منور جو “ون روم” فليٽ ٻي ماڙ تي هو. ون روم معنيٰ سئيڊن ۽ جپان وانگر هڪ روم جو فليٽ هو ۽ اسان جي ملڪن وانگر نه ته هڪ روم جو گهر ته هڪ روم ٿي بيڊروم ان کان علاوه ڊرائنگ روم ۽ ٽي وي لائونج ته هوندي ئي هوندي. منور جي فليٽ ۾ گهڙياسين ته سندس ٻه مهمان (عمر شيخ ۽ عباسي صاحب) اڳهين ويٺا هئا، جن ان ڪمري ۾ رکيل اڪيلي لاڏلي صوفي تان اٿي رميش ۽ مونکي ان تي آرام سان وهڻ جي عزت بخشي ۽ پاڻ الهندي پاسي واري ڀت ۾ لڳل ڪاٺ جي رئڪ جي هيٺين خانن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺا، جتي چرچل، هٽلر، نهرو جناح، منڊيلا، ڊيگال، مائوءَ جي بايو گرافين سان گڏ جي ايم سيد، محمد صديق ميمڻ (اشفاق ميمڻ صاحب جي والد) جي زندگي جي احوال تي لکيل ڪتاب “تان ڪي ڏونگر ڏوريان”، ڊاڪٽر ضياء دين شيخ جي والده ( ۽ سفير نجم الدين شيخ ۽ اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ سئي گئس جي جي ايم ڊي سراج شيخ جي ڏاڏي) جي زندگي تي لکيل ڪتاب “شيخياڻيءَ جي ڊائريءَ”، عبدالواحد آريسر جا ڪتاب “ڇا ته شخص هو” ۽ “ڳچيءَ ڳانا لوهه جا” ۽ مولانا محمد قاسم سومرو جو ڪتاب “حضرت سائين ٻير وارا” نظر اچي رهيا هئا. ٻن سيٽن وارو اهو صوفو هر وقت اوور لوڊ رهڻ ۽ ڊگهي عمر ڪري گڪو ٿي پوڙهي ماڻهوءَ وانگر هيٺ جھڪي ويو هو، سندس جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ته پڪ ڪارو رنگ هوندو ۽ يقينن شڪل شبيهه ۾ به موچارو هوندو، پر هاڻي سندس مٿان چڙهيل ڪاري رنگ جو ليدر (چمڙو) ڇلر ڇلر ٿي لهي رهيو هو. سندس ته ڪڏهوڪو چيلهه چٻي ٿي چڪي هئي، پر هاڻ مٿس وهڻ وارن جي چيلهه ٿي ڀڳي، ان ڪري ٿوري دير بعد جڏهن ٻه پٺاڻ، پاڪستان کان آيل فلائيٽ ۾، پشاور کان هتي رات رهڻ لاءِ ولي خان جي پٽ اسفنديار جو منور لاءِ ليٽر کڻي گهڙيا، ته مون پنهنجي عاقبت جو خير سوچي هڪ کي پنهنجي جاءِ ڏيئي آئون سامهون واري ڀت ۾ ڪتابن جي انهن رئڪن کي ٽيڪ ڏيئي وڃي ويٺس، جن تي سياست ۽ ايڪنامڪس تي لکيل ڪتابَ هئا، جن ڏي منهنجي پٺ هجڻ ڪري انهن جا نالا پڙهي نه سگهيس، باقي کاٻي پاسي واري اڀرندي ڀت ۾ لڳل رئڪن ۾ رکيل ڪتابن جو اهو خانو، جيڪو منهنجي ليول ۾ هو، ان تي رکيل مختلف ادارن جي ڇپيل شاهه جي رسالن کان علاوه شيخ اياز، تاجل بيوس، استاد بُخاري، ابراهيم منشي جا ته سڀئي مجموعا لڳا ٿي. ڪجهه ڪتابن تي نارائڻ شيام، تنوير عباسي، علي دوست عاجز، تاج بلوچ، امداد حُسيني، ادل سومرو، زبيده ميتلو ۽ ايازگل جو به نالو نظر اچي رهيو هو. صوفي واري ڀت جي پويان سا آرسي لڳل هئي، جنهن هن ڪمري جي وڏي هجڻ جي ڪوڙي ساک محسوس ڪرائي ٿي، باقي ٽيئي ڀتيون ڪتابن جي رئڪن سان پٽ کان ڇت تائين هيون. خبر ناهي ايترا سارا ڪتابَ جن ۾ ڪجهه هزارَ ته کڻي هتان آمريڪا مان ورتا ويا هجن، باقي سنڌي اردوءَ جا ته پاڪستان مان ئي ڪهي هتي پهتا هوندا. در وٽ نون فٽن جي ڊگهي ۽ ٽن فٽن جي ويڪري گهٽيءَ ۾، جتي اسان اچي بوٽ لاٿا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي سامانَ جا ٿيلها سٽيا هئا، اتي مونکي ٻه دروازا نظر اچي رهيا هئا، جن مان سمجهي ويس ته اهي ٻه بيڊرومون هونديون ۽ جنهن ۾ اسان ويٺا آهيون، اها ٽي وي لائونج هوندي يا ڊرائنگ ڊائننگ روم، جنهن جي ڪنڊ ۾ چئن ماڻهن جو هڪ گول (هاڻ هر شيءِ کي پُراڻو ۽ ڀڳل چئي منور کي ڏکوئڻ بدران ان کي کڻي ٿا Antique سڏيون) ٽيبل رکيل هو. شامَ جو WSI جو فنڪشن هو سو منور ٻڌائي پيو ته اڃان ٽي مهمان فلڊلفيا کان ٻيا به هتي اچي رهندا، پر پوءِ جڏهن منور مونکي ٽوال ڏيندي هٿ منهن ڌوئي فريش ٿيڻ لاءِ هڪ بيڊ روم طرف اشارو ڪيو ته ان بيڊروم ۾ باٿ روم ته هو پر بيڊروم غائب هئي يعني چار فٽ باءِ ڇهه فٽن جي اها باٿ روم به هئي ته ٽئاليـٽ به هو. جنهن مان نڪري سامهون واري ڪمري جو در کوليم ته اهو رڌڻو هو، جنهن جي هڪ پاسي ريفريجريٽر رکيل هو ته ٻئي پاسي چلهو هو باقي ڪنڊن پاسن کان، هيٺ مٿي، ڇت وٽ، پٽ کان ٿورو مٿڀرو ٿانو، ٽشو پيپرن جا دٻا، گلاس، چمچا، اٽي ۽ چانورن جا دٻا، ديڳڙا ڪڻڇيون، آچارن جون برنيون، ٿانون ڌوئڻ جون مويون، دوائن جون شيشون، ڪوپ ساسرون ائين رکيل هيون، جيئن هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ بدلي ٿيڻ تي ڪنٽينر ۾ سامان پئڪ ڪري جهاز ذريعي موڪلبو آهي. آرٽسٽڪ نموني سان ايتري وٿي ضرور ڇڏيل هئي جنهن مان ماڻهو در کان اندر گهڙي چلهي تائين پهچي سگهي ۽ پوءِ پاسيرو ٿي شطرنج جي گهوڙي وانگر ٻار جي وکن جهڙيون اڍائي کن وکون کڻي، نلڪي هيٺان رکيل Sink ۾ ٿانوءَ ڌوئي سگهي.
منور سان ته آئون پهريون دفعو مليو هوس ۽ نه هن سان فري هوس، سو پنهنجي ڳوٺائي نجم کان جڏهن هو ڪچن ۾ چانهه ٺاهڻ ويو، ته نموني سان پڇيو مانس ته اسانجي اچڻ ڪري منور کي تڪليف ته نه ٿيندي. (اسان سان منهنجو مطلب فقط پنهنجي ذات سان هو ڇو جو مونسان گڏ آيل رميش نه فقط منور جو پراڻو دوست آهي، پر هتي ايترا دفعا اچي ۽ رهي ويو آهي جو هُن هن فليٽَ ۾ گهـڙڻ سان تمام گهڻو ’هوملي‘ پئي محسوس ڪيو. کيس اها به خبر هئي ته اولهه واري ڪتابن جي رئڪ مٿان دوستو وسڪي جي رکيل ٿلهي ڪتاب مٿان پياليءَ ۾ سوپاريون رکيل آهن، جيڪي هن ٻه ٽي دفعا اٿي ڦڪيون ۽ منهنجي گُهرڻ تي ڪِسنجر جي ڪتاب هيٺا رکيل مصلو کڻي مونکي نماز لاءِ ڏنو.
“سائين تڪليف ڇو ٿيندي، پاڻ ست ڄڻا آهيون. فنڪشن بعد ٻه يا ٽي ٻيا به کڻي اچن، ته به ڏهه ڄڻا ٿياسين. هن ڪمري ۾ هڪ دفعي رسول بخش پليجو آيو هو ته تيرهن ڄڻا به ستا هئاسين ۽ شوڪت نظاماڻي ته جڏهن به ٽنڊوقيصر کان ايندو آهي ته منور جي دوستن کان علاوه شوڪت جا به اڌ درجن دوست سندس ڪچهري ٻڌڻ لاءِ اچي هتي ٽڪندا آهن.” آئون چپ ٿي ويس. جپاني گهرن ۽ جهازن جي ننڍڙين ڪئبنن ۾ آئون به سالن جا سالَ رهيو آهيان، پر آسان انگي حساب موجب، ڪمري جي ڊيگهه ضربيان ويڪر برابر ايراضي يا پکيڙ ڪڍي، ان کي ٻارهن ۽ تيرهن ماڻهن سان ونڊ ڪري، اهو حساب لڳايم ته منور جي هن فليٽ ۾ رهڻ بعد حج لاءِ روانو ٿيندڙ کي مديني ۾ ته تڪليف نه ٿيندي، پر مڪي جي رهائش بلڪ منيٰ جي تنبن ۾ سمهڻ جي جاءِ جيڪا ڇهه فٽ باءِ اڍائي فٽ آهي، اها به ڪشادي ۽ فرحت واري محسوس ٿيندي، پر يارو جيئن چوندا آهن ته “گهر وڏي کان دل وڏي بهتر آهي.” ڪنهن وٽ کڻي محل ماڙيون هجن، پر جي دل جو ڪنجوس آهي، ته ان کان هي هزار ڀيرا بهتر آهي، جتي رهڻ لاءِ مالڪ قربان پيو ٿئي ۽ خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿو ماپي. هونءَ ته منور صاحب سندس ڪنهن دوست شاهد ٽالپر (جنهن جا ٻار حيدرآباد ويل هئا)، ان جو ٽن ڪمرن وارو بنگلو اسان لاءِ هٿ ڪري رکيو هو پر ان جي شهر کان پري جي Location هجڻ ڪري، اتي رهڻ کان مون پهرين ڏينهن ئي منور سان ناڪار ڪري ڇڏيو هو. منور جي هن فليٽ جي ايڊريس مان مونکي نيوجرسيءَ ۾ ئي idea ٿي وئي هئي، ته اها گهٽي ۽ هنڌ ته “نيشنل هال” شهر جي مرڪز کي ائين ويجھو آهي، جيئن جبيس هوٽل يا يونائيٽيڊ هوٽل بوري بازار کان ۽ منهنجو هڪ جپاني دوست چوندو هو ته يار الطاف ٽوڪيو گهمڻ لاءِ جيڪڏهن رهائش گنزا (شهر جو مرڪز جيئن ڪراچي جو صدر يا حيدرآباد جو حيدر چوڪ) جهڙي هنڌ تي ملي وڃي، پوءِ سمهڻ لاءِ کڻي ٽيبل جو خانو هجي ته به بهتر. سو ههڙي هنڌ تي منور جو سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ فليٽ حقيقت ۾ وڏي عياشي هو، جتان واشنگٽن گهمڻ لاءِ فقط بلڊنگ جي لفٽ ۾ هيٺ لهي مين گيٽ کان ٻاهر نڪرڻو پيو ٿي. منور جي هن فليٽ جي لوڪيشن ٽوڪيو جي گنزا کان به بهتر لڳي.