الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

هاڻ تفريح به هٿن مان نڪري ويئي

هڪ ڳالهه قابل غور آهي ته آمريڪا ۾ نائن اليون واري واقعي تي، هتي جي آمريڪن کي جيتوڻيڪ ڪافي ڏک ۽ ڪاوڙ آئي، پر حڪومت کين قانون هٿن ۾ کڻڻ نه ڏنو. اهڙن موقعن تي ويندي انڊيا جهڙو جمهوري ملڪ به ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ اندرا گانڌيءَ جي قتل تي ڪيترن ئي بيگناهه سکن جو خون ڪيو ويو ... جنهن ۾ حڪومت جي ڪارندن به شرپسن عناصرن جي همت افزائي ڪئي. پر بقول ڊاڪٽر علي ابڙو جي ته هتي جي عوام ڪافي حد تائين پنهنجي مهذب هجڻ جو ثبوت ڏنو ۽ ڪوشش ڪئي ته سُڪن سان گڏ آلا نه ٻرن. جن جو ڏوهه آهي انهن کي ئي سزا ڏني وڃي. هر مسلمان يا هر عرب کان بدلو نه ورتو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به ڪيترا جاهل ۽ جذباتي ماڻهو پيا آهن، جن مان ڪيترن ڪاوڙ ۾ اچي شروع وارن ڏينهن ۾ هر ڏاڙهيءَ واري کي مسلمان سمجھي، تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ڪيترا سک به سٽجي پيا. بهرحال گهڻائي انهن ماڻهن جي هئي، جن ائين ڪنهن کي ستائڻ ۾ شرمساري ٿي محسوس ڪئي ۽ هو مسلمان توڙي عربن جو بچاءُ ڪندا رهيا. نديم جوڻيجي جي گهرواريءَ ٻڌايو (۽ اها ڳالهه ٻين به ڪيترن پاڪستانين کان ٻڌم) ته سندن پاڙيسري جيڪي ڪرسچن ۽ يهودي آهن، سي اهڙي موقعي تي هنن وٽ هلي آيا ته “اسين ڪو به فڪر يا ڊپ ڊاءُ نه ڪريون ۽ هو اسانکي هر قسم جي مدد مهيا ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ اسانجو ڪو به نالو نه وٺندو.”
بهرحال ان دعوت ۾ انهن سنجيده ڳالهين سان گڏ ٻيا چرچا ڀوڳ به ٿيندا رهيا.
نيوجرسيءَ جي هڪ اسڪول “ايگلز وڊ ايليمينٽري” جي ڪلاس ٽيچر مسٽر مئڪبيٽ جي ڳالهه پڻ هلندي رهي، جنهن جي خبر اڄ جي اخبار ۾ سڀني پڙهي هئي. ايڪهتر سالن جي للي جنس تبديل ٿيڻ تي جڏهن اسڪول ۾ پڙهائڻ آئي، ته ڪيترن ٻارن جي والدين اعتراض ڪيو ته سندن ٻار جن کي جنس تبديل ٿيڻ جو Concept دماغ ۾ نه آهي، انهن لاءِ مونجھارو پئدا ٿيندو ته وئڪيشن کان اڳ سندن مرد ٽيچر هاڻ اسڪرٽ پائي عورت ٿي آيو آهي. هن اسڪول ۾ KG کان ڇهين ڪلاس تائين ٻار پڙهن ٿا. مئڪبيٽ هڪ سيلزمين هو، جنهن جي شادي ٽيٽيهه سال اڳ ليزا نالي عورت سان ٿي هئي جنهن مان کيس ٽي ٻار به آهن. ڪجهه مهينن کان هن کي جسماني طرح پاڻ ۾ تبديلي محسوس ٿي رهي هئي، ته هو مرد بدران عورت ٿي رهيو آهي. سو موڪلن ۾ سرجري ڪرائي، هن نئين نالي سان اسڪول ۾ نوڪريءَ لاءِ وري درخواست ڏني. هُن اسڪول جي ڪاميٽي ميمبرن ۽ آيل ماڻهن کي ٻڌايو ته “مون کي ٻارن ۽ ٽيچنگ سان پيار آهي ۽ هڪ دفعو وري ڪلاس روم ۾ موٽڻ جي اميد رکان ٿي.”
جيتوڻيڪ ٻارن جي آيل مائٽن مان ڪيترن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ته مسٽر مئڪبيٽ (هاڻي مس للي) ٻارن کي پڙهائي. پر پوءِ هڪ کليل بحث مباحثي ۽ ان بعد مس للي ۽ ان جي وڪيل سان دليل جي ڏي وٺ ڪرڻ بعد اسڪول جي ڪميٽيءَ مس لليءَ جي حق ۾فيصلو ڏنو ته هوءَ هن اسڪول ۾ جتي هوءَ عورت ٿيڻ کان پنج سال اڳ تائين پڙهائيندي رهي بلڪ پڙهائيندو رهيو، پنهنجي نوڪري نئين نالي سان قائم رکي سگهي ٿي.
ڳالهين ڪندي حيدرآباد جي سئنيمائن ۽ هوٽلن جي ڳالهه اچي نڪتي. حيدر آباد اهو شهر آهي جتي اسانجي پڙهيل طبقي جي هر شخص ڪجهه ڏينهن ضرور گهاريا هوندا ۽ پنهنجون يادون سميٽيون هونديون. هن شهر جا سئنيما هال ۽ هوٽلون اسان ماڻهن لاءِ وندر ۽ فرصت جون گهڙيون گهارڻ کان علاوه اهم پناهه گاهه پڻ هيون ... توڙي ڪو کڻي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هجي يا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾. اسان کي به ڪئڊٽ ڪاليج کان ڪنهن آچر تي موڪل ٿيندي هئي ته حيدر آباد جو رُخ رکندا هئاسين. راحت سئنيما، مئجسٽڪ ۽ هڪ مارڪيٽ وٽ سئنيما هوندي هئي، ان ۾ فلمون ڏسندا هئاسين. اسانجي ڪاليج جي بس به اتي بيهندي هئي. حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي لهندا هئاسين ته زميندار هوٽل يا حبيب هوٽل ۾ ماني کائيندا هئاسين، نه ته صدر واري ڪراچي هوٽل ۾. چانهه وغيره لاءِ ڪيفي جارج جهڙيون ايراني هوٽلون وڏي ڳالهه سمجھيون وينديون هيون، جتي اسانجا سنڌي توڙي اڙدو جا اديب، شاعر، ريڊيو تي ڪم ڪندڙ، ڊراما نويس، واپاري، سيٺيون نظر ايندا هئا. هاڻ انهن سئنيمائن ۽ هوٽلن مان هڪ هڪ ٿي بند ٿينديون وڃن. خبر ناهي محمد علي جهڙا نوان اداڪار ڪٿي ويهي صداڪاري ۽ اداڪاري سکن ٿا. خبر ناهي اسان جا شاعر ۽ اديب ۽ ڪاليجن جا شاگرد ڪٿي ويهي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪچهري ڪن ٿا. هن دفعي حيدرآباد جي وچ مان لنگهيس، پر ڪراچي هوٽل نظر نه آئي. اها رسالا روڊ تي ڪنهن هنڌ تي هوندي هئي، جيڪو شايد هاڻ هوش محمد شيدي روڊ سڏجي ٿو. البته صدر جي گهٽين مان گذرندي ميجسٽڪ سئنيمان نظر اچي وئي. ان ئي حالت ۾ هئي.
ڊاڪٽر نور ۽ ڊاڪٽر علي ابڙو شايد ڪنهن سنڌي اخبار ۾ پڙهي آيا هئا ته حيدرآباد جي مشهور ايراني ريسٽورينٽ ڪيفي جارج به ويجھڙائيءَ ۾ بند ٿي وئي آهي. ان بابت مون پڻ انٽرنيٽ تي ڪاوش اخبار ۾ علي حسن ثاقب جو ڪالم پڙهيو هو، ته حيدرآباد ۾ ڪيفي تهران، ڪيفي لبرٽي، ڪيفي يونٽي جيڪي تلڪ چاڙهي وٽ آهن ۽ اتان ويندڙ هڪ گهٽي جي هوٽل ڪيفي ڪورونيشن، صدر ٿاڻي جي سامهون واري ڪيفي مهربان، لطيف آباد ستين نمبر واري ڪيفي آڪسفورڊ، پراڻي شاهين سئنيما جي سامهون ڪيفي سن ويو، هوٽل شيراز، ڪيفي آريا مهر جهڙيون چانهه پيئڻ جون هوٽلون بند ٿيڻ بعد هاڻ حيدرآباد جي مشهور ڪيفي جارج بند ٿي رهي آهي، جيڪا پنجونجاهه سال اڳ کلي هئي.
چانهه جون اهي ننڍيون هوٽلون اڪثر سنڌي اديبن، دانشورن، شاعرن، محققن، سياسي ڪارڪنن ۽ شاگرد اڳواڻن لاءِ اوطاق مثل هيون، ته اردو ڳالهائيندڙن لاءِ بيٺڪ هيون. ڪاٺياواڙي ڪاروباري ماڻهن، دڪاندارن ۽ تاجرن لاءِ ٺيهي جو درجو رکنديون هيون، اهي ٺڪاڻا اهڙا هئا جتي خالي کيسي سان گڏ آيل ماڻهو به ڪلاڪن تائين پنهنجو وقت گپ شپ ۾ گذاريندا هئا ۽ ڪو به ڪنهن تي بار محسوس نه ڪندو هو. انهن هوٽلن ۾ پنهنجي وقت جي مشهور افسانه نگارن افسانا لکيا، ٻڌايا ۽ داد وصول ڪيو. شاعرن غزل، گيت ۽ نظم لکيا، جن کي اڄ به ماڻهن ۾ هڪ قسم جو علمي ذخيرو قرار ڏنو وڃي ٿو.
حيدرآباد ۾ نه آئون ڄايس نپنيس، نه اتي مون تعليم حاصل ڪئي پر حيدرآباد گهمڻ لاءِ جڏهن به ويندو هوس ته طارق اشرف، امرجليل، مدد علي سنڌي، گورنمينٽ ڪاليج جي تنهن ڏينهن جي ليڪچرار هادي بخش ميمڻ، حميد سنڌي، عنايت بلوچ ۽ ٻين اديبن ۽ دوستن سان انهن هوٽلن ۾ ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي هئي. ڇا ته وقت هو، ڇا ته دؤر هو! بقول ڪالم نويس علي حسن جي نظر لڳي وئي يا سرڻ گوشت جو ٽڪر سمجھي کڻي وئي. هاڻي نه اوطاق رهي آ نه ئي بيٺڪ! هاڻ ته اديب ۽ شاعر به ادب ۽ شعر وشاعري بند ڪمرن ۾ اهڙي ريت تخليق ڪرڻ لڳا آهن، جهڙي ريت وڏن وڏن بنگلن ۾ ويهي سياستدان سياست ڪرڻ لڳا آهن. ٻنهي جو عام ماڻهن سان رشتو ٽٽي ويو آهي! اهو رشتو ڇا ٽٽو ماڻهن جواعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي. هڪ هڪ ٿي سڀ هوٽلون بلڊرز جي ور چڙهي ويون آهن. حيدرآباد جي ٽيهن سئنيمائن مان ويهن کي بلڊرز جي نظر ڳڙڪائي وئي. تهذيب ۽ ثقافت گهڻو وقت اڳ ۾ منهن موڙي ويون. هاڻي تفريح به هٿن مان نڪري وئي آهي....