ڊاڪٽر خميساڻي ۽ ڊاڪٽر هاليپوٽي جو احوال
ڊاڪٽر سليم خميساڻي 45 سالن کن جو ٿيندو. پاڻ 27 آڪٽوبر 1960ع تي خيرپور ميرس ۾ ڄائو ۽ اتي ئي پي. سي اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1973ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو. انهن ڏينهن ۾ اڄ جو چيف منسٽر ڊاڪٽر ارباب رحيم پڻ ڪئڊٽ هو ۽ سليم کان ٻه سال سينئر هو. سليم ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد انٽر وري ڳوٺان يعني خيرپور جي سپيريئر سائنس ڪاليج مان ڪئي ۽ پوءِ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج (SMC) مان ڊاڪٽري پڙهيو. ان بعد 1992ع ۾ F.C.P.S ڪيائين ۽ 1993ع ۾ هيڏانهن آمريڪا هليو آيو ۽ هاڻ هتي جو شهري آهي. سندس زال به خيرپور جي آهي ۽ سندس ڪزن ٿئي. کيس ڏهن سالن جو پٽ ازمير ۽ ان کان ٻه سال ننڍي ڌيءَ نهال آهي.
ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي سان هتي پهريون دفعو ڳالهه ٻولهه ٿي. “منهنجا ڀائر ۽ والد هميشه توهان جي ڳالهه ڪندا آهن.” ڊاڪٽر مقبول مون سان ملڻ شرط چيو، “اڄ پهريون دفعو ملي رهيا آهيون.”
مون خالد هاشماڻي ۽ انور ميمڻ کي چيو: “ڊاڪٽر مقبول کي خبر ناهي آئون هن سان هي ٻيو دفعو پيو ملان. پهريون دفعو جڏهن آئون مليو هئومانس ته هو فقط ٻن سالن جو هو.” ۽ پوءِ مقبول کي چيم: “تنهنجي ڄم جو سال 1960ع جي لڳ ڀڳ آهي ۽ هينئر توهان پڪ 45 ورهين جا هوندائو.”
“بلڪل صحيح ٿا چئو.” مقبول حيرت مان وراڻيو.
ڊاڪٽر مقبول ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر منور هاليپوٽي ۽ اسانجي ڪلاس ميٽ محمد عالم هاليپوٽي جو ننڍو ڀاءُ آهي. ڊاڪٽر مقبول جو اصل ڳوٺ ٽنڊوالهيار آهي ۽ سندس والد صاحب ڊاڪٽر سائين ڏنو هاليپوٽو ۽ منهنجو والد گل محمد شيخ نه فقط ننڍپڻ کان دوست رهيا، پر ڪيترائي سالَ هڪ ئي شهر ۾ نوڪري ڪيائون. سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو پيءُ ٽنڊو ڄام ۾ وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ ڊاڪٽر سائين ڏنو هاليپوٽو اتي جي سرڪاري اسپتال جو انچارج هو، ته سندن وڏي پٽ عالم ۽ مون ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج عارضي طور ميرپور خاص ۾ هو، جيڪو سال ٻن بعد پيٽارو شفٽ ٿيو. اتي عالم جا ٻه ٻيا ڀائر الهه ڏنو هاليپوٽو ۽ منور هاليپوٽو پڻ آيا، جيڪي اسان کان ٻه سال جونئر ڪلاس ۾ هُئا. 1962ع ۾ جڏهن اسين انٽر ڪري رهيا هئاسين، ته منهنجو والد ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو، جتي ڪجهه مهينا اڳ عالم جو والد پڻ بدلي ٿي پهچي چڪو هو ۽ اسان اونهاري جون موڪلون ٺٽي ۾ مڪليءَ تي گذاريونسين. اُتي اسان جا گهرَ ويجھا ويجھا هُئا ۽ انهن ڏينهن ۾ هي ڊاڪٽر مقبول سال ڏيڍ جو هوندو، جنهن کي اسان ڪڇ تي کڻي گهمائيندا هُئاسين.
عالم هاليپوٽو وارا پاڻ ۾ اٺ ڀائر آهن ۽ ڀيڻ نه اٿن. اسانجو ڪلاس ميٽ محمد عالم سڀ ۾ وڏو ڀاءُ آهي ۽ مقبول سڀني ۾ ننڍو. عالم مهراڻ مان انجنيئرنگ ڪرڻ بعد سعودي عرب جي تيل ڪمپنيءَ ARAMCO ۾ وڏو عرصو نوڪري ڪئي. منهنجي خيالَ ۾ ڏهن سالن کان به مٿي ۽ پوءِ پاڪستان ۾ اچي اينگرو ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيائين. مرحوم الهه ڏني ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد NED مان سول انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ پاڪستان آرمي ۾ انجنيئر ٿي رهيو. نوڪري دوران هن آمريڪا ۾ Structure Engineering ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ آرمي مان ڪئپٽن ٿي رٽائرڊ ٿيڻ بعد پنج ڇهه سال مديني منوره ۾ نوڪري ڪئي. ان بعد هو رسالپور جي ملٽري ڪاليج ۾ پنج ڇهه سال پروفيسر ٿي رهيو. ان دوران سندس والده جي طبيعت ٺيڪ نه رهڻ لڳي، هو ڪراچي اچي پنهنجي ماءُ سان گڏ رهيو. کيس ننڍپڻ کان پنهنجي ماءُ سان بيحد پيار هو. نوڪري دوران به هو هر وقت پنهنجي ماءُ وٽ موڪلون اچي گذاريندو هو. آخري سال ته هن پنهنجي والده جي ڏاڍي خدمت ڪئي. سندس گذاري وڃڻ تي هن کي پنهنجي اباڻي وطن ٽنڊوالهيار دفن ڪري جيئن ئي ڪراچي موٽيو ته هن جي ٽيجھي کان اڳ ئي ڪئپٽن الهه ڏني کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هو اسان کان موڪلائي ويو.
ڊاڪٽر منور هاليپوٽو الهه ڏني کان سال ننڍو آهي پر پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ٻئي ڪلاس ميٽ ٿي رهيا. منور ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ڊو ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪئي، ان بعد انگلئنڊ هليو ويو. پاڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي حوالي سان سنڌ جي مشهور ترين شخصيت ليکيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر منور بعد سندس ٻن ڀائرن: منظور ۽ انور به پنهنجو اباڻو پروفيشن ــ يعني ڊاڪٽري کنئي. ڊاڪٽر منظور پاڪستان جو مشهور اسڪن اسپيشلسٽ آهي ۽ ڊاڪٽر انور ماهر نفسيات آهي. ان بعد اشرف ڳوٺ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ زمينن جو ڪم سنڀالي ٿو. ان بعد امتياز آهي، جيڪو محمد عالم ۽ الهه ڏني وانگر انجنيئر ٿيو. هو پڙهيو به هتان آمريڪا مان ۽ نوڪري به هتي ڪري ٿو. اڄ ڪلهه نيويارڪ جي شهر الباني ۾ رهي ٿو. اسان جو هي ڊاڪٽر مقبول جيڪو سڀ ۾ ننڍو آهي، اهو آمريڪا جي رياست اريزونيا ۾ رهي ٿو، جتي سندس زال فرناز پڻ ڊاڪٽر آهي. ڊان اخبار جي مشهور جرنلسٽ فلڪ ناز هاشمي جي هيءَ ڌيءَ ڊاڪٽر فرناز ۽ ڊاڪٽر مقبول سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان هڪ ئي سال 1986ع ۾ گرئجوئيشن ڪيو. 1988ع ۾ سندن شادي ٿي ۽ پوءِ ٻه ٽي سال جناح اسپتال ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هو 1992ع ۾ هيڏانهن آمريڪا هليا آيا ۽ ان وقت کان هتي رهن ٿا. کين ٻه پُٽَ: وڏو پٽ شاهه مير 15 سالن جو آهي ۽ ننڍو پُٽ ماهمير ڇهن سالن جو آهي.
ماني گهرائڻ مهل ڊاڪٽر مقبول جو هم عمر ۽ دوست ڊاڪٽر سليم خميساڻي کيس چئي رهيو هو ته توهان هن ريسٽورينٽ جي ايراني ماني کائڻ پسند ڪندائو يا اڊلي ڊوسا وغيره.
اڊلي، ڊوسا، اِدي ياپم، امپا ۽ اٿاپام وغيره ڏکڻ هندستان جا روزمره جا عام کاڌا آهن، جيئن اسان وٽ ڀت، اڦراٽو، رٻ وغيره. ڊاڪٽر مقبول جي زال ڊاڪٽر فرناز جو واسطو به ڏکڻ هندستان سان آهي. ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي کان پڇيم ته سندس ساهرا ڏکڻ هندستان جي ڪهڙي زبان ڳالهائين؟ تامل، تيلگو، مليالم يا ڪنهڙ وغيره.
“چئبو ته توهان کي اها خبر آهي. منهنجي زال جي مادري زبان ڪنهڙ آهي.” هن وراڻيو.
“سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ جيڪي مون ڏهه سال کن گذاريا، اتي تنهنجي ساهرن جهڙا سائوٿ انڊين ته هئا پر اڙدو، هندي، گجراتي ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا انڊين اٽي ۾ لوڻ برابر هئا.” مون ٻڌايو مانس ۽ پوءِ ٻين کي چيم ته سائوٿ انڊين جي هڪ ڳالهه واکاڻ جوڳي آهي ته پاڻ ۾ قرب محبت ۾ رهن ٿا. تامل، مليالم، تيلگو ڳالهائڻ وارو چاهي هندو هجي يا مسلمان يا عيسائي، لڳندو ته هڪ ئي گهر جا ڀاتي هجن. ملاڪا، سنگاپور ۽ پينانگ جهڙن شهرن جي ته هڪ ئي گهٽيءَ ۾ سائوٿ انڊين جي مسجد، مندر ۽ تامل چرچ هوندو پر مجال آهي جو هو هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائين. عيد هجي يا ڏياري، ڪرسمس ڊي هجي يا ٿائيپوسام سڀ ويس وڳا پائي، هڪ ٻئي سان ملڻ ويندا ۽ ٻين جي خوشين ۾ خوش ٿيندا.