هيءَ ڊنر چڱي مهانگي پيئي
ڊنر ختم ٿيڻ ۽ اجرڪ پائڻ بعد ٽام ٽانڪريڊو منور کي سندس گهر تائين ڇڏڻ لاءِ چيو: “ان بهاني توسان ڪجهه گهڙيون اڃان به وڌيڪ ڪچهري ٿي ويندي.” هو پارڪنگ جي مسئلي ڪري ٽئڪسي ۾ يا دوست کان لفٽ وٺي ان هوٽل ۾ پهتو هو. الطاف ميمڻ ۽ خالد هاشماڻيءَ گهڻو ئي منور کي چيو ته پنهنجي جنازي جهڙي جَنهر ڪار کي کڻي وڃڻ بدران سندن کڻي وڃي، پر هو خالد مخدوم وانگر مڪمل اعتمادَ سان پنهنجي ڍڳي گاڏي ڪاهي ويو ته پوءِ سندس موٽڻ تائينِ اسين هوٽل جي در ۾ اکيون وجھي ويٺاسين. هوٽل جا بئرا هڪ هڪ ڪري پليٽ ۽ پوءِ گڪلاس کڻي ٽيبل صاف ڪرڻ لڳا، پر منور جو نه پتو نه پار. مانيءَ جو آرڊر به پاڻ ڪيو هئائين ۽ هوٽل جي بئرن کي به پريشاني هئي ته بل جي ادائگي ڪرڻ وارو خاص ماڻهو اهوئي آهي، پر جڏهن ڪافي دير ٿي وئي ته هوٽل جو ڪئشير بل وارو فائيل کڻي اسان جي ٽيبل کي چڪر هڻڻ لڳو. ماما جمونءَ چيو، “لڳي ٿو منور کي بل ناهي ڏيڻو.”
“ان جو ته في الحال فڪر ناهي.” ڊاڪٽر الطاف ڪئشير کان بل وٺي پنهنجو ٻٽون کوليندي چيو، “اسانکي رڳو اهو آهي ته ڪٿي واشنگٽن جي ڪنهن مين روڊ تي منور جي ڪار نه بيهي ويئي هجي.”
“پوءِ منور ٽام ٽانڪريدو کي اسٽرينگ ويل تي ويهاري ڪار کي پاڻ ڌڪو ڏيئي پاسي تي ڪندو.” خالد هاشماڻيءَ چيو.
“موٽر سائيڪل هجي ها ته پوءِ مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي.” الطاف چيو، “منور ۾ ايتري ڪٿي آهي طاقت جو ڪار کي ڌڪو ڏئي سگهي. ان ڪم لاءِ معزز مهمان کي ئي سورن ۾ وڌو هوندائين.”
اسان چرچا ڀوڳ ڪري رهيا هئاسين ته اتي منور منهن ڪڍيو. سڀني دير جو سبب پُڇيو. خبر پيئي ته ٽانڪريدو جي چوڻ تي هو هن وٽ ڪافي پيئڻ لاءِ ترسي پيو هو.
بهرحال منور جي ڪار ايستائين ته خراب نه ٿي، پر هوٽل مان نڪري جڏهن هو حميرا ۽ مونکي کڻي موٽڻ لڳو ته سندس ڪار جو ٽائر ضرور پنڪچر ٿي پيو، جنهن جو احوال شروع ۾ ڪنهن هنڌ ڪري چڪو آهيان.
هن ڊنر بعد، جنهن جي خبر انٽرنيٽ ذريعي SANA ۽ WSI جي گروپ ميل ذريعي آمريڪا ۾ رهندڙ پنهنجن پراون کي يڪدم پئجي ويئي. ڪيترائي WSI جا ميمبر فون ذريعي يا روبرو منور سنا شڪايتون ڪندا رهيا ته هن کين ڇو نه سڏايو. هو به کڻي ڊنر جو Share ڏين ها. ڪجهه کي ته اهو به اعتراض هو ته هن ڪانگريس مئن جو Immigrants لاءِ رويو صحيح ناهي، جنهن جي جواب ۾ ڊنر کائيندڙ اهو چئي ٻين کي Convince ڪري رهيا هئا، ته ٽانڪريڊو جي اهائي ته ڳالهه اسان کي پسند آهي، ته هو غير قانوني لڏ پلاڻ کي پسند نٿو ڪري، جو اها شيءِ ڏوهن جو سبب بڻجي ٿي ۽ ڏٺو وڃي ته اسانجي ملڪ پاڪستان ۾ به ۽ خاص ڪري ڏاکڻي صوبي (سنڌ) ۾ غير قانوني طور آيل ڌارين ماڻهن صوبي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن.
بهرحال ٽن چئن ڏينهن بعد وڃي شڪوهه شڪايتون ۽ فونن جون گهنٽيون بند ٿيون ۽ ان کانپوءِ اڃا ڏينهن ٻه به ڪو مس سڪون جي گذريو ته منور مٿان اچي شامت ڪڙڪي ۽ غريب دڙڪن هيٺ اچي ويو. ٿيو ڇا جو ٽام ٽانڪريڊو جيڪو ريڊيو ۽ ٽي وي تي به اڪثر ايندو رهي ٿو، تنهن جو اوورلئنڊ “ٽاڪ ـــ ريڊيو اسٽيشن” AM50_WFLA تان هڪ انٽرويو نشر ٿيو، جنهن ۾ سوال پڇندڙ نائن اليون واري حادثي جي حوالي سان هن کان جڏهن بار بار پڇيو ته مسلمان هيئن اسانجي ملڪ ۾ اچيو اسانجا ماڻهو ۽ عمارتون تباهه ڪريو وڃن.
“هاڻ هو هرگز نه ڪري سگهندا. اسين الرٽ آهيون.” هن جواب ڏنو.
“پر فرض ڪريو مسلمان اسان جي شهرن تي نيوڪليئر (ائٽم بم) سان حملو ڪن ته پوءِ؟”
“جيڪڏهن ثابت ٿي ٿو وڃي ته اسان به هنن جي پاڪ شهرن تي حملو ڪنداسين.” ٽام ٽانڪريدو چيو ۽ بعد ۾ اهو ئي چيو ته هن جو اهڙي جواب ڏيڻ سان مطلب مليل Threat کي retaliate ڪرڻ هو.
بهرحال جيڪي ڪجهه چيو سو ٽام ٽانڪريڊو چيو، جنهن جو جوابدار به هو هجڻ کپي، پر هيڏانهن اسان وارا يار منور تي بگڙي پيا. منور جي فلئٽ جو فون جنهن کي نه وڄڻ ڪري ٻن ڏينهن کان زنگ لڳي رهيو هو، ان جون هڪ دفعو وري صبح شامَ گهنٽيون وڄڻ لڳيون. منور پاڻ ته سڄو ڏينهن آفيس بلي يا شامَ جو ماڻهن جي ڪمن پويان، فلئٽ تي موجود نجم ميمڻ يا آئون فون کڻون ته هر اهو ماڻهو جيڪو هي ڊنر ۾ شامل نه هو، اهو منور ۽ ان جي سنگتين تي چڙ پيو ڏيکاري (اهو به شڪر جو منهنجي ۽ حميرا جي گهڻن کي خبر نه هئي ته ان ڊنر ۾ بنا Share ڏيڻ جي ٻه مهمان، هڪ ڪئناڊا کان ۽ هڪ هالا کان به هو) دل ۾ چيم ته منور ۽ سندس ساٿين کي هيءَ ڊنر چڱي مهانگي پئي.