الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

نان ڊپلومئٽ جنرل صاحب سان ڪهڙا ويهي سور ليان

“ڀلا پاڪستان ڪيئن لڳو؟” جنرل صاحب پڇيو. خبر ناهي هن اهو سوال ائين ڪچهري وڌائڻ خاطر ڪيو يا هن واقعي منهنجي راءِ ٿي معلوم ڪرڻ چاهي. جواب ڏيڻ بدران آئون بسڪيٽ کائڻ لڳس ۽ منهنجي چانهه لاءِ آڻيندڙ ڪئنڊرل جي گوريءَ واري همراهه کي پاڻي پيارڻ لاءِ چيم ... ۽ جنرل کي جواب ڏيڻ بابت سوچڻ لڳس. جنرل صاحب مونکان شايد اهو ٿي پڇڻ چاهيو ته سياسي طرح هينئر پاڪستان ڪيئن ٿو لڳي يعني صحيح معنيٰ ۾ جمهوريت اچي وئي آهي......! يا شايد معاشي طرح ٿو پڇڻ چاهي ته پاڪستان جي ايڪانامي هاڻ سڌري وئي آهي....! يا شايد تعليمي طور يا اخلاقي طور....! آئون سياست جو شاگرد نه آهيان، نه پنهنجي ملڪ جي حالتن کان چڱي طرح واقف آهيان، جو منهنجي سڄي زندگي ملڪ کان ٻاهر رهي آهي. آئون ڪيئن ٿو ان، سوالَ جو انصاف سان جواب ڏيئي سگهان. آئون ڪيئن ٿو هن دور کي گذريل دور سان ڀيٽ ڪري سگهان، جڏهن ته مون پنهنجو ملڪ چڱي طرح ڏٺو ئي ناهي. ٻڌو اٿم ته پنجاب ۾ وڏي ترقي ٿي آهي. تعليم، ڪارخانا، روڊ، رستا، فصل، ٻنيون، هر ڳالهه مان خوشحالي نظر اچي ٿي ... هوندو، ضرور هوندو، پر منهنجو جنهن علائقي سنڌ سان تعلق آهي، اهو ته گذريل پنجاهه سالن کان ڏسان پيو ته “اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيو” ... بلڪه ويتر پٺتي پيل نظر اچي ٿو. ايڪهين صديءَ ۾ به اسين تعليم، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، امن امان، اخلاق ۾ ڪيترو پٺتي هليا ويا آهيون. اسان جي ڳوٺن ۾ جتي ٻيڙي سگريٽ ڇڪڻ کي غلط سمجھيو ويندو هو، اتي اڄ واسطيدار اٿارٽين ۽ اثر رسوخ رکندڙ وڏن جي ڇانوَ ۾ چرس ۽ شراب جو ڪاروبار عام هلي رهيو آهي، جوا ۽ بڇڙو پيشو ڄڻ ته legalized ٿي ويو آهي. بيماري، بک ۽ بيروزگاري اسان جي معاشري کي ڄڻ ته وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ڇڏيو آهي..... ۽ پنهنجي سورن جي ڪنهن کي دانهن ڏجي.... ڪنهن کي به کڻي چئه ـــ يعني ملڪ جي وڏن عملدارن ۽ حاڪمن کي توڙي غير ملڪي مبشرن ۽ دانشورن کي، ته جواب اهو ئي ملي ٿو ته سرڪار ته اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ جام فنڊ ڏئي ٿي، توهان جا ئي وڏيرا، سردار اسڪول نٿا هلڻ ڏين ۽ انهن کي اوطاقون ٺاهيو ويٺا آهن. توهانجا ئي پير، مير ۽ واسطيدار نمائندا اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ نرسن ۽ ڊاڪٽرياڻين جي زندگي حرام ٿا ڪن. پوليس جي شڪايت ڪر ته اهوئي جواب ٿو ملي ته توهان جا ئي چونڊيل ميمبر پنهنجي مرضي سان اهڙن صوبيدارن کي رکرائين ٿا. هڪ دفعي ناروي ۾ ان تي اچي بحث هليو ته فيڪٽريون ۽ ڪارخانا سڀ پنجاب ۾ لڳايا وڃن ٿا سنڌ ۾ ڇو نه؟ جواب اهو ئي مليو ته انهن جو پرمٽون ته سنڌ جي وزيرن ۽ ميمبرن کي به مليون، پر پوءِ انهن پنهنجن ڳوٺن ۾ ڪارخانا هڻي پاڻ کي ۽ عوام کي خوشحال بنائڻ بدران ٺڙڪو عياشي ڪئي، يعني پرمٽون ٻين کي وڪڻي پئسا وٺي گهمي ڦري کائي کپائي ڇڏيائون.
ملائيشيا جي هڪ ملئي دوست کي چيم اسان جي ماڻهن جو به توهان ملئي ماڻهن وانگر ائگريڪلچر سان واسطو آهي ۽ بنيادي طرح ڳوٺن ۾ رهڻ وارا آهيون. انگريزن طرفان آزادي ملڻ بعد توهان ته ترقي ڪئي، اسان اتي ئي آهيون.”
“پوءِ ان ۾ ڪنهنجو ڏوهه آهي؟” جواب بدران هن سوال ڪيو.
“ڪنهن جو ڏوهه آهي؟” مون هن کان سوال طور پڇيو.
“توهان جو ئي ڏوهه آهي. اسان جي ملڪ ملائيشيا کي جڏهن آزادي ملي ته اڌ کان وڌيڪ نمائندا ۽ وزير غير ملئي يعني چيني هئا. چيني پئسي وارا ۽ بزنيس مين هئا. زمينون، دڪان ۽ واپار تي هنن جو قبضو هو. اسان هاري ۽ گهٽ پڙهيل هئاسين. پوءِ اسان هر فيلڊ ۾ محنت ڪئي. اسان جا جيڪي نمائندا هئا، جيتوڻيڪ انهن ۾ به ڪيترا وڏيرا ٽائيپ ۽ سردار هئا، پر سڀني هن ڌرتيءَ ۽ ڌرتي جي رهواسين جي خدمت ڪئي. توهانجي ملڪ کي آزادي ملڻ وقت سڀ کان خوشنصيب توهان سنڌي هئائو جو سنڌ اسيمبلي ۾ نوي سيڪڙو کان مٿي سنڌي مير، پير، وڏيرا، سردار، نمائندا هئا، ويندي گذريل صدي جي آخر تائين پنجاهه سال کن توهان جا سنڌي وزير ۽ وزير اعليٰ رهيا، پوءِ به سڄي سنڌ ته ڇا انهن وزيرن جا ڳوٺ به نه سڌريا، ته ان ۾ ٻين کي ڏوهه ڇو ٿا ڏيو. توهان پٺتي ڇو رهجي ويا آهيو، ان جا سبب جيسين identify نه ڪندائو، تيسين بهتري آڻي ڪونه سگهندائو. ائين اکيون پوري ٻين کي ڏوهه ڏيڻ سان سڀ صحيح ڪونه ٿي ويندو. غور ڪندائو ته اڄ به توهان جي غريب عوام کي توهانجا پنهنجا ئي تباهه ڪري رهيا آهن..... پوءِ چاهي اهو توهانجو وڏيرو ۽ سردار هجي يا ڌاڙيل ۽ سرڪاري ڪامورو. اهي صحيح ٿي وڃن ته پوءِ ٻي ڪنهنجي ڪهڙي مجال جو اوهان ڏانهن اک کڻي ڏسي، پوءِ اها ملڪي طاقت هجي يا خارجي....”
چڱو جو جنرل صاحب جو ڪو ضروري فون اچي ويو ۽ هو ان ۾ اهڙو لڳي ويو، جو فون ڪرڻ بعد هن کي اها ڳالهه ياد نه رهي ته هن ڪو مونکان سوال ڪيو هو ۽ منهنجي ان قسم جي سوال جو جواب ڏيڻ کان جان ڇٽي ويئي ۽ هونءَ به جنرل صاحب سان هن وقت ڪهڙيون ويهي ڏکن دردن جون ڳالهيون ڪريان. جنرل جهڙو هڪ سفير جيڪو نان ڊپلومئٽ آهي، ان غريب جي ته پنهنجي ئي نوڪري پڪي ناهي. آمريڪا ۾ سفير ٿي رهڻ واري نوڪري ته ويتر ڪچي اٿس. مليحا لوڌي صاحبا ئي خوش نصيب هئي، جو هتي ڪجهه وڌيڪَ سالَ ڪڍي ويئي......