الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

نيويارڪ جي بخارا هوٽل جي مٺائي

پوري مني ڪلاڪ بعد منور مينهن واچ ڪندو پهتو، سندس پٺيان قطار ۾ ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، سندس زال شمع، ان پٺيان WSI جي آفيس جي هتي جي آمريڪن صلاحڪار ميريم جنهن جي هٿ ۾ اڇي رنگ جي شفاف ٿيلهي هئي، جنهن ۾ اندر پيل سامان اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي نظر اچي رهي هئي ۽ ان جي پويان ۽ سڀ کان آخر ۾ جڳ جهان جو مامو جمون (پوليس S.P عبدالعزيز بروهي جو فرزند ۽ مشهور سنڌي مزاح نگار حليم بروهيءَ جو ڀاءُ عبدالعليم) هو، جنهن کي نه فقط حيدرآباد سنڌ ۾ پر هتي به سنڌي، بلوچ، مهاجر ۽ هتي جا مڪاني گورا ماما جمون ٿا سڏين. جمونءَ جي ڪڇ ۾ چڱي خاص وڏي کاري هئي، جيڪا جيتوڻيڪ ڀرت ۽ ڪٽ ورڪ جي ڪپڙي سان ڍڪيل هُئي، جيڪو ڪپڙو ڪنوار جي اکئي جهڙو لڳي رهيو هو، جيڪو ميندي ۽ هئڊ هڻي هن کي ونواهه ۾ وهڻ وقت ٻڌبو آهي، پر ان جي پاسي کان ٻه خوبصورت دٻڪيون ۽ وڃڻو به نظر اچي رهيو هو. ڊاڪٽر الطاف کان پڇيم: “کاريءَ ۾ ڇا آهي. واسينگ نانگ ته نه آهي؟”
“مٺائي آهي، رستي تي نيويارڪ مان بخارا هوٽل تان وٺندو آيو آهيان.” الطاف ٻڌايو.
“ڪانگريس مئن ٽام ٽانڪريڊو ٿلهو آهي يا سنهو؟” مون عليم بروهيءَ کان پڇيو.
“ٿلهو آهي.”
“ڊائيٽنگ نٿو ڪري ڇا؟” مون پڇيو.
“اها به ڪندو هوندو، پر کيس مٺائي پسند آهي.” ڊاڪٽر الطف ميمڻ ٻڌايو، “گذريل دفعي پاڻ جڏهن اسان جي دعوت ڪئي هئائين ته منور کي خاص مٺائي لاءِ چيو هُئائين.”
“ڏاڍي ڳالهه ٿي!” مون دل ئي دل ۾ سوچيو. “هنن به چڱن چڱن سان کڻي دوستيون ڳنڍيون آهن.” ڊاڪٽر الطاف کي چيم: “جيڪڏهن آمريڪا جي ايندڙ صدارتي اليڪشن ۾ ٽانڪريڊو واقعي آمريڪا جو صدر ٿي ٿو وڃي ته پاڻ واري هن بخشو لغاري ڳوٺ جي سنهڙي منور لغاريءَ جي وڏي لئه ٿي ويندي، جنهن سان هن جي ذاتي دوستي آهي.”
ڊاڪٽر الطاف روايتي ٽهڪ ڏيندي چيو: “اها مونکان خاطري وٺ ته هي ٽان ڪريڊو ڇا منور لغاري پاڻ آمريڪا جو صدر ٿي وڃي ته به هي اهو ئي عجز ۽ نئڙت جو مجسمو رهندو. نوڪر پٽيوالي سان به جھڪي جھڪي ادب سان پيو ڳالهائيندو. منور جي ٻي ڪا خواهش يا ڪو خواب ناهي، سواءِ ان جي ته منهنجو وطن خوشحال ٿئي ۽ ان جي غريب رهواسين سان ظلم ۽ ڏاڍ بند ٿين. کين انصاف ۽ حق ملن.”
مٺائيءَ جي ڳالهه اچي نڪتي آهي ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته اڄ کان پنجٽيههَ چاليهه سالَ کن اڳ اسان جهازَ کي آمريڪا وٺي ايندا هُئاسين ته آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جا سڀ سڃاڻو هم وطني پنهنجي ديسَ کان مٺائيءَ ۽ آچار جهڙيون شيون آڻڻ لاءِ چوندا هئا. هاڻ ته مٺائي جا دڪان ۽ انڊين هوٽلون آمريڪا جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ نظر اچن ٿيون. ويندي هنن هوٽلن (ريسٽورينٽن ) ۾ مانيءَ سان گڏ مٺي (Sweet Dish) ۾ ڪلفي، فالودو، آئيس ڪريم، ڪسٽرڊ ۽ جيلي سان گڏ هر قسم جي مٺائي به تيار ٿئي ٿي ۽ اهي پاڪستاني ۽ انڊين کاڌا نه فقط اسان ديسي ماڻهو، پر هتي جا مڪاني گورا به وڏي شوقَ سان کائين ٿا.
اسانجي ڳوٺَ جو پروفيسر صاحب ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ جيڪو الباني جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ Dean آهي، نيويارڪ جي علائقي بروڪلن مان جنهن بخارا نالي ريسٽورينٽ تان مٺائي وٺي آيو هو، اها 41 ايوينيو ۽ چوٿين گهٽيءَ جي ڪراسنگ وٽ آهي. رڳو نيويارڪ جي پنج باروز (جن کي کڻي ضلعا سمجھو ـــ جيئن ڪراچي پنجن ضلعن ۾ ورهايل آهي) ۾ بخارا نالي ڪيتريون ئي ريسٽورينٽون نظر اچن ٿيون. هڪ ته بروڪلن ۾ ڪوني آئلنڊ ايوينيو تي آهي. بلڪه ان ئي روڊ تي ڪجهه اڳتي ڏهه کن بلاڪ اڳتي هڪ ٻي به بخارا ريسٽورينٽ آهي. هڪ نيويارڪ جي فلشنگ واري علائقي ۾ ڪئنس بليوارڊ تي آهي ته هڪ 49 نمبر گهٽيءَ ۾ به آهي. ان کان علاوه نيويارڪ شهر جي 58 نمبر گهٽيءَ ۾ پڻ بخارا نالي ريسٽورينٽ آهي.