ڪهڙو آمريڪا ؟
اتر آمريڪا واري کنڊ ۾ ڪئناڊا، USA ۽ ميڪسيڪو ملڪ آهن، ڏکڻ آمريڪا واري کنڊ ۾ چلي، ارجنٽائن، بولويا، برازيل، پيرو، ڪولمبيا، وينزويلا جهڙا ملڪ آهن. انهن سڀني ملڪن جا ماڻهو پاڻ کي آمريڪا سڏائڻ ۾ حق بجانب آهن، جيئن اسان وٽ ايراني، سعودي يا فلپينو ۽ جپاني پاڻ کي ايشيائي سڏايون ٿا. جيئن SANA نالي هڪ سنڌين جي ايسوسيئيشن آهي، جنهن جو نالو سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا آهي. هن ۾ فقط USA (يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) جا ميمبر نه آهن، پر ڪئناڊا جا به آهن، ڇو جو ڪئناڊا به اتر آمريڪا کنڊ جو حصو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جو گهڻو واسطو USA سان پوي ٿو، ان ڪري اسان لاءِ آمريڪا معنيٰ USA ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس معنيٰ آمريڪا آهي.
هڪ ٻي ڳالهه، آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ کنڊ ته هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ان ڪري صدين کان هڪ کنڊ جي ماڻهن جي ٻئي کنڊ تائين اٺ گهوڙن تي يا پيرين پيادي اچ وڃ لڳي پئي هئي. آمريڪا جي، اسان کي خبر ئي نه هئي. آمريڪا جي هڪ پاسي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ خطرناڪ سمنڊ ائٽلانٽڪ آهي ته ٻئي پاسي ان کان به وڏو سمنڊ پئسفڪ آهي. يورپ، ايشيا يا آفريڪا جا ماڻهو آمريڪا پهچن ته ڪيئن پهچن؟ آمريڪا باقي کنڊن سان نه خشڪي رستي ڳنڍيل هو ۽ نه وري ڪي اهڙا پاڻيءَ وارا جهاز نڪتا هئا جو ڏينهن جا ڏينهن هلي آمريڪا پهچن. يورپي انڊيا يا چين به پهرين خشڪي رستي پهتا ۽ پوءِ، گهڻو گهڻو پوءِ، سندن جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ اڪري هندي وڏي سمنڊ ۾ پهتا ۽ پوءِ منزلون هڻندا، انڊيا جي بندرگاهن ڪوچين، سورت وغيره کان اچي نڪتا. پنج ڇهه سؤ سال کن اڳ تائين ته سڀني سمجهيو ٿي ته دنيا اها ئي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا تائين محدود آهي. چين ۽ جپان کان ڪو پنهنجو ٻيڙو پئسفڪ ۾ ڪاهي ويو ٿي ته ڏينهن ٻن بعد پويان پير ٿي ڪيائين، جو اڳتي ڪنهن منزل، ڪنهن ڌرتيءَ، ڪنهن تڙ جي اميد نه هئي. اهو ئي حال ائٽلانٽڪ پاسي هو. يورپ يا آفريڪا کان ڪنهن به اولهه جو رخ رکيو ٿي ته ڏينهن ٻن بعد مايوس ٿي موٽيو ٿي.
پوءِ آمريڪا جو کنڊ ڪولمبس وڃي ڳولي لڌو. ڳولي ڇا لڌو، هو ته پنهنجي پر ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي پئي ويو، پر کيس هوش ئي نه رهيو ته ابتي پاسي پيو وڃي ۽ جي واقعي آمريڪا کنڊ جو وجود نه هجي ها ته هاڻ سندس راشن پاڻي ختم ٿي چڪو هو ۽ بقول اسان جي هڪ جهازيءَ جي تن ڏينهن ۾ نيويگيشن جا ڪچا ڪُتي جو موت مرندا هئا. پر ڪولمبس بچي ويو ۽ هڪ نئين دنيا جي خبر آڻي هيرو جو درجو حاصل ڪيائين. ڪرسٽافر ڪولمبس 1492ع ۾ يورپ ڇڏيو ۽ اٺن سالن بعد سن 1500 ۾ موٽي اچڻ تي، جنهن نئين دنيا بابت اچي ٻڌايو، اهي ڪئريبن سمنڊ جا ٻيٽ، ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۽ اتر آمريڪا کنڊ هو. يعني ان وقت جي حالتن جو جائزو لڳايو وڃي ته يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا وڃي ڪٿان جو ڪٿان پهتا هئا، پر ڪنهن کي به آمريڪا جي خبر نه هئي. جتي فقط اتي جا اصل باشندا ريڊ انڊين هئا ۽ جنگل ئي جنگل. جن ڏينهن ۾ ڪولمبس جهاز هاڪاري پئي ويو، ان وقت هندستان ۾ لوڌي گهراڻي جي حڪومت هئي. سڪندر لوڌي دهليءَ جو 1489ع کان 1517ع تائين حاڪم رهيو، جنهن کانپوءِ ابراهيم لوڌي تخت تي ويٺو. مغلن جي حڪومت 1526ع ۾ شروع ٿي. يعني بابر جڏهن تخت تي ويٺو ته اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي ته سمنڊ جو ڪو ٻيو ڪنارو به آهي ۽ جتي سمنڊ ختم ٿئي ٿو، اتي ٻي ڌرتي آهي. ٻيلا ۽ جبل آهن، مٺي پاڻيءَ جا درياهه ۽ جانور آهن .... نه ته ان کان اڳ تائين هند، سنڌ ۽ چين ته ڇا يورپين به ٽوٽل ڌرتي ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جو کنڊ سمجهيو ٿي، جنهن جو وچ واقعي ميڊيٽرينين سمنڊ تصور ڪيو ويو ٿي. ان ڪري ان سمنڊ جو نالو به اهو ئي رکيو ويو يعني “ڌرتيءَ جو وچ”. مزي جي ڳالهه ته ان سمنڊ جو سنڌي يا کڻي چئجي سنسڪرت ۾ به ساڳي معنيٰ وارو نالو آهي. ڀؤنچ سمنڊ، ڀونءَ يعني ڌرتي جي وچ وارو سمنڊ.
هڪ صدي چئجي يا کڻي سوا صدي جو اليڪٽرسٽي ايجاد ٿي آهي، نه ته انگلينڊ توڙي يورپ پاسي رهڻ جنجال هو. اسان جي ايشيا پاسي هندستان هجي يا سريلنڪا، ملايا (ملائيشيا) هجي يا انڊونيشيا، کاڌي پيتي کان وٺي گهمڻ ڦرڻ جا اسان وٽ موج مزا لڳا پيا هئا. کاڌا پيتا، پوکون فصل، ميوا، ڀاڄيون، ڪاريون مريون مسالا هر شيءِ وڏي مقدار ۾ هئي. هاٿي گهوڙا، عاج، چانديون، سون، هيرا جواهر، ڪهڙي قيمتي ۽ ڪمائتي شيءِ آهي، جيڪا ايشيا ۽ آفريڪا ۾ نه هئي. يورپ پاسي ٿڌ ڪري رهڻ ته عذاب هو، پر پوک ۽ فصل جي کوٽ ڪري ماڻهو بک ٿي مئا ۽ پوءِ جيئن ئي يورپين کي ٽيڪنالاجي هٿ آئي، جهاز ٺاهيائون، تيئن پنهنجا ملڪ ڇڏي، ڦر لاءِ ٻاهر نڪري پيا. پوءِ جتي پير ڄمائڻ لاءِ پهتا ٿي، اتي ٻاهريون ٻنو اهو ئي رکيائون ٿي، ته اسان عيسائيت جو درس ڏيڻ آيا آهيون يا اسين بيمارين جو علاج ڪرڻ آيا آهيون، پر اصل ڳالهه ٻين جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ ۽ اتان مال لٽي پنهنجي وطن يورپ موڪلڻ هو ۽ يورپين جي گهڻي ڊوڙ ننڍي کنڊ ۽ انڊونيشيا پاسي هئي، جيڪو علائقو ايسٽ انڊيز سڏبو هو.