حيدرآباد نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڏو ۽ ماڊرن هو
1492ع کان 1500ع تائين اسپين جي راڻيءَ طرفان ڪولمبس آمريڪا جا ٻه چار چڪر هنيا. ڪجهه ماڻهو اتي پهچايا، ڪجهه اتي جا ريڊ انڊين نموني خاطر اسپين ۾ آندائين ۽ ان سان گڏ نئين دنيا جون دلچسپ خبرون جن کي ٻڌي پورچوگالي، فرينچ ۽ ٻيا يورپين ۽ انگريز آمريڪا روانا ٿيا. ڪَلَ وارا جهاز اڃان ايجاد نه ٿيا هئا. سڙهن (Sails) تي هلندڙ ٻيڙا هفتن بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي آمريڪا پهچندا هئا. ان اڻانگي سفر ۾ ڪيترائي جهازي بک ۽ بيماريءَ سبب مري ويا ٿي. خراب سمنڊ، خوفناڪ ڇولين ۽ طوفانن جي سَٽَ نه سهي، جهازين سميت جهاز ٻڏي ويا ٿي. پهريان هڪ سؤ سال ته رڳو اچ وڃ لڳي رهي. يورپ جون قومون آمريڪا پهتيون ٿي جيڪي ڪجهه مال ملڪيت، سون، عاج ۽ قيمتي ڌاتو حاصل ڪري سگهيون ٿي، اهي کڻي واپس پنهنجي يورپي ملڪ ۾ خوشحالي جي زندگي گذاريائون ٿي. ان بعد آهستي آهستي هر يورپي ملڪ آمريڪا تي ليڪو ڪڍندو ويو ته هي حصو اسان اسپين وارن جو ٿيو، هي حصو اسان پورچوگالين جو ٿيو، هي فرنيچن جو ٿيو ۽ گهرو زندگي گذارڻ ۽ رهي پوڻ لاءِ هو پنهنجي ملڪ جون زالون ۽ پورهئي مزدوريءَ لاءِ آفريڪي شيدي ساڻ کڻي آمريڪا پهچڻ لڳا. ڪٿي ڪٿي مڪاني ۽ اصل رهندڙ ريڊ انڊين کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، ڪٿي جنگيون هليون، جن ۾ هنن يورپين ۽ انگريزن ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي، بندوقن جو استعمال ڪيو ته ڪٿي ڪٿي ريڊ انڊين کي بُل لڳو ٿي ته هنن گورن يورپين کي ٽهڪيل پاڻيءَ جي ديڳ ۾ رڌي ڪچو کائي ڇڏيو ٿي.
مڪاني ماڻهن کي قبضي ۾ آڻڻ بعد، هنن لڏي آيل يورپين جا پنهنجي ملڪ جي حڪومت سان سالن تائين جھيڙا هليا، جو يورپ جي هر حڪومت چاهيو ٿي ته هن جي قوم جا ماڻهو جيڪي آمريڪا ۾ عيش ڪري رهيا آهن ۽ وڃن مالُ ڦَٻائيندا، ان جو هڪ حصو ٽئڪس طور يورپ موڪلين. پهرين ته ائين ئي ٿيندو رهيو، پر پوءِ جڏهن هي آمريڪا ۾ آيل نوان Settler ڏندين ڏاند ٿيا ته پوءِ پنهنجين حڪومتن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻي پار کان آڱوٺو ڏيکارڻ لڳا.
پنهنجن ملڪن جي حڪومتن مان جان ڇڏائي، پوءِ هنن پنهنجو پاڻ ۾ ٻک وڌا ۽ ڪي سال نئين ملڪ ۾ هٿ ڪيل زمينن تان وڙهندا رهيا ته ڪنهن جي حد ڪٿان کان ڪيستائين هئڻ کپي ۽ پوءِ جڏهن انهن سڀني ڳالهين جا فيصلا ٿي ويا ته پوءِ پنهنجن نالن پٺيان دهلوي، لکنوي، ٺٽوي، لاهوري، يعني انگلينڊ فرانس، اسپين، اٽلي جا رهاڪو سڏائڻ بدران سڀ پاڻ کي آمريڪن سڏائڻ لڳا. آئين ٺاهيائون ۽ پنهنجو جڏهن پهريون صدر چونڊيائون ته اهو سال 1789ع هو. يعني تقريبن ٻه سؤ سال کين نئين ڌرتي تي ٺهي ٺڪي رهڻ ۾ لڳي ويا. سمجھو ته 1500ع تائين ڪولمبس هي نئون ملڪ ڳولهي خبر عام ڪئي ۽ يورپين آهستي آهستي ٿي آمريڪا ڪوچ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پهريون ڪامياب ڪالوني انگريزن سن 1607ع ۾ ورجينيا ۾ ٺاهي ۽ پوءِ ٻين به رهڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجن پراون سان جھيڙا جھٽا ڪري 1789ع ۾ جارج واشنگٽن صدر چونڊيائون ۽ ملڪ جون حدون مقرر ڪيائون، جو کين انگلينڊ، فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن طرفان آزادي يا خودمختياري ئي 1783ع ۾ Treaty of Paris (پئرس عهدنامي) موجب ملي. ان حِساب سان ڏٺو وڃي ته هي ملڪ USA سياست، تاريخ ۽ ڪلچر جي لحاظ کان ٻه يا سوا ٻه سئو سال ڪو مس پُراڻو آهي. يعني شاهه لطيف جي وفات 1752ع ۾ ٿي، ان کانپوءِ 30 سال رکي، آمريڪا (USA) وجود ۾ آيو. يعني انهن ڏينهن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي حيدرآباد، نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڏي ۽ ماڊرن هئي. حيدرآباد ته ڇا مخدوم ميان محمد جو ٻڌايل ڳوٺ مرتضيٰ آباد (جيڪو پوءِ هالا پراڻا سڏيو ويو) نيويارڪ جي بندرگاهه کان وڏو هو، جِتان ٻيڙا ڏينهن رات ملتان ۽ ٺٽي ڏي روانا ٿيا ٿي. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا تمام تکي ۽ گهڻي ترقي ڪئي. يورپ انگلينڊ جي قابل واپارين ۽ سائنسدانن ۽ آفريڪا جي پورهيت ۽ پهلوان شيدين، هن ملڪ کي ٻه سؤ سالن اندر خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي وڃي بيهاريو.
آمريڪا جي تاريخ تي جي مٿاڇري نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته هي ملڪ (USA) يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن جي ڀانت ڀانت ماڻهن ٺاهيو، پر ان تي پاڻ حڪومت ڪرڻ جي کين آزادي 1783ع ۾ ملي. 1789ع ۾ ملڪ جو پهريون صدر جارج واشنگٽن ٿيو ۽ پوءِ به سچي ڳالهه ته اها آهي ته هڪ سؤ سال کن آمريڪا ائگريڪلچر (زراعت) مان ئي ڪمائيندو رهيو. صحيح معنيٰ ۾ جي ڏٺو وڃي ته آمريڪا اوڻهين صدي جي ٻي اڌ کان وٺي وڏي ترقي ڪئي. ملڪ جو سورهون صدر ابراهم لنڪن جنهن ملڪ ۾ غلامي ختم ڪري، ملڪ ۾ رهندڙ شيدين کي برابر جا حق ڏنا، کيس 1865ع ۾ قتل ڪيو ويو. ان بعد ائنڊريو صدر ٿيو. بهرحال اوڻهين صدي جي هن اڌ کان آمريڪا ۾ ائگريڪلچر سان گڏ انڊسٽريل انقلاب به آيو. پهريون ٽرانس ڪانٽينينٽل ريل روڊ 1869ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ سن 1900ع تائين (USA آمريڪا) ۾ ريل جو مفاصلو سڄي يورپ جي ريل کان وڌي ويو هو. ٻاڦ جي انجڻ ۽ ان بعد پيٽرول ۽ ڊيزل جي انجڻ به ايجاد ٿي وئي ۽ آمريڪا ۾ پيٽرول جي انڊسٽري خوشحال ٿي و ئي. اسٽئنڊرڊ آئل ڪمپني جو مالڪ جان راڪ فيلر آمريڪا جي امير ترين ماڻهن مان ڳڻجڻ لڳو. ائنڊريو ڪارنيگي، جيڪو اسڪاٽلينڊ جو هڪڙو مسڪين پورهيت هو، اهو رُڪ جي ڪارخانن جو ڄڻ ته شهنشاهه ٿي ويو. ٽيڪساز، لوزيانا ۽ ڏکڻ جون ٻيون رياستون ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ اڳيان وڌي ويون. گوشت پئڪ ڪرڻ جي ڪارخانن ۾ شڪاگو جهڙا شهر اڳيان نڪري آيا. اليڪٽرڪ سٽي، بلبن، گراموفون، وائرليس، ٽرانسفر ۽ موشن پڪچرز جي ايجادن مان آمريڪا وڏو فائدو ورتو. هنن وٽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هئا. ڊاڪٽر ۽ سائنٽسٽ هئا. اسپتالون ۽ يونيورسٽيون هيون، پورهيت ۽ مزدور هئا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪچو مال اڻ ميو هيو. ويا بهتر کان بهتر شيءِ ٺاهيندا ۽ ايڪسپورٽ ڪندا. جپانين کان به گهڻو گهڻو اڳ هنن ڪَل جا جهاز ٺاهي ورتا. آرڪيٽيڪٽ لوئس سليوان اسٽيل لوهه جا فريم ٺاهي، گهڻ ماڙ عمارتون جوڙي ورتيون. پليون ۽ ريل گاڏيون ٺاهي ورتائون. جپانين ۽ جرمنين کي به خبر نه پئي ته آمريڪن ماٺ ماٺ ۾ ائٽم بم جهڙيون خطرناڪ شيون به ٺاهي ڇڏيون آهن، نه ته هنن سمجھيو ٿي ته آمريڪي اهي جاهل وڏيرا آهن، جن وٽ ملڪ جون زمينون ڀليون هجڻ ڪري زمينداريءَ مان پئسو ته اچي ويو آهي، پر تعليم ۽ عقل نه اٿن. سو پرل هاربر تي جپانين پنهنجن خودڪش حملو ڪندڙ ڪامي ڪازي پائلٽن ذريعي آمريڪي ٻيڙو تباهه ڪري، پنهنجي ئي پٺي پئي ٺپري ته آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي ڀينگ ڪري کين هوش ۾ آڻي ڇڏيو.