الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

آمريڪن ڪانگريس مئن ٽام ٽانڪريڊو سان ڊنر

ٽام ٽانڪريڊو هتي جو هڪ کڙڪيدار قسم جو ريپبليڪن پارٽيءَ جو آمريڪن سياستدان ۽ 1999ع کان يونائيٽيڊ اسٽيٽس هائوس جو نمائندو آهي. هن کان آمريڪا ۾ رهندڙ ڌاريان، خاص ڪري اهي جيڪي غير قانوني طرح هتي رهن ٿا (جن ۾ گهڻائي ڏکڻ آمريڪا ۽ ڪئريبين ٻيٽن جي هسپانوي نسل جي آهي) ڪَنُ هڻن ٿا. اهي هن کي بلڪل پسند نٿا ڪن، جو هي ڌارين ملڪن کان ماڻهو جي ايندڙ لوڌ جي بلڪل خلاف آهي. هن جو اهوئي موقف آهي ته ههڙيءَ طرح ڌارين ماڻهن کي هن ڌرتيءَ تي اچڻ جي کلئي آزادي ڏني ويندي، ته پوءِ هتي نه رڳو نائن اليون جهڙا حادثا ٿيندا رهندا، پر هڪ ڏينهن اهو به اچي ويندو جو مڪاني ڪلچر به تباهه ٿي ويندو. ڪيترا مڪاني آمريڪن هن کي بيحد پسند به ڪن ٿا، جو هو هن جي ڳالهه کي Sensible سمجھن ٿا. ان نفرت ۽ چاهت ڪري ٽام ٽانڪريڊو آمريڪا جو بيحد پاپيولر ۽ اهم ڪانگريس مين ٿي پيو آهي. ايتري قدر جو هن صاف صاف صدر بش کي به چيو آهي ، ته آمريڪا ۾ ايندڙ غير قانوني ماڻهن جي خلاف حڪومت سخت قدم نه کڻندي ته هن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ به مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ هن 2008ع واري صدارتي اليڪشن ۾ صدر جي چونڊ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يعني صدر ٿيڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
اسانجا ڪي پاڪستاني به ٽام ٽانڪريڊو کي پسند ڪن ٿا، ته ڪي بنهه نه. خاص ڪري اهي جن جا گرين ڪارڊ ۽ پاسپورٽ نه ٺهيا آهن. ان ڪري ڪي منور جي ٽانريڪڊو سان دوستيءَ کي سٺو سمجھن ٿا ته ڪي خراب. سٺو سمجھڻ وارن جو اهوئي موقف آهي ته ٽانڪريڊو اصول جي ڳالهه ٿو ڪري. غير قانوني Immigrants مان هن جو وڏو اشارو اسپيني ماڻهن طرف آهي، جيڪي روزانو وڏي تعداد ۾ ميڪسيڪو جو بارڊر ٽپي آمريڪا (USA) اچن ٿا ۽ ڏوهن ۾ اضافو آڻين ٿا. ايشيا جي ملڪن ۾ به خاص ڪري اسان وٽ پاڪستان ۾ به مختلف ملڪن برما، انڊيا، بنگلاديش، افغانستان وغيره وغيره کان غير قانوني Immigrants اچڻ ڪري ڏوهه وڌيا آهن. سو ٽانڪريڊو وانگر اسانجي ملڪ ۾ به ڪو تڪڙو ايم اين اي يا وزير هجڻ کپي. ان کان علاوه ٽانڪريدو کي، خاص ڪري سنڌي ۽ بلوچ ان ڪر ي پسند ڪن ٿا، جو هو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاري ٿو ۽ ظالمن خلاف نفرت جو اظهار ڪري ٿو ۽ پنهنجي ٻين ساٿين ۽ حڪومت کي پڻ ان کان آگاهه ڪندو رهي ٿو. شايد اها ئي ڳالهه آهي جو هي ڪانگري مئن ٽام ٽانڪريڊو منور جي سٺن دوستن مان هڪ آهي ۽ ساڳي وقت ٽانڪريدو جو منور لاءِ اهو Opinion آهي ته منور پنهنجي Cause سان سچو، Sincere، تعليم يافته ۽ قانون کان ڄاڻو ۽ ڏکن تي هريل ۽ هڪ سادگي پسند ماڻهو آهي، جيڪو ڪڏهن به Material World کي اهميت نه ٿو ڏئي ۽ نه ان مان متاثر ٿو ٿئي.
ٽام ٽانڪريدو سان ڊنر جو پروگرام ڪنيڪٽي ڪٽ ايوينيو واري “The Bombay club” نالي واري انڊين ريسٽورينٽ ۾ رکيل هو. منور ان ڏينهن آفيس مان سوير پنجين بجي ڌاري گهر آيو ۽ چانهه پي مونکي پاڻ سان وٺي، پنهنجي گاڏيءَ ۾ نڪتو.
“رستي تان هوٽل مان حميرا رحمان کي کڻي وري آفيس ٿا هلون، جتي نيويارڪ کان آيل ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ۽ سندس زال شمع به انتظار پيا ڪن. پوءِ اتان سڌو انڊين ريسٽورينٽ ۾ هلنداسين.” منور اعلان ڪيو.