چارئي شير آمريڪا ۾
ڪو زمانو هو، يعني سٺ جي ڏهاڪي جا آخري سال ۽ ستر جا شروعاتي سال، جڏهن جهاز هلائڻ جي ڪري مونکي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن ۾ رهڻو پوندو هو انهن ڏينهن ۾ پنهنجي هم زبان يا هم وطن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پئبو هو.... هو ورلي ڪنهن شهر ۾ نظر ايندا هئا..... سو به نيويارڪ ۽ هيوسٽن جهڙن وڏن شهرن ۾. شهرن کان پري ٻهراڙيءَ ڏي نڪرڻ تي پاڪستاني ته ڇا، پر انڊين به نظر نه ايندو هو! ۽ هاڻ حال اهو آهي، جو آمريڪا جي ڳوٺن ۾ به انڊين ٽي وي چئنل پيا هلن. اڳ ۾ ڪو ڌاريون ملندو هو ته اسان سان به زوريءَ زوريءَ پيو ڳالهائيندو هو، هاڻ پنهنجي هم زبان سان ملڻ کان اڳ سوچڻو پوي ٿو ته پهرين ڪنهن سان ملجي. اسان جي ڳوٺ جي نينگري ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو ۽ سندس گهوٽ ڊاڪٽر رمضان انڙ ڪيڏو خلوص سان پنهنجي آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندا رهيا، پر افسوس جو چئن مهينن دوران هنن وٽ وڃي نه سگهيس. اهو ئي سوچيندو رهيس ته ساڻن واشنگٽن SANA جي فنڪشن ۾ ٽي ڏينهن ڪچهري ٿي، هاڻ ٻين سان ملجي، پوءِ جي ٽائيم مليو ته آخر ۾ کڻي ڏسبو. پر آخر تائين ڏينهن کٽي پيا، ملڻ لاءِ نوان نوان ماڻهو نه کٽا. ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو ۽ سندس فيمليءَ تي اڳتي هلي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو، جيئن اسان جي اڄ جي نوجوان کي اتساهه (Inspiration) ملي ته ڪيئن ڳوٺ ۾ رهندڙ، گهٽ آمدني واري ليليٰ جي والد پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري.
آمريڪا ۾ منهنجي ملاقات هڪ ته سنڌ جي انهن مختلف ماڻهن سان ٿيندي رهي، جيڪي ڌنڌي ڌاڙيءَ، نوڪري چاڪريءَ يا تعليم خاطر هِتي Set آهن ۽ ٻيو پنهنجي پراڻي ڪاليج “ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو” جي ساٿين سان، جيڪي نه فقط اسان جي پيٽارو اولڊ بئائز ايسوسيئيشن (Petarians) جا ميمبر آهن، پر هنن هِتي آمريڪا ۾ هڪ الڳ چئپٽر PANA جي نالي سان پڻ ٺاهيو آهي، يعني پيٽارين ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا. ان کان علاوه جهازي دنيا سان واسطو رکندڙ پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي انهن جهازين سان ملڻ کي ترجيح ڏيندو رهيس جيڪي مون سان گڏ پڙهيا يا جن مون سان گڏ جهاز هلايا يا جيڪي منهنجا ملائيشيا ۾ شاگرد ٿي رهيا. انهن مان ڪيترا هِتي Set آهن ۽ پنهنجي پروفيشن سان واسطو رکندڙ ڪم ڪن ٿا يا ان کي خير آباد چئي، ٻيو ڪو ڌنڌو ڪن ٿا. جيئن پهرين به هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته اسان جي ڪجهه ساٿين جهازن جي ڏکين امتحانن يا سامونڊي ڏاکڙن کي منهن ڏيڻ بدران آمريڪا ۽ انگلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ٽئڪسي اچي هلائي يا برگر اچي وڪيائون ۽ اڄ هنن کي نه فقط انهن ملڪن جي Citizenship حاصل آهي، پر خوشحالي به ۽ اڄ پڻ ان خوشحاليءَ ۽ پاسپورٽ لاءِ اسان جي ملڪ جا ماڻهو آمريڪا جهڙن ملڪن ڏي رُخ رکن ٿا. مون کي شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو مليو هجي، جنهن چيو هجي ته هو آمريڪا ۾ خوش نه آهي يا هو پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ هِتي ولايت ۾ سڪون نٿو محسوس ڪري. ڪيترائي اهو ضرور چوندي ٻڌا ويا ته آمريڪا ۾ فزيڪلي گهڻو ڪم ڪرڻو پوي ٿو، پر هنن کي هِتي ذهني سڪون آهي. هنن جي چوڻ مُطابق هِتي سڪون سان عبادت ڪري سگهجي ٿي، جنهن جي هر هڪ کي آزادي آهي. هِتي محنت ۽ پورهئي جو سٺو اجورو ملي ٿو.... امن امان آهي.... ها اسان جي ماڻهن کان اهو ضرور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته پرديس ۾ رهي کين ڳوٺ جي ياد اچي ٿي.... دوست احباب ياد اچن ٿا... پر ساڳي وقت اهو به چيائون ٿي ته ڳوٺ ۽ مائٽن جي سڪ ۾ هِتان وڃجي ٿو ته پوءِ، ڳوٺ پهچي ڪجهه ڏينهن بعد اهڙو بيزار ٿيو پئجي جو افسوس ڪرڻو پوي ٿو ته ڇو آياسين. “پاڻ وٽ ساڙ، حسد ۽ اڻ سَهپ آهي. ان کان هِتي ولايت ۾ سک چين آهي.” ڪيترن جي واتان اهو ٻڌم ۽ اسان جي ديسي ڪميونٽيءَ کي هِتي عيد برات تي پاڻ ۾ ملندو ۽ enjoy ڪندو ڏسي لڳي ٿو ته ان ۾ گهڻي ڀاڱي حقيقت پڻ آهي.
آمريڪا ۾ رهندڙن ڪيترن هم وطنين کان ته جڏهن پڇيم ته عيد جهڙن ڏينهن تي توهان پنهنجن مائٽن کي ياد نٿا ڪريو ته اهو ئي جواب مليو ته سڀ هِتي ئي ته آهن. نيو جرسيءَ ۾ جِتي آئون رهيس ٿي، اتي پيٽارو جو مون کان گهڻو جونئر ۽ منهنجن ڀاڻيجن ثمير ۽ ضمير وسطڙو جو دوست خيرپور جو فلڪ شير به رهيو ٿي. هن وٽ اسان جي گهڻي اچ وڃ رهي. بيحد قربائتو ۽ ٻين جو خيال رکڻ وارو نوجوان آهي. سندس ٻيا ڀه ڀائر ميجر خورشيد ۽ ڪوهه شير به پيٽارو جا پڙهيل آهن هو پاڻ ۾ ڪل پنج ڀائر ۽ ٻه ڀيڻيون آهن. چوٿين ڀاءُ جو نالو ارض شير ۽ پنجين جو انجم شير آهي.
سندس ٻن ڀيڻن مان وڏي ڊاڪٽر شاهه جهان جيڪا LMC جي گريجوئيٽ آهي، پنهنجي مڙس حفيظ آرائينءَ سان گڏ لاهور رهي ٿي، باقي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر فردوس جيڪا ڊينٽل سرجن آهي هِتي نيوجرسي ۾ آهي. سندن والده ڪڏهن ڪوهه شير وٽ ته ڪڏهن فلڪ شير وٽ نيوجرسي ۾ رهي ٿي. عيد ويجھي اچڻ تي سندس والده کان پڇيم: “ادي توهان پنهنجن پٽن کي ته عيد تي ياد ڪندا هوندا؟”
“ها وڏو پٽ جيڪو پيٽارو بعد آرمي ۾ ويو، اهو اسلام آباد ۾ آهي، ان کي ياد ڪندي رهان ٿي.” هن ٻڌايو.
“۽ باقي پٽن کي نه ڇا؟” مون سوال ڪيو.
“اهي هِتي آمريڪا ۾ ئي ته آهن. منهنجو فقط خورشيد پاڪستان ۾ آهي، باقي چارئي شير هِتي آهن.” هن مرڪندي وراڻيو. سندس چرچي واري نموني ۾ نه فقط ڏنل جواب پر سندس پٽن جا نالا اسان سڀني کي وڻندا آهن. ڪو آسمان جو شينهن (فلڪ شير) ته ڪو جبل جو شينهن (ڪوهه شير)، ڪو تارن جو شينهن (انجم شير) ته ڪو ڌرتي جو شينهن (ارض شير). فلڪ شير وارن جو اصل ڳوٺ خيرپور ميرس جي ڀرسان آهي، جِتي سندن ڏاڏي علي بخش صاحب جو 1898ع ۽ والد عبدالله صاحب جو 1928ع ۾ جنم ٿيو. 1985ع ۾ سندن والد صاحب جي وفات بعد هي آمريڪا هليا آيا.