مليحا لوڌي ۽ اشرف جهانگير قاضي به هتي هئا
مليحا لوڌي ايشيا جي پهرين عورت آهي، جيڪا اخبار جي ايڊيٽر ٿي. 1994ع ۾، آمريڪا جي مشهور هفتيوار ٽائيم ميگزين دنيا جا هڪ سؤ اهم ماڻهو چونڊيا هئا، جيڪي هن صديءَ (ايڪهين صديءَ) جي بهتريءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ نمايان ثابت ٿيندا، يعني اهي ٽائيم رسالي جي اسٽڊي ۽ ريسرچ مطابق Global Pacesetters ۽ ليڊر ثابت ٿيندا. مليحا لوڌيءَ جو نالو پڻ انهن ۾ آهي ۽ پاڪستان مان فقط سندس نالو ئي انهن 100 ڄڻن ۾ شامل آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مليحا لوڌي اسانجي ملڪ جي بيحد تعليم يافته، ذهين، ڄاڻو ۽ سمجھدار عورت آهي، جنهن جو مثال ڏئي سگهجي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته اهو ضروري ناهي ته هر فيلڊ ۾ رڳو مرد پنهنجو پاڻ کي قابل سمجهي سگهن ٿا، پر عورتون پڻ اڳيان اڳيان آهن. مليحا لوڌيءَ جي ٽَڪر جون اسانجي ملڪ ۽ معاشري ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي عورتون آهن، جن مان ڪجهه ته آئون به سڃاڻان ٿو، جن کي جيڪڏهن ٻاهران ۽ اعليٰ قسم جي تعليم ملي ها، حالتون سازگار ملن ها يا صحيح وقت تي صحيح موقعا ملي سگهن ها ته هو به دنيا جي نظرن ۾ مليحا وانگر پاڻ ثابت ڪري ڏيکارين ها، انهن ۾ ڪجهه هي آهن: ماهتاب راشدي، مرحوم رضيه بوندري (ڀٽي)” حميرا رحمان، نفيسه هودڀائي، زاهده شيخ، زبيده ميتلو، سلطانا صديقي، نور الهديٰ شاهه، جنت منگهاڻي، سلما لغاري، انيتا شاهه ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جن جا رڳو آئون نالا کڻي سگهان ٿو ۽ جن کان آئون واقف آهيان، اهڙيون ٻيون به اڻ ڳڻيون هونديون، جن کي آئون نٿو سڃاڻان.
واشنگٽن واري پاڪستاني سفارتخاني جي ورانڊي واري ڀت تي لڳل سابق سفيرن جي فوٽن جي قطار، ۾ آخري فوٽو اشرف جهانگير قاضي جو آهي. يعني اڄ ڪلهه جي سفير جنرل جهانگير ڪرامت کان اڳ اشرف قاضي صاحب هو. هاڻ سندس ڀرسان جنرل صاحب جي تصوير لڳندي ... جلدي ملي وٺانس. اسانجا آمريڪا ۾ رهندڙ سفير سواءِ مليحا جي ڏاڍو تڪڙا تبديل ٿيندا رهيا آهن. جيسين آئون هن آمريڪا جي سفر بابت لکان ۽ ڪتاب ڇپجي، تيسين هن ڀت ۾ هڪ ٻن فوٽن جو اضافو ضرور ٿي ويندو. في الحال قاضي صاحب تائين دنگ آهي.
جهانگير اشرف قاضي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ٽوڪيو جپان ۾ ٿي، بلڪه گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهي جي آخري سالن ۾، جڏهن منهنجو جهازن کي جپان وٺي وڃڻ يا جپان ۾ ٺهندڙ نون جهازن جي نظرداري ڪرڻ جي سلسلي ۾، ٽوڪيو ۾ رهڻ ٿيندو هو. ٽوڪيو ۾ اسانجي پاڪستاني ايمبسي ۾ قاضي صاحب قونصلر هو ۽ خيرپور وارو ظفر شيخ صاحب (جيڪو اڄ ڪلهه الجيريا، مالي ۽ موريطانيا جو سفير آهي) سيڪريٽري هوندو هو. اسان جي ملڪ جي نئين جهاز “مالا ڪنڊ” جي لانچنگ Ceremony به قاضي صاحب ڪئي. هو اڪثر اسانجي جهاز تي پنهنجي يورپي زال سان گڏ ايندو هو. قاضي صاحب عمر ۾ مون کان ٻه سالَ کن وڏو ٿيندو، جو هن جو سن پيدائش 1942ع آهي اُن وقت کيس ٻه ٻارَ هُئا.
جهانگير اشرف قاضي ٽوڪيو کان علاوه قاهره، ڪوپن هيگن، طرابلس ۽ لنڊن ۾ مختلف ڊپلومئٽڪ عهدن تي رهيو. پاڻ شام، ايسٽ جرمني، روس ۽ انڊيا جو سفير (ambassador) ٿيڻ بعد سيپٽمبر 2002ع ۾ آمريڪا جو سفير ٿيو. اڄ ڪلهه هو يونائيٽيڊ نيشن جي سيڪريٽري جنرل جو عراق لاءِ خاص نمائندو آهي. هن کان اڳ وارو Sergia Vieria جيئن ئي ڪنال هوٽل واري بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو ته UN جي جنرل سيڪريٽري ڪوفي عنان جولاءِ 2004ع ۾ هن جي جاءِ تي قاضي صاحبَ کي مقرر ڪيو. ڪجهه عرصو اڳ ــــ اها تاريخ به ياد اٿم ــــــ آچر 22 آگسٽ 2004ع واري ڪاوش اخبار ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر صاحب جو هڪ ڪالم پڙهيو هوم، جيڪو تاريخ جي آئيني ۾ بلوچستان جي بلوچن بابت آهي. ان ۾ هن قاضي جهانگير اشرف صاحب جي فئمليءَ جو به ذڪر ڪيو آهي...... “جنرل يحيٰ ڀُٽو خان جي ڏينهن ۾ جڏهن صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊيون ٿيون ته انهن ۾ گهڻائي سان بلوچ قومپرست نواب خير بخش مري، مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ۽ ٻيا کٽي آيا. ان اليڪشن ۾ هڪ خاتون “جينيفر موسيٰ” نالي به قومي اسيمبليءَ جي سيٽ کٽي هئي. اها محترمه نواب خير بخش مريءَ جي سس آهي. اها به قومپرست بلوچن سان گڏ هئي.......
“ڪوئيٽا جي ويجھو ٻه پٺاڻ ڀائر رهندا هئا. انهن جا ميوي جا باغَ هئا. هڪ جو نالو قاضي موسيٰ ۽ ٻئي جو قاضي عيسيٰ هو. ٻئي ڀائر اوائل ۾ ليگي هئا. قاضي موسيٰ ڪنهن ڪم سان آئرلينڊ ويو، اتي هن جي ملاقات جينيفير سان ٿي. جوڙي جي محبت ٿي وئي. هنن شادي ڪئي ۽ پوءِ مائي “جينيفر موسيٰ” بڻجي اچي بلوچستان پهتي. هن جو هڪ پٽ جهانگير اشرف قاضي آهي، جيڪو ڪيترن ملڪن ۾ پاڪستان جو سفير رهڻ بعد هن وقت کيس عراق ۾ اقوام متحده و جو عيوضي ڪري موڪليو ويو آهي......”