هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق
مون جهاز جي دريءَ مان هيٺ ڏٺو.... ڪپهه جهڙا ڪڪر هيٺ تري رهيا هئا. اهي نه هجن ها ته شايد سمنڊ ۽ ان تي ترندڙ جهاز ڏسي سگهان ها، جن جو هن ائٽلانٽڪ سمنڊ تي گهڻو ڪري هڪ ئي رخ هوندو آهي، اولهه ڏي آمريڪا کنڊ طرف يا اوڀر ڏي يعني آمريڪا کان يورپ يا آفريڪا کنڊ ڏي. ڪڪر نه هجن ها ته به جهاز ته نه، پر سمنڊ به نظر نه اچي ها، جو هي اسان جو جهاز چاليهه هزار فوٽن جي بلندي تي اڏامي رهيو هو، جتان هيٺ نظر پوڻ مشڪل ڳالهه آهي. زمين ۽ ان تي ٺهيل گهر گهاٽ، رستا لاريون يا سمنڊ ۽ ان تي ترندڙ جهاز ۽ ٻيڙيون فقط تڏهن ڏسي سگهجن ٿا، جڏهن جهاز لهڻ وارو يا چڙهڻ وارو ٿئي ٿو يا وري مٿانهينءَ Altitude تان هيٺ اڏام ڪري ٿو. هڪ دفعي اسلام آباد کان ڪراچي هوائي جهاز وٺي ايندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پائليٽ سان پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون ڪندي، هو ايڏو ته جذباتي ٿي ويو، جو هن نه فقط پنهنجي جهاز جي اڏام ۾ Deviation آڻي، جهاز کي پيٽارو مٿان لنگهايو، پر ڪافي هيٺ تي پڻ هلايو، جتان اسان ڪاليج جون عمارتون، رستا ۽ ٻي جنگ عظيم جو ڊٺل رن وي ڏسي سگهياسين ٿي. “هي آهي ته ڏوهه جهڙو ڪم”. هن چيو، “پر اڄ پنهنجي ڪاليج کي ڏسندا هلون، جتي جي ميدانن تي پاڻ رانديون کيڏيون، گهوڙي سواري ڪئي، سزائون کاڌيون ۽ پي ٽي پريڊ ڪئي.”
پر لڳي ٿو ته ڪي ڪي هوائي جهاز هيٺاهين Altitude تي به هلن ٿا يا شايد ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ سمنڊ لتاڙڻ مهل، ٽريفڪ نه هجڻ جي صورت ۾ هيٺاهين اڏام اختيار ڪن ٿا يا شايد اڄ کان اڌ صدي اڳ جي هوائي جهازن جي ايڏي بلند اڏام نه هئي جو 1968ع کان 1972ع واري زماني ۾، جڏهن آئون پاڻيءَ وارن جهازن (Ships) تي مئرين انجنيئر هوس ۽ جن جهازن کي هر وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا اچڻو پيو ٿي يا آمريڪا کان واپس يورپ ۽ آفريڪا ڏي وڃڻو پيو ٿي، انهن ڏينهن ۾ پنهنجي جهاز جي عرشي (deck) تي بيهبو هو ته مٿان اڏامندڙ KLM, PIA، برٽش ايئرويز ۽ ٻين هوائي ڪمپنين جا ڪمرشل هوائي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندي نظر ايندا هئا، تڏهن ته اسان کين ڏسي ٿڌو شوڪارو ڀريندا هئاسين ته هوائي جهاز هلائڻ وارا ڪيڏو نه خوش نصيب آهن، جو ڪجهه ڪلاڪن بعد منزل تي به وڃي پهچندا ۽ سڀاڻي جڏهن ته اسين اڃا هي سمنڊ جهاڳي رهيا هونداسين ته هو موٽندي به نظر ايندا.
آمريڪا جو سفر به ته سفر آهي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان کي آمريڪا جهاز وٺي وڃڻو پوندو هو، تن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال به بند هو، ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ فقط ڳاڙهو سمنڊ ۽ ڀؤنچ سمنڊ Mediterranean سمنڊ اڪرڻ بدران، سڄو بحرهند (Indian Ocean) پار ڪرڻ لاءِ آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري سندس هيٺ کاڏيءَ وٽ ڪيپ ٽائون بندرگاهه پهچڻو پيو ٿي، جيڪو Cape of Good Hope وارو سمنڊ سڏجي ٿو ۽ جتي اسان واري پاسي جو بحرهند آمريڪا جي ڪنارن کي ڇهندڙ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ٽڪرائي ٿو. ڪراچي کان ان منزل (ڪيپ ٽائون) تائين پهچڻ ۾ به 15 ڏينهن کن لڳي ويا ٿي. ان وچ ۾ جتي ڪجهه سٺا ڏينهن ملندا هئا، اتي ڪجهه ڏينهن موزمبق چئنل وارا ۽ ڏينهن ٻه ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ جا رلائي رکندا هئا ۽ پوءِ ڪيپ آف گڊ هوپ کان ائٽلانٽڪ شروع ٿيندو هو، جنهن جي ٻئي ڇيڙي تي آمريڪا کنڊ آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ ۾ هفتو کن لڳي ويندو هو، تنهن بعد ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل تائين پهچبو هو. پوءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي آخري حصي وٽان ڪنارو ڏئي گهانا، وينزوئلا، جئميڪا ۽ ڪيويا وغيره لتاڙي USA جي ڏاکڻن بندرگاهن هيوسٽن، نيو اورلينس، ميامي ۽ ٽئمپا پهچندا هئاسين. ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ (بحر) جو هي سامونڊي حصو ڪئريبين سمنڊ سڏجي ٿو، جيئن اسان وٽ هندي وڏي سمنڊ (بحرهند) جو اهو حصو، جيڪو ڪراچي کي ڇهي ٿو عربي سمنڊ سڏجي ٿو.
برازيل کان ڪئريبين سمنڊ لتاڙي ميامي يا نيو اورلينس پهچڻ ۾ به ٻه اڍائي ڏينهن لڳيو ٿا وڃن. اهڙو ڏينهن ٻه اتان کان نيويارڪ تائين پهچڻ ۾ به لڳيو وڃي. سو پاڻي وارو جهاز هلائي هلائي، آخري هفتو ٻه ته ساڻا ٿي پوندا آهيون. سمنڊ تي آچر ڏينهن به جهاز هلائڻو پوي ٿو ۽ چار ڪلاڪ رات جا ۽ چار ڪلاڪ ڏينهن جا هر هڪ کي جهاز هلائڻو پوي ٿو، يعني چار ڪلاڪ جهاز هلائي، ماني کائي سمهڻو پوي ٿو. ننڊ ڪري هٿ منهن ڌوئي وري جهاز جي ڪنٽرول روم ۾ يا انجڻ روم ۾ ڊيوٽي تي! ڪراچي کان نيويارڪ ۽ واپس يا چين ۽ ملائيشيا کان نيويارڪ سفر ڪري ڪري اندازو ٿي ويو هو ۽ ڏينهن ڳڻڻ بدران آئون پنهنجي ٽٿ پيسٽ کي ڏسندو هوس. ڪراچي کان نيويارڪ پهچڻ ۾ مُني ٽٿ پيسٽ ختم ٿيندي هئي. هانگ ڪانگ کان نيويارڪ سڄي ٽٿ پيسٽ. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي هئي ته ڪناري جي ڊيوٽيءَ وانگر سڄي رات ستو پيو هججي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن سُکاڻي يا تيل وارو، جهاز هلائڻ لاءِ “ڪواٽر” چئي اٿاريندو هو (يعني ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ هاڻ وڃي 15 منٽ بچيا آهن)، ته لڳندو هو ڄڻ هن ڪچيءَ ننڊ مان اچي اٿاريو هجي ۽ ٽي چار ڪلاڪ سمهڻ بدران لڳندو هو ڄڻ اڃان هاڻ مس اک لڳي هئي ته هن نڀاڳي اچي جاڳايو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڊ جا خمار اهڙا چڙهيل هوندا هئا (خاص ڪري خراب سمنڊ ۽ طوفاني موسم ۾ اهو عام آهي) جو ٻئي جي ڌونڌاڙي اٿارڻ تي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪٿي آهيون ۽ هي ڪير آهي ۽ ڇو ٿو اٿاري ۽ پوءِ يڪدم هوش اچي ويندو هو ته مار پاڻيءَ جي جهاز تي آهيون ۽ مسافر نه پر جهاز هلائڻ وارا جهازي آهيون. جلدي هٿ منهن ڌوئي چارج سنڀالجي ۽ جيڪي گذريل چئن ڪلاڪن کان جهاز هلائي رهيا آهن، انهن کي آجو ڪجي. ڪنجهندي ڪُرڪندي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ واش بئسن اڳيان بيهي سوچيندو هوس ته خبر ناهي نيويارڪ ڪڏهن ايندو ۽ اڃان ڪيترو سفر رهي ٿو. ان وقت ڏينهن يا تاريخون ڳڻڻ جو ڪنهن کي هوش! بچيل ٽٿ پيسٽ ڏسي اندازو لڳائيندو هوس ته سفر جو ڪيترو حصو پورو ٿيو ۽ باقي چوٿو حصو ٽٿ پيسٽ بچڻ ۾ ڪيترا ڏينهن وڃي رهيا آهن. دل چوندي هئي ته ڪاش ائين ممڪن هجي، جو اڄ ئي ٽٿ پيسٽ کي نپوڙي چوٿي تائين پهچايان ۽ منهنجي ڪئبن جي پورٽ هول (دريءَ) مان نيويارڪ جون عمارتون نظر اچن. اهڙن موقعن ۽ مهلن تي آسمان مان ڪنهن هوائي جهاز جو آواز ايندو آهي ته پنهنجا ڪاليجي پائليٽ ساٿي ممتاز الحق، بلال حيدر، خالد ليا ۽ ٻيا ياد اچي ويندا هئا، جن اسان وانگر سامونڊي نوڪريءَ بدران هوائي جهاز جي نوڪري کنئي ۽ انهن مان ڪو PIA جو هوائي جهاز اڏائي نيويارڪ پيو ويندو هو ته ڄاڻ ته پهتو. ڪٿي هفتن جو سامونڊي سفر ۽ ڪٿي چند ڪلاڪن جو هوائي سفر!
بهرحال اها منهنجي سوچ تڏهن جي هئي، جڏهن اڃان مون کي نيويارڪ هوائي جهاز ۾ وڃڻ جو موقعو نه مليو هو. بعد ۾ هوائي جهاز ۾ سفر جا موقعا مليا، پر ڪراچي کان يورپ تائين يا وڌ ۾ وڌ جپان تائين. آمريڪا جا بندرگاهه ڇڏڻ بعد هاڻ ٽيٽيهه سالن بعد انهن ماڳن کي ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هوس، پر پاڻيءَ واري جهاز ۾ نه، هوائي جهاز ۾. سو به سور ساهه کڻي نه، يعني جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي جو بار مٿي ۾ کڻي نه، پر هڪ مسافر جي صورت ۾ وڃي رهيو هوس. اسان جو دلپسند مزاح نگار حليم بروهي شاديءَ لاءِ چوندو آهي ته شادي سٺي شيءِ آهي، پر هجي ڪنهن ٻئي جي، اسان فقط دعوتي هجون ڀت کائڻ لاءِ. سو اسين جهازي به چوندا آهيون ته سامونڊي سفر تمام سٺي شيءِ آهي، بشرطيڪه جهاز ڪو ٻيو هلائي، اسين فقط مسافر هجون ۽ جنهن وقت وڻي ننڊون ڪريون، جنهن وقت وڻي جهاز جي عرشي تي پسار ڪريون ۽ سمنڊ جون لهرون ۽ ڪناري جا ماڻهو ڏسون. پر هاڻ ڪراچي کان نيويارڪ جي ارڙهن اڻويهه ڪلاڪن جي لڳاتار هوائي سفر ۾ اهو ئي محسوس ٿي رهيو آهي ته نه فقط هوائي جهاز هلائيندڙ، پر اسان مسافر به وڏي تڪليف ۾ آهيون ۽ ايترو وقت هڪ هنڌ ويهي ويهي، سانچي ۾ پيل شيءِ وانگر ان سانچي جي صورت اختيار ڪري ويا آهيون. ان کان ته مهيني جو سامونڊي سفر سٺو آهي، جنهن ۾ ڊگهو ٿي پلنگ تي سمهجي ٿو، عرشي تي واڪ ڪجي ٿي، والي بال ۽ باسڪيٽ بال کيڏجي ٿي، سئمنگ پول ۾ سئمنگ ۽ جهاز جي جمنازم هال ۾ باڊي بلڊنگ ۽ ورزش ڪري سگهجي ٿي ۽ جهاز (Ship) نه هلائيندڙ يعني مسافرن لاءِ ته اڃا به وڏي عياشي آهي. آئون اجايو هيترا سال هن سمنڊ (يعني اٽئلانٽڪ) ۽ پئسفڪ تي جهاز هلائڻ دوران پاڻ کي هوائي جهاز وارن سان ڀيٽي دُکي ٿيندو رهيس.