امام رضا شاتا جرمني ڇڏي نيويارڪ آيو
امام رضا شاتا 40 کن سالن جو جوان مصري عرب آهي. پاڻ 1968ع ۾ اتر مصر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪفر الباتخ ۾ ڄائو. ان ڳوٺ کان مون جهڙا جهازي جيڪي سئيز ڪئنال مان لنگهي، ڀونچ سمنڊ ۽ بحر احمر ۾ ايندا ويندا رهن ٿا، چڱي طرح واقف هوندا، جو هي ڳوٺ ان هنڌ تي آهي، جِتي سئيز ڪئنال نيل نديءَ جي ڊيلٽا سان ملي ٿو.
آمريڪا جي ڪيترين ئي مسجدن لاءِ امام مصر ۽ لبنان مان گهرايا وڃن ٿا، جيڪي واسطيدار Subjects ۾ تعليم يافته آهن. هونءَ ڪيترين مسجدن ۾ هِتي جا آمريڪا جا سٽيزن امام پڻ آهن، پر گهڻين ۾ هڪ سال، ٻن يا ٽن سالن جي Contract تي عرب دنيا مان امام گهرايا وڃن ٿا جيئن سئيڊن، جرمني ۽ ڊئنمارڪ پاسي ترڪي جا امام رکيا وڃن ٿا يا ملائيشيا ۽ سنگاپور ويندي هانگ ڪانگ ۽ جپان ۾ پاڪستان جي صوبي سرحد ۽ پنجاب جا امام آهن. اڄ کان ويهه ٽيهه سال کن اڳ ملائيشيا جي ڪيترين ئي مسجدن ۾ بنگالي مولوي پڻ هوندا هئا، پر هاڻ نظر نٿا اچن.
بروڪلن (نيويارڪ) جي هن مسجد مسعب بن عمير جي امام رضا شاتا ٻڌايو ته هو ننڍو هو ته هن جي ماءُ گذاري وئي ۽ کيس سندس ڏاڏي ءَ نپايو، جيڪا هن جي دل وڏي ڪرڻ لاءِ هر وقت اسان جي پياري نبي محمد مصطفيٰﷺ جي ڳالهه ٻڌائيندي هئي، ته پاڻ ڪريمﷺ جن جي والده محترمه به سندن ننڍي هوندي گذاري وئي. امام صاحب جو والد پنهنجي ڳوٺ ۾ هاري ۽ ولائِتي ڀاڻ جو سيلز مين هو ۽ هنن غريبيءَ جي زندگي گذاري ٿي. ايتري قدر جو ڳوٺ ۾ ڪنهن وٽ ٽي وي به نه هئي ۽ پاڻ جڏهن پندرنهن سالن جو ٿيو ته ڀر واري شهر ۾ هن کي پهريون دفعو ٽي وي ڏسڻ ۾ آئي.
نماز بعد اسان هن مسجد جي امام سان گڏ ائٽلانٽڪ ايوينيو تي ٺهيل يمني هوٽل ۾ اچي چانهه ۽ شورما کاڌو. پاڻ ٻڌايائين ته هو پنجن سالن جو ٿيو ته کيس قرآن حفظ ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو. بنيادي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد هو قاهره جي الاظهر يونيورسٽي لاءِ چونڊجي ويو. تن ڏينهن ۾ ملڪ جو صدر انور سادات هو. هن 1992ع ڌاري گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ 3400 شاگردن ۾ ستون نمبر آيو.
رضا شاتا (بي رج بروڪلن جي مسجد جي امام) ٻڌايو ته الاظهر يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن سعودي وڃي شاگردن کي شريعت (اسلامي قانون) سبجيڪٽ پڙهايو. پاڻ پنج سال اتي رهيو. ان بعد هو پنهنجي وطن مصر هليو آيو، جِتي اچي هن فرنيچر جو بزنيس شروع ڪيو. پر ان سموري وقت ۾ هن کي اها کوٽ محسوس ٿيندي رهي ته هو دعوه جو ڪم نه پيو ڪري. اهو سوچي هن پنهنجو ڌنڌو بند ڪري، پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ اچي تبليغ شروع ڪئي. سندس ڳوٺ جي مسجد ۾ ڪافي ماڻهو آيا ٿي. جمعي نماز تي ته نمازين جو تعداد چار هزار جي لڳ ڀڳ ٿي ويو ٿي. مسجدون سرڪار جي انتظاميه ۾ هيون، جنهن کيس پگهار به ڏنو ٿي.
“سن 2000ع ۾ مون کي جرمنيءَ جي شهر اسٽٽگارٽ جي مسجد ۾ امام طور رکيو ويو. هي شهر ڪارخانن جو شهر آهي، جِتي ڪيترن ئي ترڪ ۽ عرب مسلمانن فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪيو ٿي ۽ پوءِ يارهين سيپٽمبر ڇا ٿيو، اسان جو جيئڻ جنجال ٿي پيو. هر ڪو اچيو اسان جي گهرن ۽ مسجدن ٻاهران گهٽ وڌ لکيو وڃي، ڪرفتي ۽ ڪچرو اڇلايو وڃي.” امام رضا ٻُڌايو.
ٻئي اونهاري ۾ هڪ ڏينهن جرمنيءَ جي امام رضا کي بروڪلن مان فون آيو. اهو فون هن مسجد جي امام محمد موسيٰ جو هو، جيڪو آمريڪا ڇڏي رهيو هو. هو پنهنجن جماعتين جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ فنا ٿي پيو هو، جيڪي يارهين سيپٽمبر بعد آمريڪا ۾ مسلمانن ۽ عربن کي پيش اچي رهيا هئا. هرهڪ جي پٺيان جهڙو جاسوس لڳا رهيا ٿي، هنن ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. ٻارن اسڪولن ۾ وڃڻ کان ڪيٻايو ٿي، جو اتي جي ٻين ٻارن، انهن جي والدين توڙي استادن هنن کي ٽوڪيو ٿي ۽ بي عزتي ڪئي ٿي. عورتون ڀاڄي مارڪيٽ يا شاپنگ سينٽرن ۾ وڃي نٿي سگهيون. مسلمانن جي ناتي هنن کي هر ڳالهه لاءِ ڏوهاري سمجهيو ويو ٿي.
امام رضا شاتا مسلمانن کي آمريڪا ۾ پيش ايندڙ مصيبتن کان چڱي طرح واقف هو. بروڪلن جي هن مسجد مسعب بن عمير (Islamic Society of bay Ridge) جو پگهار به جرمني واري پگهار کان گهٽ هو. “پر منهنجي دماغ ۾ منهنجي زال ۽ ٽي ٻار (ڌيئرون) هيون، جن کي ڏٺي مون کي مهينا ٿي ويا هئا. جرمني وارن هنن کي جرمني اچڻ جي ويزا کان انڪار ڪيو هو. آمريڪا وارا مون کي فئمليءَ سان اچڻ جي اجازت ڏئي رهيا هئا. ان ڪري مون هيڏانهن USA (آمريڪا) اچڻ لاءِ حامي ڀري.” امام رضا ٻڌايو.
هتي جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جي هڪ ائنٿروپولوجسٽ لوئيس عبداللطيف (Louis Abdul Latif Cirstillo) هڪ دفعو ٻڌايو هو ته آمريڪا جون ڪيتريون ئي مسجدون اسلامڪ سينٽرن ۽ اسلامڪ سوسائٽين جي نالن سان سڏجن ٿيون، جتي مسلمان نماز پڙهڻ کان علاوه اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ، پنهنجن روزمره جي مونجهارن جو سُٽ سلجهائڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڏک درد سلڻ لاءِ اچن ٿا. فقط نيويارڪ ۾ جيڪي لک جي لڳ ڀڳ مسلمان رهن ٿا، اهي آفريڪا جا آمريڪن آهن.
بروڪلن جي هن مسجد مسعب بن عمير جيڪا The Islamic Society of Bay Ridge به سڏجي ٿي، کي ٻين مسجدن وانگر بورڊ آف ڊائريڪٽرس هلائين ٿا، جيڪي گهڻو ڪري هتي جا رهندڙ فلسطيني پروفيشنل آهن. 1984ع ۾ جڏهن هن جو بنياد رکيو ويو، ته هي بي رج ايونيو تي هڪ اسٽور نما جاءِ هئي، جنهن جي مٿان ڪو نالو نه هو ۽ ڪو مقرر امام نه هو. اڄ اها مسجد نيويارڪ جي مسلمانن جو اهم مرڪز آهي جيڪا اسان جهڙن ٽوئرسٽن ۽ هتي لڏي ايندڙ Immigrants لاءِ ڪشش پيدا ڪري ٿي. هن بلڊنگ جي چئني ماڙين تي زندگي ٻهڪندي نظر اچي ٿي. ٻارن لاءِ نرسري اسڪول، اسلامي ڪتابن جو بڪ اسٽور، قرآن ڪلاسز ۽ روزانو ليڪچر لڳو رهي ٿو. جمعي نماز تي ته ايترا نمازي اچن ٿا جو ٻاهر جا فٽ پاٿ ئي ڀرجيو وڃن ۽ انهن نمازين جي ڏنل ڊالر ڊالر جي نوٽن ۾ جيڪي جمعي نماز تي بوڇڻ ۾ گڏ ڪيا وڃن ٿا، هن مسجد جو خرچ پکو هلي ٿو. عورتن جي گڏجاڻي ۽ نماز لاءِ الڳ جاءِ هيٺ Basement ۾ آهي. گهڻو تڻو ليڪچر عربيءَ ۾ ٿين ٿا، جو هتي ايندڙن جو وڏو تعداد عربي ڳالهائڻ وارن جو اچي ٿو. البانيا ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ جن کي عربيءَ جي ايڏي ڄاڻ نه آهي، هيڊ سيٽ (ڪنن ۾ وجهڻ جا مائيڪرو فون) رکيل آهن، جن ذريعي هو هلندڙ واعظ، تقرير، ليڪچر، اعلان انگريزي ۾ اتي جو اتي Live ٻڌي سگهن ٿا.